دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي سلسلي جو هي ويهون ڪتاب ٽٽل ٽڪرا وجود جا پيش آهي. هي ڪتاب پياري شاعر محترم اياز امر شيخ جي نثري احساسن ۽ نثري شاعريءَ تي مشتمل آهي.
خاص ٿورا سجاول جي پياري دوست سارنگ حبيب چانڊيو جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت جي پڙهندڙن لاء تحفي طور موڪلي آهي. اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
ڪتاب مان ورتل ٽڪرو
چنڊ کي چاهڻ جو حق،
جيڪڏهن آهي ته فقط اُن چڪور کي آهي!
جيڪو چنڊ مٿان فدا ٿيڻ ۾ ڪا به لچڪ محسوس ئي نه ڪندو آهي!
پر عشق کي امرتا جي اُڀ ۾ ويتر جوان ڪري ڇڏيندو آهي!