(استاد بخاري) جي شاعري

'استاد بخاري' فورم ۾ مسرور احمد شاهاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2012۔

?

توهان سنڌ لا ڪجھ ڪيو آهي؟

راءِ شماري ختم ڪئي وئي ‏17 نومبر 2012.
  1. ھا ؟؟

    3 ووٽ
    60.0%
  2. ن؟؟

    2 ووٽ
    40.0%
هڪ کان وڌيڪ ووٽ ڏئي سگهجن ٿا.
  1. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    هي عشق ڏسو منهنجي جوڀن جي نشاني آ۔
    by USTAD BUKHARI

    هي عشق ڏسو منهنجي جوڀن جي نشاني آ۔
    مرحوم امنگن جي جيون جي نشاني آ۔

    ڪنهن ڪنهن کي وجهان ڇلڙا، ڪنهن ڪنهن کي مکيان خوشبو،
    هن شهر کي آڇي مون شعرن جي نشاني آ۔

    گهوُري ته جگر گهائي، مُرڪي ته مکي مرهم،
    هر سونهن کي سمجهان ٿو سڄڻن جي نشاني آ۔

    ڏس جوش ڏڪي ٿو پيو ء هوش بڪي ٿو پيو،
    ته به تن ۾ تمنائون، جشنن جي نشاني آ۔

    احساس جي الماڙي، هر رئڪ تي تقريرون،
    شاعر جي اڪيلائي، جشنن جي نشاني آ۔

    اٿ ميڙ اهي ٺڪريون، دل ڪنهن جي ٽُٽي پئي آ،
    هي خاڪ به کڻ ڪنهنجي، نيڻن جي نشاني آ۔

    مايوس هوائن کان اٿ منهنجون اميدون وٺ،
    دانهن جي پلاندن ۾ نغمن جي نشاني آ۔

    استاد جي البم ۾ گُل ٽاڪ ڀلي دلبر،
    هي خار به رک تنهنجي گلشن جي نشاني آ۔

    (استاد بخاري)
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    لاجواب
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    ادا مھرباني اوهان جي۔۔!
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    استاد جي شاعريء مان خوبصورت چونڊ

    استاد جي البم ۾ گُل ٽاڪ ڀلي دلبر،
    هي خار به رک تنهنجي گلشن جي نشاني آ۔
     
  5. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    مان ڀڙڪان ٿو۔

    اوهان سمجهو ٿا چمڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،
    جهجهڙ ۾ ڪو ته جهئونڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،

    ڀلي سيڪويو اوهان پنهنجون ڳڱيل سوچون،
    مٿان پارو به ڪڙڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،

    هي يارو معجزو ڪونهي، نظارو نينهن جو آهي،
    برابر مينهن برسي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،

    مان پروانو ته ناهيان، آهيان پوپٽ پر،
    جي گل ڪو شمع بڻجي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو،

    نه چئه پٿر، کڻي پٿر به سمجهو پر،
    اچيو چقمق جي چهٽي ٿو، مان ...

    (استاد بخاري)
     
    مبين سنڌي هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا۔

    نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا،
    يڪو هڪ ٻئي کي وڃايو وتون ٿا۔

    اسين سمنڊ ناهيون جو ڪو دنگ روڪي،
    اسين وقت وانگي اورانگهي لنگهون ٿا۔

    نه ڪو عشق چرچو نه ڪو حسن چسڪو،
    ٻنهي جي مچڻ ۾ پچون ٿا نچون ٿا۔

    پري کان نهارين ته تاڻيو ملڻ لئه،
    ملون ٿا ته اڳتي کان اڳتي وڌون ٿا۔

    گهڙيء کي گهڙي زندگيون ٿا سنواريو،
    ڪتيء کي ڏسي ڪهڪشائون ڪٿيون ٿا۔

    (استاد بخاري)
     
  7. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين۔


    گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين،
    وڏو جهان آ غم جو، وڃائجي نه وڃين۔

    هي جام، جام تي پيئندي ٿي رهندو تاس وڌي،
    ته احتياط، اڃا بي اجائجي نه وڃين۔

    رکين ته چنڊ سا رک چاهه، ڏي ڇڏي تارا،
    متان هزار ذريون ٿي ورهائجي نه وڃين۔

    خلوص، چنگ نه ٿي جو بکيا وتن چارڻ،
    کڄي، اير جي در تي وڄائجي نه وڃين۔

    ٽڪر به ٿي متان نانگڻيون نچن توتي،
    ڪڪر نه ٿي جو گگن ۾ نچائجي نه وڃين۔

    (استاد بخاري)
     
  8. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    استاد جي شاعري مان سهڻي چونڊ
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    استاد بخاري سنڌ جو عاشق ۽ اوهان سندس شاعريء مان تمام سهڻي چونڊ اسان سان ونڊ ڪئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    ماشاءَالله۔۔

    ديد گلابي دلبر تنهنجي،مرڪ چنبيلي ماشاءَالله ،
    نازڪ انگڙا،ريشم ڪپڙا،دل پٿريلي،ماشاءَالله،

    طرحين رنگ طبيعت تنهنجي،دنيا وانگر دور نيارا،
    ڪٿ نخريلي،ڪٿ اربيلي،ڪٿ شرميلي، ماشاءَالله

    ڪڏهين اڪيلي مون وٽ منهنجي ،هوءَ سرهائي ناهي آئي،
    اڄ به اٿس ڪاڳوڙهي ڳڻتي،ساڻ سهيلي ، ماشاءَالله
    (استاد بخاري)
     
    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي هيء پسند ڪيو آهي.
  11. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ،
    گفتگو، لوڪ گيت جهڙي آ۔

    تنهنجي گهر جي ڀت تي هٿ رکيم، پت ڪر،
    ڇو ته مون لئه مسيت جهڙي آ۔

    پيڙ تي پيڙ، جاري جيوت ۾،
    پو به پياري پريت جهڙي آ،

    عشق ۾ شرم، عيب آهي پر،
    ڪا حماقت ڪريت جهڙي آ۔

    اوت، استاد، تنهنجي امرت جو،
    جوت تر جي اجيت جهڙي آ۔

    (استاد بخاري)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ،
    گفتگو، لوڪ گيت جهڙي آ۔

    تنهنجي گهر جي ڀت تي هٿ رکيم، پت ڪر،
    ڇو ته مون لئه مسيت جهڙي آ۔


    منهنجي زندگي جون حسين ترين يادون هن غزل سان سلهاڙيل آهن۔ منهنجي من جي نفيس احساسن سان جڙيل اهي پل جيڪي مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان نه ئي پنهنجي وجود سان واڳيل ان انسان جي سڪ ۽ سريت کي ميساري سگهندس۔۔منهنجي جوانڙي جي پاڪ ، ۽ ڪومل يادن سان جڙيل اهي پل استاد جي شاعري سان ائين واڳيل آهن جئين منهنجي روح منجهه ان انسان جو ڪومل وجود مون سان جڙيل آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    استاد جهڙي عاشق جي شاعري، وري استاد جا به عاشق!! استاد بخاري جي لاجواب شاعري ونڊڻ لا ٿورا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ساگر ڀٽي ڳڙهي خيرو

    ساگر ڀٽي ڳڙهي خيرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڳڙهي خيرو
    تمام بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    مهرباني ادا۔
     
  16. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    استاد بخاري جي شاعري

    ڪٿي محل ماڙيون، ڪٿي گهر ڪکاوان ڏٺاسين۔​
    ڪٿي بخمل بدن تي، ته ڪٿي انگ اگهاڙا ڏٺاسين۔
    ڪٿي ڪتا ڪارن ۾، ته ڪٿي پوڙها پيادل ڏٺاسين۔
    عجب ڪرشمو آ ،،،،، استاد،،،،الله جو،،،،،،،،،،،،،،،،،
    ڪٿي ڪڪڙ بادام کائين، ته ڪٿي بک ۾ مرندي ماروئڙا ڏٺاسين۔۔۔۔۔۔۔​
    (استاد بخاري)
     
  17. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    استاد بخاري جي شاعري

    نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا،
    يڪو هڪ ٻئي کي وڃايو وتون ٿا۔

    اسين سمنڊ ناهيون جو ڪو دنگ روڪي،
    اسين وقت وانگي اورانگهي لنگهون ٿا۔

    نه ڪو عشق چرچو نه ڪو حسن چسڪو،
    ٻنهي جي مچڻ ۾ پچون ٿا نچون ٿا۔

    پري کان نهارين ته تاڻيو ملڻ لئه،
    ملون ٿا ته اڳتي کان اڳتي وڌون ٿا۔

    گهڙيء کي گهڙي زندگيون ٿا سنواريو،
    ڪتيء کي ڏسي ڪهڪشائون ڪٿيون ٿا۔

    لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا،
    نگاهون اٿئون ء زبانون رکون ٿا۔

    داو ئي اها آ ته ٿيو درد ڀائي،
    جدائيء ۾ بيجا بخاري رجهون ٿا۔​

    (استاد بخاري)
     
  18. نديم بهراڻي

    نديم بهراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسين پيا وارا ڪري پيار ڄاڻون
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    گهوُري ته جگر گهائي، مُرڪي ته مکي مرهم،
    هر سونهن کي سمجهان ٿو سڄڻن جي نشاني آ۔
     
  19. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    استاد بخاري

    هن جيون جي چوواٽي تي
    ڪي يار مليا ها قرب منجهان
    وقت جو اهڙو واءُ لڳو،
    ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو
    هڪ ٻيڙي هئي سان ٻڏندي وئي
    ۽ تاڪ ان جا ترندا ويا
    هڪ ولر هيو سو وڇڙي ويو،
    ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو.
     
  20. مسرور احمد شاهاڻي

    مسرور احمد شاهاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    فريلانسر
    ماڳ:
    دادو، سنڌ
    هر ڪوئي مهانگو آ، سستا ئي اسان آهيون!
    هر ڪو ٿو لتاڙي، ڄڻ رستا ئي اسان آهيون!!

    استاد بخاري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو