هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان

'استاد بخاري' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي

    هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان،
    جيئي سنڌ ته ڌرتي آهيان.

    خاڪي، نوري، فاني، باقي،
    سچ پچ ساٿي سڀڪي آهيان.

    عربي، عجمي آهيان ئي پر،
    روسي، هندي، چيني آهيان.

    سڀ کان اڳ ۾ انسان اڳ تي،
    سنڌي ـــــــ سنڌي، سنڌي آهيان.

    بوڙئي جھڙي منهنجي هستي،
    سنڌو واري مستي آهيان.

    سانگين سان گڏ سالگرهه مان،
    وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان.

    تاريخ آهيان قوم قويءَ جي،
    نه ته مرقد جي تختي آهيان.

    ڏيڍ ڏنگايون ڏاري ڄاڻان،
    مظلومن جو مددي آهيان.

    مِهر ته مکڙي ماڪ ـــ ڦڙا مان،
    قَهر ته ڪرندڙ بجلي آهيان.

    جوت رتيءَ تي پريت پتنگو،
    سنگ سڳندي، رنگي آهيان.

    عشق ۽ عقل حقيقي ساٿي،
    سونهن سچيءَ جو سنگتي آهيان.

    آجو پيار ملي پوءِ پيارا،
    سولو ويندو سرچي آهيان.

    آزادي استاد تنواريان،
    ماڻهن جي مان مرضي آهيان.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاہ110

    شاہ110
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 مئي 2009
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    زبردست ادا مگسي
     
  3. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني ادا
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا
    توهان جي اهڙي ٻئي تحرير جو انتظار رهندو
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    لاجواب شيئرنگ آهي ادا۔۔۔۔۔۔۔۔

    لک قرب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    بوڙئي جھڙي منهنجي هستي،
    سنڌو واري مستي آهيان.

    واه ادا واه، مگسي صاحب، داد ڏجي اوهانجي چونڊ کي، هونءَ اڳ به اوهان جيڪي به ونڊ ڪيو آهي سو انتهائي مانائتو ۽ ڪارئتو هوندو آهي ... هڪ دفعو ٻيهر ان ونڊ ڪرڻ تي کيرون لهڻيون ..

    پنهنجي حيثيت ته استاد جي چيل ان بوڙئي جهڙي آهي جو پاڻيءَ تي پل کن لاءِ پئدا ٿي پڄاڻي ڪندو آهي ... بس اهو بوڙئو جي مومن ٿي پوي ته پوءِ سنڌوءَ واري مستي ٿيو پوي ۽ ٻيڙا ئي پار ...
    الله اوهانجو نگهبان هجي ...

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو