ڪوهه مري کان واپسي تي سکر وٽان گذرندي

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪوهه مري ، اسلام آباد کان واپسي تي سنڌ جي سهڻي کجين واري شهر سکر کان گذرندي ڪجهه منظر وڊيو ۾ قيد ڪري اوهان سڄڻن جي خدمت ۾ پيش ڪيان ٿو اميد ته توهان سنڌ جي سونهن کي ڪجهه لفظن جي ارپنا ضرور ڏيندئو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا منظور علي عباسي اسلام عليڪم۔ ادا سائين سنڌ ته سڄي سون لڳي پئي آهي۔ڪراچي ۾ سمنڊ، ڪارونجهر جا پهاڙ، ٿر جا بارش کانپوء دليزيب نظارا، سکر جون پلون۔ ٺتي جو قبرستان۔ڪينجهر،هاليجي ۽ منڇر ڍنڍين جا دلفريب نظارا،خيرپورميرس جا کجين جا باغ، ڪوٽ ڏيجي، نوان ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ ٺهيل پراڻا قلعا۔ لاڙڪاڻي شهر جي سياسي ماحول واري حثيت،ٽنڊو ڄام جي زرعي يونيورسٽي،موهن جي داڙي جا صديون پراڻا اثار،ڀنڀورؤ چوڪنڍي جون تاريخي اهميت وارا آثار،لاکڙا،بدين، ٿر۾ ڪوئلين ۽ ٻين معدنيات بشمول پيٽرول جون کاڻيون ؤ کوه، ڄام شوري جون ٿڌيون هيرون،ان شهر م سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻيا تعليمي ادارن جو فاعل هجڻ، حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي شهرن جي اهميت، نواب شاه جي جاگرافي اهميت۔ جيڪب آباد جي تاريخي اهميت۔شڪارپور۽ نوشهروفيروز جي ورهاڳي کان اڳ واريون تعليمي خدمتون، ڀٽ شاه، سيوهڻ، دراز شريف ۽ ٻين سڀني شهرن جي بزرگن ۽ الله پاڪ جي ولين ؤ برزدگي بندن جي دائمي آرمگاه واري اهميت ، دادو ۾ گورک هل جهڙي بهترين ۽ تمام ٿڌي مقام جي موجودگي، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جي ٻن صوبن( بلوچستان ۽ پنجاب) سان ملائڻ واري اهميت، ميرپور خاص جي انبن جي باغن ۽ ٻين فورٽ فارم جي ڇا ڳاله ڪجي۔ سبحان الله سڄو سنڌ تعليمي۔ معدنياتي۔ ماحوليتي، ۽ ٻين خوبين سان مالا مال آهي،۔ اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ بدامني ختم ٿئي وڃي ته نه رڳو هن ملڪ جا ماڻهون پر ٻاهرين ملڪن جا سياح به تمام گهڻي خوشي ؤ چاهت سان سنڌ کي وري وري گهمڻ ايندا۔ توهان جي ونڍ ڪيل ويڍيو اسان جي دل ۾ سنڌ جي خوبصورتي جي باري ۾ تمام سٺو اثر پيدا ڪيو آهي ۔توهانجون مهربانيون۔
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    وعليڪم اسلام محترم سائين، توهان سڄڻن جا قرب جو منهنجون پيش ڪيل وڊيوز کي پسند ڪيو، ۽ ان مٿان وري اوهان سهڻن طرفان جيڪا لفظن جي مالها جوڙي پنهنجي چاهت جو اظهار سنڌ جي سونهن بابت پيش ڪيو اهو منهنجي وڊيوز کان سو ڀيرا وڌيڪ قدر جي لائق آهي ڇو ته منهنجي سنڌ ته سونهاري آهي پر ان ۾ سنڌ سان محبت ڪندڙ اوهان جهڙا سڄڻ پڻ آهن جنهنڪري سنڌ جي سندرتا ۾ اضافو ٿي ٿو پوي۔ اسان جي سنڌ ته سون آهي پر افسوس جو اهو ماڳ ڪڏهن بڻبي جنهن ماڳ بابت اوهان را پيش ڪئي آهي ته اهڙا من موهيندڙ شهر ۽ ماڳ هتي جي سونهن آهن۔ ۽ ان سونهن کي پسڻ لا ماڳن کان ڪي ڪهي ايندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سلام پيارا

    کجين جي وڻن سان منهنجو انيڪ يادون آهن۔ کجيء جا باغ اسان خيرپور وارن جي قسمت ۽ اسان جي معاشي بهتري جا ضامن آهن۔ اوهان جا وڊيو ڪلپس يادگار لڳا۔ سدا خوش هجو دوست۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    و عليڪم اسلام سائين سليمان صاحب، سچ پڇو ته مان ان شهرن طرف پهريون ڀيرو ويو هيم، دل ٿي گهريو ته مان لهي ڪري انهن کجين جي باغن منجهه گهمان ۽ دلفريب منظرن کي ويجهي کان ڏسان پر توهان خوشنصيب آهيو جو هن ڀلاري ڀون جي اهڙي دلڪش ۽ پر ڪشش وستي سان توهان جون يادون آهن ۽ اهو توهان جو ماڳ آهي جتي توهان پنهنجي جيون جا قيمتي پهر گهاريا هوندا۔ ۽ مونکي ٿورو ٿورو ياد هيو ته توهان پڻ اهڙي ماڳ جا رهاڪو آهيو ۽ توهان کي به ياد ڪيو هيم اتان گذرندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    افسوس جو مون وٽ انٽرنيٽ جي رفتار وڊيو هلائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي، يقينن خوبصورت وڊيوز هوندا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. جمن جمالي

    جمن جمالي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جنوري 2013
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين سنڌ سدا شاد هجي آباد هجي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو