آمريڪا پاران خيرپور جي هڪ سنڌي نوجوان کي ينگسٽر سائنٽسٽ جو ايوارڊ ڏنو ويو

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي نوجوان آغا وقار کي ڏاڍي خراب نموني سان رسوا ڪيو ويو۔ سندس ڪم کي مڃتا ملڻ بجاء کيس خبر ناهي ڪهڙا لفظ ڏنا ويا۔ پر هڪ دفعو وري خيرپور جي ميٽرڪ جي هڪ نوجوان سائنسدان پنهنجي پاڻ کي مڃرايو آهي ۽ آمريڪا پاران کيس اسڪالرشپ ڏيڻ سان گڏ ينگسٽر سائنٽسٽ جو ايوارڊ به ڏنو ويو۔

    آمريڪا طرفان نوجوان سائنسدان جو ايوارڊ ڏنل خيرپور واسي شاگرد گهر پهتو ؛ شاندار آجيان

    ڏهين ڪلاس جي شاداب رسول ٻرڙو صنعتي دنيا کي وائرس ۽ زهريلي گدلاڻ کان بچائڻ تي تحقيق ڪئي جديد طرز جو پراجيڪٽ ٺاهڻ تي اسٽيٽ يونيورسٽي آف نيو يارڪ آمريڪا گهرايو ۽ تجربا ڪرايا تجربا ڪامياب ٿيڻ تي شاداب ٻرڙو ينگسٽر سائنٽسٽ جو ايوارڊ ماڻيو اڍائي لک ڊالر اسڪالرشپ به منظور.

    مهنجي نئين تحقيق سان ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي پيئڻ لائق بڻجي ويندو ؛ شاداب



    [​IMG]
     
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    خيرپور جي نوجوان شاداب کي اسين مبارڪباد ڏيون ٿا سائنٽسٽ جي لقب ملڻ تي۔
    الله پاڪ شاداب کي اڄا وڌيق طرقي نصيب ڪري۔

    ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جي سنڌ ٽيلينٽ سان ڀري پئي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته وري هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ويرين جي منهن تي چماٽ لڳي وئي ته سنڌ ۾ ڪيترو ٽيلينٽ موجود آهي۔ اسان فخر وچان اهو چئي سگهون ٿا ته سنڌ ۾ هڪ نوجوان سائنسدان موجود آهي جيڪو دنيا کي گدلاڻ کان بچائي رکڻ لا تحقيق ۾ ڪاميابي ماڻي آهي۔ جنهن سان دنيا ۾ صنعتي گدلاڻ کان بچي سگهجي ٿو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو