• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پهاڪن جي پيڙهه : ڀيرومل مهرچند

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب پهاڪن جي پيڙهه دوستن اڳيان حاضر آهي۔

ڀيرومل مهر چند جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي ۽ سنڌ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي۔ سندس مهربانيون۔

ڪتاب مان چونڊ :


اٽوکاڌو ڪُئي، مار پيئي گابي تي.

بنياد:

هڪڙو ڪئو ، ڪنهن ماڻھوءَ جو اٽو کائي، پوءِ ٿورو اٽوسندس گابي جي ٻوٿ کي لائي وڃي پنھنجي ٻِرَ ۾ لڪو.
ڪنھن وقت گهر جو مالڪ آيو ۽ گابي جي ٻوٿ کي اٽو لڳل ڏسي، ڀانيائين ته اٽوگابي کاڌو آهي سو يڪدم
ڪاوڙجي هن تي لٺين جو وسڪارو لاتائين.

انھيءَ آکاڻيءَ تان اهو پھاڪو چوڻ ۾ آيو ۽ ڪم تڏهن آڻبو آهي، جڏهن هڪڙي جي ڏوهه لاءِ ٻيو جٺ پرائيندو
آهي.



 
واهه واهه ٿي وئي، اصل وڏڙن کان اهڙا پهاڪا انهنجي ڳالهين منجهه ٻڌندا رهندا هئا سين، هڪ هڪ ڪري اسان جا وڏڙا به ڌڻي در وڃي رسيا هاڻ ڪو شش ڪبي ته اهي پهاڪا پنهنجي ٻولي ۾ شامل ڪري عام استعمال ڪبا ته جئين اسان جا ايندڙ ٻارڙا اهو ڪجهه سکي وٺن، جئين اسان پنهنجن وڏن کان ڪجهه سکيو۔ انهن پهاڪن جي آڌار تي۔
 
”‫اڱر ﻛﻮﺳﺎ ﺗﻪ ﻫﭣ ﺳﺎڙﻳﻦ، ﺟﻲ ﭤﮅا ﺗﻪ ﻫﭣ ﻛﺎرا ﻛﻦ.“
‫ﻫﻲُء ﭘﮭﺎﻛﻮ ﺣﺎﻟﺖ ڏﺳﻲ ﭼﻴﻮ اﭤﻦ. ﭨﺎﻧﮉو ﻫﭣ ۾ ﮐﮣﺒﻮ ﺗﻪ ﻫﭣ ﺳﮍﻧﺪو ۽ ﺟﻲ ﭨﺎﻧﺪو وﺳﺎﺋﻲ ﭤﮅو اﮜﺮ ﻛﺮي ﮐﮣﺒﻮ ﺗﻪ ﻫﭣ‬​
‫ﮐﻲ ﻛﺎرﻧﮭﻦ ﻟﮙﻨﺪي.‬
‫ﻣﺮاد ﺗﻪ ﺑﮁﮍو ﻣﺎﮢﮭﻮ، ﻧﻪ دوﺳﺖ ﭼﮝﻮ ﻧﻪ دﺷﻤﻦ ﭼﮝﻮ. اﻫﮍي ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ، ﺟﮭﮍي ﻛﺘﻲ ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ.‬
‫ُ‬
‫ﺳﻤﻦ ﭘﺮﻳﺖ ﺳﻮان ﻛﻲ، دوﻧﻮن ﺑﺎﺗﻴﻦ دک،‬
‫ﮐﻴﺠﻲ ﺗﻪ ﻛﺎﭨﻲ ﭘﺎﺋﻮن، رﻳﺠﻬﻲ ﺗﻪ ﭼﺎﭨﻲ ﻣﮏ.‬
‫ﻳﻌﻨﻲ ﻛﺘﻮ ﺟﻲ ﻛﺎوڙﺑﻮ ﺗﻪ ﭴﻨﮕﻬﻪ ﭰﺎڙﻳﻨﺪو ۽ ﺟﻲ رﻳﺠﻬﻨﺪو ﺗﻪ اﭼﻲ ﻣﻨﮭﻦ ﭼﭩﻴﻨﺪو.‬
 
Back
Top