زاهد سومرو
سينيئر رڪن

استاد گلزار علي خان
ڪلاسيڪل راڳ جو سهڻو سٻاجهڙو انسان گلزار علي خان ولد محمد مراد ذات دايو تاريخ 5 جولاءِ 1938ع تي ڳوٺ ديهات لڳ خانواهڻ تعلقو ڪنڊيارو هاڻوڪي نوشهرو فيروز ضلعي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پڻ پنهنجي علائقي جو مشهور ڳائڻو ۽ موسيقار هو. استاد گلزار علي خان پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي پر موسيقي ڏانهن دلچسپي هئڻ سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سندس خاندان لاڙڪاڻي لڏي آيو. استاد گلزار ٻارنهن سالن جي ڄمار ۾ موسيقي جي ابتدائي ڄاڻ پنهنجي والد استاد محمد مراد خان کان حاصل ڪئي بعد ۾ لاڙڪاڻي شهر جي موسيقي بابت ڪتاب لکندڙ مشهور استاد مهر علي خان وٽ سال شاگردي ۾ رهي پنهنجي فن ۽ ڪلام کي جلا بخشڻ لاءِ وس ڪيا. هن مڻيادار مٺڙي ماڻهوءَ موسيقي جي عشق ڏانهن پير پائيندي راڳ کي پنهنجي روح لاءِ راحت ۽ وجود لاءِ بقا جو درجو ڏنو اهوئي سبب آهي جو هو 1963ع کان 1970ع تائين لڳاتار ست سال سنڌ ۾ ڪلاسيڪل راڳ جو بادشاهه ۽ فن جي ديوتا استاد منظور علي خان جي ڳوٺ ٽنڊو آدم ۾ موسيقي جي مندر ۾ موجود مورتي جي پوڄا ڪندو رهيو. هن پنهنجي وجود کي راڳ جي رمزن ۾ فنا ڪري ڇڏيو ۽ وڏي چاهت سان ڪلاسيڪل راڳ جو بادشاهه وٽان ملندڙ فيض مان هيرا موتي ميڙيندو رهيو. هن پنهنجي عقيدت ۽ احترام سبب استاد منظور علي خان جي دل ۾ جڳهه بڻائي. استاد به پنهنجي سڀني شاگردن مان ساڻس وڏي محبت ۽ پيار ڪندو هو نه صرف سندس ادب عقيدت پر راڳ کي به پسند ڪندو هو. استاد گلزار ڪيترن محفلن ۾ استاد منظور علي خان سان گڏجي به ڳايو. استاد پنهنجي شاگرد کي محفلن ۾ داد ۽ شاباس ڏيندو هو. سندس راڳ ٻڌڻ ۽ الاپ ڏسڻ وارا چوندا ها ته سنڌ ۾ ڪلاسيڪل راڳ جي انفراديت ۽ پختگي وٽس موجود آهي ۽ ڪلاسيڪل راڳ اڃا زندهه آهي. استاد منظور علي خان استائين به چيو ته منهنجي وڃڻ کانپوءِ منهنجو راڳ اوهان کي گلزار علي خان ٻڌائيندو.
استاد گلزار علي خان تعليمي لحاظ کان ته نان مئٽرڪ هو پر موسيقي جي تعليم ۾ استاد جو درجو حاصل هيس. راڳ ڀوپالي ۽ ڀيروي کانسواءِ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل غزل يا قومي گيت ڳائڻ ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس فني قابليت کي ڏسندي شهر جي راڳ دوست حڪام ٽائون هال جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڪمرو استاد گلزار علي خان کي ڏئي ڇڏيو هو. جتي بنا ڪنهن لالچ جي ڪيترن ئي شاگردن کي فن جي سکيا ڏيندي فيض عام ڪيائين. هن ميوزيڪل اسڪول ۾ وٽس اڄ جا مشهور نوجوان راڳي غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، اسلم تنيو، عبدالغفور سومرو، حميد راڄپر ۽ ٻيا فن جي درياهه ۾ ٽٻيون هڻي موتي ڳولهي مالامال ٿيا.
سال 1955ع ۾ استاد گلزار جي سريلي آواز جي جهونگار کان متاثر ٿي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن کيس ريڊيو تي موقعو ڏنو ته هن جي مڌر مست آواز سڄي سنڌ ۾ ماڻهن جي ڪنن، دل، دماغ تائين پهتو. پوءِ ٽي وي تان به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهائيائين. هي کلڻو ملڻو خوش طبع ماڻهو سڄي سنڌ ۾ لطيف سرڪار جي منعقد ٿيندڙ ورسين ۾ بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي وڏي عقيدت وچان حاضري ڀريندو هو. نه صرف ايترو پر شادين ۽ ٻين ذاتي تقريبن ۾ به ليکو ڪونه ڪندو هو. بس وٽس مقصد ڪلاسيڪل راڳ کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ هوندو هو. استاد محفلن ۾ ويٺلن کي پنهنجي راڳ ۽ رمزن ۾ مست ڪري، خاموشي جو سحر طاري ڪرڻ يا پنهنجي مخصوص پلٽن جي رواني سان پنڊال کي بيخود ڪري ديوانه وار جهومڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، ماڻهن جي دلين ۾ گهري وڃڻ، دماغ تي اثر ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ ۽ فن رکندو هو. استاد گلزار علي خان پنهنجو هڪ ڪتاب ”اسان جي موسيقي“ به لکيو جيڪو ڇپائي جي مرحلي ۾ هو.
ڏات جو خزانو هو. ان جو هڪ حصو به ڪيش ڪرائي نه سگهيو. لاڙڪاڻي سان محبت ڪري هن فنڪار وڏو نقصان ماڻيو. ڪاش هو ڪراچي يا حيدرآباد ۾ رهي ها ته پنهنجي فن آهر مڃتا ماڻي ها. سال 1975ع ۾ هن کي بڪين جي تڪليف شروع ٿي پوءِ ٻه دفعا فالج جي حملي سال 1990ع ۾ استاد کي وڏي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. بيماري سبب حالت گهڻي خراب ته وري غربت مفلسي ڪري بستري حوالي ٿيو. اسان جو سماج جيڪو چلهه تي سو دل تي چواڻي مطابق آهي. ڪجهه دوستن کانسواءِ ڪنهن به هن ڏي مدد لاءِ قدم ڪونه وڌايو. سرڪار به چار پنج سوماهوار وظيفو مقرر ڪيو.
شروع ۾ ريڊيو خيرپور انتظاميه کيس عارضي طرح ڪمپوزر به ڪري رکيو . پر ڪڏهن گهرائن ڪڏهن ڪونه واري ريت رسم جي ور چڙهيل رهيو. آخري زندگي جا پورا ٻه سال وڏي تڪليف ۽ پريشاني ۾ گذاريائين. استاد کي زندگي ۾ ثقافت کاتي پاران ڀٽ شاهه تي هر سال ملندڙ لطيف ايوارڊ ماڻڻ جي وڏي حسرت هئي پر شايد سنڌ جي مهان ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جي پهريون نمبر شاگردي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ ۽ پياري شاگرد جي پنجٽيهه سال ڪلاسيڪل راڳ جي الاپ ۽ خدمت به ڀٽ شاهه ادبي ڪميٽي وٽ ”لطيف ايوارڊ“ لاءَ اهليت ماڻي نه سگهي.
استاد گلزار علي خان جا ڪلام ” مان دل جو ڳجهيون ڳالهيون ڀلا توکي نه چوان ته ڪنهن کي چوان“. ”تون آن باغ حسن جو“. ”جتي به شوق پورو شباب ايندو آ اتي ضرور انقلاب ايندو آ“. کانسواءِ ٻڍل فقير جي شاعري ۾ ”محب مئيءَ جي گهر آيو” تمام گهڻا مشهور ۽ سدا بهار آهن.
استاد گلزار ٻه شاديون ڪيون پهرين 1960ع ۽ بي 1975ع ۾. پوئين زال مان ٻه پٽ مظهر علي ۽ اظهر علي کانسواءِ چار نياڻيون صنم، افشان، ارم، ۽ ڪرن اٿس.
هي خوبصورت سرن جو خالق، محبتي ڪلاڪار اسان کان تاريخ 23 سيمپٽمبر 1992ع تي هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. کيس اباڻي ڳوٺ ديهات ۾ دفنايو ويو.
ورتل ڪتاب ”لاڙڪاڻو امر شخصيتون“، ليکڪ عبدالستار ڀٽي