فوٽوشاپ جا ٽول (قسط-3)

'فوٽو شاپ' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2009۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    دوستؤ! سدائين خوش رهو. فوٽوشاپ جي ٽول کي سمجهاڻيءَ جي وک اڳتي وڌي رهي آهي، جنهن جي ٽين ڪَڙي حاضر آهي. سبق ته انتهائي گهٽ ۽ ٿورو آهي، پر منهنجو خيال آهي ته وچٿرائيءَ جي حساب سان مناسب آهي، گهٽ ئي صحيح پر تسلسل سان هجي ته بهتر رهندو.

    [​IMG]

    نوٽ: لاسو ٽول جي وضاحتي اسڪرين تقريبا اُها ئي آهي، جيڪا Ractuangle Marquee Tool جي آهي. انهيءَ ڪري هتي ٻيهر ورجائڻ مناسب نه سمجهيم، صرف حوالي طور وضاحت ڪئي وئي آهي.
     
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سائين زبردست سمجهاڻي آهي............ اميد ته ڪيترائي دوست توهان جي هن ڪيل ڪوشش جو فائدو وٺندا.
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين تمام زبردست سمجهاڻي آهي۔۔ اسان جي ڄاڻ کي توهان وڌائيندا پيا وڃو ۽ منهنجي تصحيح به ٿئي پئي۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بلڪل ادا توهان جي سمجهاڻي لاجواب آهي جو مون جهڙو ماڻهو به هاڻي ايڊوب فوٽو شاپ کولي ڪري اهي ٽول استعمال ڪري سگهي ٿو .

    هڪ دفعو ٻيهر مهرباني ادا
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اسان اوهان جا احسانمند آهيون ٿورا لاهي نه ٿا سگهون ليڪن ڳائيندا رهنداسين
    الله اوهان کي صحت ۽ عافيت عطا فرمائي۔
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    آمين سائين۔۔۔۔۔ محترم سائين رحيم بخش جا ادا ڪيل لفظ منهنجي طرفان به
     
  7. رياض علي منڱريو

    رياض علي منڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 نومبر 2009
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا مونکي اهو ٻدايو ته فوٽو شاپ ۾ ٻن ڪٽيل حصن کي هڪ جهڙو رنگ ڪيئن ايندو
     
  8. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ادي رياض علي جي سوال جوجواب

    دوست رياض صاحب السلام عليڪم! ادا معاف ڪجوءِ ته الاهي ڏينهن جي مصروفيت سبب سنڌ سلامت تي اچي نه سگهيس. هينئر توهان جو سوال ڏسڻ جو موقعو مليو.
    ادا هينئر اڃا فوٽوشاپ جي ٽولز جي شروعات آهي، انهن ٽولز جي وضاحت پنهنجي ناقص معلومات مطابق ڏئي رهيو آهيان. اڃا سبقن جي باقاعده طور تي شروعات ته ناهي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيستائين ڪنهن به ’ٽول‘ بابت بنيادي ڄاڻ نه هوندي، ايسيتائين سبق صحيح نموني سمجهه ۾ نه ايندا. ادا اوهان جيڪا آئيڪان تي ريوالور جي تصوير ڏني آهي، ان مان آئون سمجهي ويس ته جيڪڏهن مون اوهان جي سوال جو جواب نه ڏنو، ته منهنجي لاءِ صرف هڪڙي گولي کي کوڙ ٿيندي. انهيءَ ڪري اوهان کي پنهنجي ناقص ڄاڻ موجب جواب ڏئي رهيو آهيان.
    طريقو1: سڀ کان پهريان ته اوهان ڪو به اميج کڻيو، جنهن کي اوهان ٻن حصن ۾ تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا. مون نموني خاطر هڪڙو بيڪ گرائونڊ سليڪٽ ڪيو آهي، جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو:
    [​IMG]
    هاڻي اوهان ان اميج کي Rectangular Marquee Tool کي سليڪٽ ڪري ان جو اَڌُ حصو ڪاپي ڪريو ۽ پوءِ ان کي اتي ئي پيسٽ ڪريو. ائين ڪرڻ سان اوهان جو ان ڪاپيءَ واري جو هڪڙو نئون ليئر ٺهي پوندو. هاڻي ان تصوير کي ٿوري فاصلي کاٻي طرف ٿوري فاصلي تي برابريءَ واريءَ حصي ۾ اهڙي نموني سوريو، جو هو ٻيءَ تصوير کان جُدا ٿي بيهي نموني خاطر هيءَ تصوير ڏسو:
    [​IMG]
    ان کان پوءِ اوهان ان Layer جي مينيو ۾ اچي ليئر واري تصوير کي Merge Down کي ڪلڪ ڪريو، ائين ڪرڻ سان اوهان جو نئون ليئر بئڪ گرائونڊ ۾ تبديل ٿيندو. Merge Down جي سمجهاڻي هن طرح آهي:
    [​IMG]
    هاڻي اوهان ٽول بار مان Clone Stamp Tool کي Alt ڪي دٻائيندي مائوز سان ڊريگ ڪريو. جڏهن اوهان Alt ڪي کي پريس ڪري ڊريگ ڪندا ته اتي هڪڙو نشان ٺهي پوندو، جنهن جو مطلب هي آهي ته هاڻي اوهان اهو حصو سليڪٽ ٿي چڪو آهي. Alt ڪي سليڪشن جي وضاحت هن طرح آهي:
    [​IMG]
    هاڻي اوهان ڪي تان هٿ هٽائي جتي تصويرن جي وچ ۾ گئپ آهي، اتي سِڌائيءَ ۾ احتياط سان ڊريگ ڪري اچو. واضح رهي ته ڊريگنگ ڪرڻ سان اوهان وٽ پِلَس جو نشان (+) ٺهي ايندو، جنهن جو مقصد اهو آهي ته اوهان جي گهربل حصي جي مٿان اهو رنگ اپلاءِ ٿي رهيو آهي، جنهن تي پِلَس جو نشان موجود آهي. نموني خاطر هن تصوير کي ڏسو:
    [​IMG]
    بس اهڙي طريقي سان احتياط سان ڊريگنگ ڪندا اچو. جتي اوهان جي سليڪشن غلط ٿئي ته Alt ڪي سان ٻيهر سليڪٽ ڪري، وري ٻئي حصي کي احتياط سان رنگ ڀريو. هاڻي مڪمل طور رنگ ڀرڻ واري تصوير جو رزلٽ هن طرح آهي:
    [​IMG]
    طريقو نمبر2: اهو آهي ته سڀ کان پهرين اوهان پنهنجي فائل مان ڪو به فوٽو کوليو. ان کان پوءِ اوهان ٽول بار مان Magnetic Lasso Tool کي سليڪٽ ڪريو ۽ فوٽوءَ جي چوڌاري سليڪٽ ڪريو. نموني خاطر مون هڪڙي فوٽوءَ جي سليڪشن ڪئي آهي، ان کي ڏسندا.
    [​IMG]
    ان کان پوءِ ان فوٽوءَ کي ڪاپي ڪريو ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر مان ڪو به اهڙو بيڪ گرائونڊ کوليو، جنهن ۾ توهان اهو فوٽو رکڻ چاهيو ٿا. مون موقعي جي مناسبت سان هڪڙو بئڪ گرائونڊ کنيو آهي، هن کي ڏسندا:
    [​IMG]
    هاڻي بيڪ گرائونڊ ۾ ان فوٽوءَ کي هن طرح پيسٽ ڪري ڏسو:
    [​IMG]
    دوستؤ! اهڙي طريقي سان مختلف نمونن سان بئڪ فوٽن جي سليڪشن مختلف ٽولز ذريعي ٿيندي آهي، جن ۾ منهنجي خيال سان Pen Tool جي سليڪشن جو نمونو بهتر آهي، جنهن کي انشاءَ الله تعاليٰ وقت سر بيان ڪبو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو