• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عطا محمد ڀنڀرو جو ايوارڊ وٺڻ کان انڪار

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
خبر آئي آهي ته سائين عطامحمد ڀنڀرو صاحب اهو چئي حڪومتي ايوارڊ واپس ڪيو آهي ته مان غلام قوم مان آهيان ۽ غلام ايوارڊ نه وٺندا آهن۔
 
ادا ڪا تحقيقي خبر ڪنهن ريفرنس سان به آهي يا نه؟ ڇو ته اڄ ڪالھ ميڊيا جو دور آهي ڪا به خبر لڪندي نه آهي۔۔۔
 
اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته سائين عطا محمد ڀنڀري صاحب صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔ سنڌ جي نالي واري تاريخ دان ۽ محقق عطا محمد ڀنڀري حڪومت پاران اعلانيل ستارا امتياز وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عطا محمد ڀنڀري جو چوڻ آهي ته هن وقت سنڌ ڏکي صورتحال ۾ آهي ۽ غلامي جي زندگي گذاري پئي. سنڌ جا اصلوڪا رهواسي هندو لڏپلاڻ تي مجبور آهن. اهڙي صورتحال ۾ هو ايوارڊ نه ٿو وٺي سگهي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي نالي واري محقق عطا محمد ڀنڀري چيو ته ڌرتي ڌڻين جي لڏپلاڻ ۽ ڏکئي صورتحال ۾ هجڻ سبب اهو ايوارڊ وٺڻ مناسب نه ٿو سمجهي. هنوڌيڪ چيو آهي ته هي پاڪستان نه پر پنجابستان آهي۔
 
سائين اها ڳالهه ته مڃڻ جهڙي آهي ته هن وقت سنڌ جي صورتحال تمام ڏکائتي آهي ۔ جيڪڏهن سنڌ جو هر با وقار ماڻهو اهو درد محسوس ڪري ۽ ان طرح ئي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ته يقينن سنڌ جو درد هر هڏ ڏوکي جو پنهنجو درد ٿي ويندو ۽ پنهنجي پنهنجي درد ۽ پيڙا کي دور ڪرڻ لا ڪو نه ڪو درمل دارو ضرور ڪندو۔
 
Back
Top