ثاقب ابڙو : آواز جي دنيا جو اڀرندڙ نالو (سالگرهه جي مناسبت سان)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت سٿ پاران ريڊيو ، ٽي وي ۽ اسٽيج جي نوجوان ۽ ناليواري ڪمپيئر ۽ پياري دوست ثاقب ابڙو کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔

    ****

    ثاقب ابڙو : آواز جي دنيا جو اڀرندڙ نالو (سالگرهه جي مناسبت سان)
    محمد سليمان وساڻ

    ريڊيو جي حوالي سان جڏهن به ڳالهه نڪرندي آهي ته نوجوان ۽ با صلاحيت ڪمپيئر ثاقب ابڙو کي ضرور ياد ڪيو ويندو آهي. ثاقب ابڙو جو تعلق سنڌ جي علمي ادبي ۽ ثقافتي مخزن هالا نوان ( نوح جي نگري ) ۾ وسندڙ مشهور و معروف ابڙا خاندان سان آهي. اٺن سالن کان براڊڪاسٽنگ جي دنيا ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيندڙ، سنڌ جي نوجوان لڏي جو سرواڻ ڪمپيئر ثاقب ابڙو ناليواري شاعر ۽ اديب ابڙو عبدالرئوف منصور ويراڳي جو ڀائيٽيو ۽ رٽائرڊ ڊي ڊي او ريوينيو ۽ شاعر ابڙو عبدالرشيد ”رشيد هالائي“ جو چشم و چراغ آهي . سندس جنم 5 سيپٽيمبر 1980 تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن پرائمري کان انٽرميڊيٽ تائين جي تعليم ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اڪانامڪس ۽ پرسٽن يونيورسٽي ڪراچي مان مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اڄڪلهه پاڻ زيبسٽ ڪراچي مان سوشل سائنس ۾ ايم فِل ڪري رهيو آهي جتي سندس تحقيق جو موضوع ” ڪميونٽي ريڊيو “ آهي.

    ريڊيو جي دنيا سان سندس وابستگي سال 2004 کان جُڙي جڏهن حيدرآباد جي هوائن ۾ ايف ايم 105 ريڊيو چئنل پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو ۽ کيس ناليواري شاعر ۽ براڊڪاسٽر محترم عنايت بلوچ صاحب آڊيشن ۾ ڪامياب قرار ڏيئي فوري طور پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ همٿايو. ثاقب ابڙو کي پهرين ريڊيو پروگرام ” ڳاءِ بانورا ڳاءِ “ ۾ حيدرآباد ۽ پسگردائي جي وسندين مان ايتري مقبوليت ملي جو ايف ايم 105 جي منتظمين کيس هڪ ٻئي پٺيان نوان پروگرام پيش ڪرڻ جي لاءِ مڪمل سهڪار ڪيو. ريڊيو پروگرام مرڪ ملهار ۾ ڏاڏي ٻيڻي خان جو ڪردار ، اسٽار گيليڪسي ۾ ناليوارن فنڪارن جاانٽرويوز ۽ سُرن ورکا جو نه ٽٽندڙ سلسو ۽ ٻين ڪيترن ئي تخليقي ۽ منفرد تجربن جا پروگرام پيش ڪرڻ تي هن لاءِ ٽي وي جا دروازا کليا. 2005 ۾ ڪي ٽي اين جي هفتيوار پروگرام اوهانجي راءِ پروگرام ڊائريڪٽر ظلِ هما ميزباني جا فرائض ثاقب ابڙو ۽ ثمرين شاد کي ڏنا، تنهن بعد دنيا جي پهرئين سيٽلائيٽ سنڌي ميوزڪ ٽي وي چئنل ڪشش تان ثاقب ابڙو جي ميزباني هيٺ ”رنگن ڀري دنيا“ ۽ ” اندازِ بيان “ پيش ٿيا، جنهن جا ڊائريڪٽرز ساجد جوکيو ۽ محمد شريف ڀٽو هيا. اڄڪلهه ثاقب ابڙو جي ميزباني هيٺ شعر و شاعري تي ٻڌل نئون پروگرام ” سُرَن وَرکا “ ميوزڪ ٽي وي چئنل ڪشش تان هلندڙ آهي، هن پروگرام کي پڻ نون تجربن سان مزين ڪيو ويو آهي. سنڌي آن لائن بيت بازي ، ٽي وي تان ڪنهن به لائيو پروگرام ۾ ٽيليفون ڪالز ذريعي پهريون ڀيرو شاعرن جي طرحي ۽ غير طرحي مشاعري ۾ شرڪت ، سوشل ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي وسيلي سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪندڙ دوستن جي خصوصي شرڪت هن پروگرام جا مک حصا آهن.

    ان کان علاوه آواز ٽي وي تان هفتيوار پروگرام ۾ ليليٰ لطيفي سان گڏ ” آواز ۽ انداز “ جي ميزباني ۽ سڪندر عباسي جي قلم سان سرجيل ڪي ٽي اين جي ڊرامي سيريل خالي آسمان ۾ هن اداڪاري جا جوهر پڻ ڏيکاريا.
    ثاقب ابڙو ريڊيو جي دنيا ۾ بحيثيت آر جي قدم رکيو مگر ايم. بي. اي مڪمل ڪرڻ بعدايف ايم ريڊيو کي ئي پنهنجي پروفيشنل ڪيرئير طور انتخاب ڪيو. پاڻ 2006 کان 2007 تائين ايف ايم 105 لاڙڪاڻي ۾ بطور اسٽيشن مينيجر ، 2007 کان 2009 تائين زيبسٽ ڪراچي ۾ پاڪستان جو پهريون 247 ڪئمپس ريڊيو ايف ايم 106.6 جو آغاز ڪيو ۽ بطور اسٽيشن مينيجر پنهنجا فرائض ادا ڪيا، جنهن بعد 2010 کان اڄ تائين جوش ايف ايم 99 ڪراچي ۾ بطور اسٽيشن مينيجر ڪم ڪري رهيو آهي.

    ثاقب ابڙو سٺو ڳالهائڻ جو فن ۽ سٺو لکڻ جو ڏانء رکي ٿو مگر سندس شاعري جا فقط چند تخليقي رنگ ئي منظر عام تي آيا آهن _ غزل جي صنف سان بيحد انسيت هئڻ باوجود سندس شاعري جو موضوع فقط رومانويت ناهي بلڪه هو شاعر کي سُجاڳي جو سڏ سمجھي ٿو ۽ سندس سِٽون آهن :

    ڀَلا پوءِ ڪوڏ ڪُڏ ۾ئي ڪَڏا ٿي ويا ته ڇـا ٿيندو؟
    ڀَلا پوءِ ڦِيرُ ڦِرَندي ئي ڦَڏا ٿي ويا ته ڇــــــــــا ٿيندو؟

    محبت ۽ مروت جــــــــــــا مڙيئيي اقــــدار ويا مَٽجي
    گناهـــــــن جو نه ليکو آ فڪــــــر افڪار ويا لَٽجي
    ڀَلا پوءِ رياءَ خاطر وَڙَ وڏا ٿي ويا ته ڇــــــــــــا ٿيندو؟

    ۽ هڪ ٻئي هنڌ سندس خيال جي گھرائي سوچ جا نوان گس ۽ ڏس ڏئي ٿي ؛


    اڄ وري ســـاڳي هوا ، ڳالهه ســـاڳي ، رات ساڳي آ
    غم ِ فراق ، ۽ يادن ســـــــــــــــان ، ملاقات ساڳي آ
    نه سي ميلا ، نه سي موجون ، مگر چاهت ته چاهت آ
    شُڪُر آهي خُـــــــــداونده ، جو حـالت ڪا ته ساڳي آ

    ثاقب ابڙو مختلف اسٽيج پروگرامن جي ميزباني به ڪري چڪو آهي جن مان خاص ڪري مرشد لطيف حَضرت شاه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ جي ناليوارن ۽ سينيئر ڪمپيئرز نصير مرزا ، بخشڻ مهراڻوي ۽ ياسر قاضي سان گڏ لطيفي رهاڻ جي ميزباني به شامل آهي. سنڌ ثقافت کاتي ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران ثاقب ابڙو کي 2011 لاءِ سنڌ جو بهترين آر جي چونڊيو ويو ۽ هڪ شاندار تقريب دوران کيس سنڌ ايڪسيلينس ايوارڊ 2011 ناليواري اديب ، ليکڪ ، شاعر محترم شمشيرالحيدري ۽ پاڪستان جي مشهور و معروف ريڊيو ، ٽي وي ، اسٽيج ۽ فلم اسٽار مصطفيٰ قريشي بدست مبارڪ مليو. سنڌ جي هن ڏاهي ۽ با صلاحيت نوجوان لاء دعا آهي ته هو پنهنجي فني زندگيء جي سفر ۾ ترقي ڪندو رهي ۽ سنڌي ٻوليء جي پنهنجي خوبصورت آواز ذريعي خدمت ڪندو رهي.

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُهنجي طرفان به ثاقب ابڙو لا اهي ساڳيا جملا آهن۔ مان ڇا چئي ڇا لکان ثاقب کي خبر آهي ته آئون سندس ڪاوشن جوڪيترو قدر ڪريان ٿو جڏنهن هن سنڌي ميڊيا م اچي ڪي ٽي اين کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات پئي ڪئي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد ثاقب ابڙو

    محمد ثاقب ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽيشن مئنيجر _ جوش ايف ايم 99 ، ڪراچي
    ماڳ:
    اصل : هالا / حيدرآباد _ ويٺل : ڪراچي
    پيارا سليمان لک قرب ! اوهانجي خلوص ۽ چاه سان ڪيل وَنڊ ۽ سالگره جي موقعي تي سنڌ سلامت جي خصوصي اشاعت جا وَڏا وَڙَ ۔۔۔۔۔ جُڙيا هجو شال ! آمين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ يقينن سائين عبدالرزاق ميمڻ ! اسانجي محسنن مان آهن ، سندن محبتون مون لاءِ حوصله افزائي ۽ همٿ افزائي جو باعث بڻجن ٿيون ۽ هميشه هڪ نئون جوش ڀرين ٿيون _ سنڌ سلامت ۔۔۔۔ ساٿ سلامت
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    آئون به پياري دوست ثاقب ابڙو صاحب کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيان ٿو۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم ساجد سنڌي جي ٿورن سان روزانه سُڪار جي هفتيوار ادبي صفحي ڏات ۾ 6 سيپٽمبر 2012 تي ڇپيل
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو