سنڌ سلامت تي ايتري خاموشي ڇو؟

'ڏوراپن جو ڏيهه' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪيترن ڏينهن کان سنڌ سلامت تي خاموشي ڇانيل آهي، خبر نه آهي ته دوست مصروف ٿي ويا آهن يا سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ مان کين اها محبت نه ٿي ملي پر مان وري به سڀني سڄنن کي هٿ ٻڌي عرض ڪندس ته سنڌ سلامت تي وقت ڪڍي ضرور اچو پنهنجا قيمتي رايا ۽ ڪي بهترين مضمون پيش ڪيو ته جئين لهه وچڙ جو سلسلو جڙيل رهي۔ هتي ڪنهن کي به ڪنهن مان ڪو به اختلاف نه آهي، ڪنهن به موضوع ۾ جيڪي بحض مباحثه ٿيندا آهن اهي صرف هڪٻئي جي علمي ڄاڻ جو ملاکڙو ٿيندو آهي ته جئين اسان منجهه علم ۽ عقل جا ملهه ميدان ۾ اچن ۽ پنهنجي دانائي جو مظاهرو ڪن۔ شل جتي به هجو سکيا هجو سنڌ سلامت جو ڀيرو ضرور ڀرو۔ سدائين گڏ
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منظور سائين سلام

    پيارا ڀاء مان پڻ ڪجهه ڏينهن کان اهو محسوس ڪيو آهي۔ منهنجي طبيعت به ڪجهه ڏينهن کان بهتر نه هئي تنهنڪري سواء ڪمينٽ ڪرڻ جي ڪا پوسٽ موڪلي نه سگهيس۔ ٻيو ته حاليه برساتن سبب اسان جي اتر واري علائقن جا دوست گهڻو متاثر ٿيا آهن۔ هڪ ٻي ڳالهه ته انتظامي ميمبر به ڪا خاص سرگرمي ڪري ناهن سگهيا۔

    هڪ اهم ڳالهه ته جڏهن به سائين نثار ابڙو صاحب سنڌ ايندو آهي ته هو گهروارن، دوستن ۽ عزيزن کي وقت ڏيڻ سبب فيسبوڪ يا سنڌ سلامت تي گهڻو سرگرم رهي ناهي سگهندو۔ ان جو مقصد سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ سان محبت جي گهٽتائي نه پر مصروفيت آهي۔

    جلد اوهان کي سنڌ سلامت تي ٻيهر ساڳي سرگرمي نظر ايندي ۔۔۔۔ انشاء الله
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    انشاءِ الله۔۔ اول سنڌ واسين ڏي خير هجي پوءِ هي ميلا متل هوندا، الله پاڪ اوهان کي صحت عطا ڪندو آمين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا اصل ڳاله آها آهي ته اسان جو وڏو ايڊمن ڳوٺ ويل هو اتي بارشن جو مزو وٺڻ ۾ پوروهو اسان جو فلپوٽو فقير به بارش متاثرين مان هجڻ ڪري ڪنهن خشڪ جڳه جي تلاش ۾ هو جتي پهنجو ڪمپوٽر سڪائي سگهي ۔ باقي ادو سليمان ۽ سائين نثار ابڙو صاحب ۽ سائين غلام مصطفي ته چڪر هڻڻدا رهندا آهين ليڪن ملڪي حالات ۽ بارشن جي ڪري واقعا ڪجه خاموشي آهي پر حالات جي مد نظر اهڙي قسم جي خاموشي ايندي رهندي آهي ۔۔۔ وري به دوستن کي گذآرش آهي ( اگرچه مان پاڻ ان تي عمل ناهيان ڪندو پر ) ته سنڌ سلامت لاء ڪجه سوايو ٽايم ڪڍن مهرباني ادا ان طرف ڌيان ڇڪائڻ لاء
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين منهنجا اسان ته صرف ميمبر طور سڃاتا وڃون ٿا ، اوهين منتظم آهيون، اوهين سڀ سنڌ سلامت جي ٻيڙي جا ڪپتان آهيو، اسين سڀ به اوهان جي آسري تي هن ٻيڙي منجهه چڙهي پيا آهيون اميد آهي ته ڪنهن ڪنڌي ڀرو ڪندئو ته جئين هي سفر جاري و ساري رهي۔ اسان به هن ٻيڙي تان ڪڏهن لهي نه ڀڄندا سين، پيو ساٿ هلندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا منظور علي عباسي اسلام عليڪم۔ توهانجون تمام گهڻيون مهربانيون جو هڪ اهم ڳاله جي طرف اسان سڀني جي توجه کي ڇڪرايو آهي۔ڪجه ڪراچي جون حالتون، يهودين جون ناڪام سازشون اسان جي پياري نبي سڳوري جي شان ۾ گستاخي جون سچ مچ تي هڪ ڏک واري ڪيفيت اسان جي مٿان طاري ڪري ڇڏي آهي،انڪري ڪجه لکڻ تي دل آماده ئي نه آهي۔ سٺي ۽ معلوماتي ليک لکڻ لاء ذهن جي يڪسوئي، چين ۽ دل مائل هئڻ ضروري آهي۔جنهن جو اسان ( غلام مصطفي ميمڻ ) وٽ اڄڪله جي حالتن جي ڪري فقدان آهي۔ پياري نبي سائين جي شان ۾ گستاخي ڪير به مسلمان برداشت نه ٿو ڪري سگهي۔ محسن انسانيت، جنهن کي الله پاڪ سڄي عالم جي لاء رحمت ڪري خلقيو،جنهن اسان ۽ اوهان کي رب سان روشناس ڪرايو۔ جنهن الله پاڪ جي پيغام کي عام ڪرڻ لاء ڪافي ساريون تڪليفون برداشت ڪيون،جن جي طفيلي اسان اڄ پنهنجي پاڻ کي فخر سان مسلمان ٿا چئون،جن جي شفاعت سان قيامت جي ڏينهن اسان بخشِا وينداسين،جي شان ۾ گستاخي ڪئي وڃي ۽ اسان چپ ڪري سوشل ايڪٽوٽي ۾ مصروف رهون، معذرت سان اسان اهو ڪنهن حالت ۾ به گورا نه ڪنداسين۔انڪري ڪجه وقت لاء اسان کي معاف ڪندا جيڪڏهن توهان کي اسان جو ڪو نئون ليک هن خوبصورت اڳڻ تي ٽنگيل نظر نه اچي۔ اچو ته الله پاڪ جي در تي ٻه رڪعت نفل پڙهي ان مردود پادري ، فلم جو پروڊيسر، اهئي خفيه هٿ جن فلم ٺاهڻ م مالي مدد ڪئي ۽ جنهن به ايڪٽر ان نفرت آميز،تمام گهڻي نڌڻ واري فلم ۾ ڪم ڪيو آهي، جي تباهي، بربادي، زلت واري زندگي ۽ هن دنيا ۾ عبرت ناڪ انجام جي دعا گهرون۔۔ شل الله پاڪ اسان جون اهئي دعائون قبول ڪري ۔ آمين۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    و عليڪم اسلام منهنجا محترم سائين، مان تمام ٿورائتو آهيان اوهان جهڙن درد رکندڙن جو جن جي دل ۾ محبتِ رسول صلى عليه وسلم قائم آهي ۽ تا حيات اهڙي عقيدت ۽ پاٻوهه ڀريل محبت هميشه سينن منجهه سمايل رهي، آمين ثم آمين، ۽ دعا آهي ته هر امتي جو دل مٺي مير مرسل پياري آقا صلى الله عليه وسلم جي عشق سان ڀرپور رهي، هر ويل اسان ان سهڻي نبي صلى الله عليه وسلم جي شان ۽ ان جي عظمت جا ٻول ٻوليندا هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃون۔ منهنجا سائين هتي اها به ڳالهه غور طلب آهي ته اهڙي ڪڌي حرڪت جن ملعونن ڪئي آهي ان ئي سلسلي ۾ سنڌ سلامت تي ڪنهن به سڄاڻ ان ڳالهه طرف ڪو به ڌيان نه ڇڪرايو آهي پو ڪالهه ئي مون ڏٺو ته هيڏي خاموشي آهي ڪجهه ته لکجي ڪجهه ته جي کي جهنجهوڙجي ته من ڪو موضوع نڪري پوي ته توهان جا لک قرب جو منهنجي هن موضوع ۾ توهان جيڪا ڳالهه ڌيان ۾ آندي اهو هڪ تمام وڏو الميو آهي جيڪو غيرت مند عاشق رسول صلى الله عليه وسلم جي سيني ۾ باهه جي اُلن جيان ڀڙڪندو رهندو، شل اها عشق جي آڳ ڪڏهن به نه اُجهامي ته جئين پنهنجي آقا مٺي مدني مير مرسل تي قربان ٿيڻ لا سر جو سانگو لاهي هر ويل نبي صلعم جي ويرين سان پنهنجي نفرت جو اظهار تازو ڪندا رهون، مرڻ گهڙي تائين انهن ملعونن تي بيشمار لعنتون ڏيندا رهون ۽ نفل نمازون ادا ڪري رب پاڪ جي بارگاهه ۾ انهن گستاخن لا عبرتناڪ سزائن لا روئي روئي دعائون گهرون ته جئين اهي دوزخ جي باهه جا حقدار بڻجي وڃن۔ ان سلسلي ۾ مون ڪلهه ئي موضوع ڏنو ته سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان به اسين احتجاج ڪري سگهون۔ والسلام
    اسان جي پياري آقا محمد مصطفٰي صليٰ عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي جي سزا
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالرزاق ميمن

    عبدالرزاق ميمن
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مان سند سلامت جو ديوانو اهيان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين ته پو وارو ڪيو اها ديوانگي ته اسان کي گهرجي، اها ديوانگي ئي ته سنڌ سلامت جي جان آهي۔ ته پو اسان به ته ڏسون هاڻ توهان جي ديوانگي کي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جيستائين منطور جھڙا محنتي دوست سنڌسلامت تي ھوندا ته خاموشي ڪٿان ايندي؟؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو