ڪوٽ ڏجيءِ جو قلعو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪوٽ ڏجيءَ جو قلعو
    الطاف ”اثيم“

    آثار قديمه جي حوالي سان سنڌو ماٿريءَ اندر موجود ڪوٽ يا قلعا اسان جي تاريخ جو نهايت ئي اهم حصو آهن. انهن قلعن مان جتي رهواسين جي رهڻي ڪهڻي، معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن جو پتو پوي ٿو ته اتي انهن ماڻهن جي فن تعميرات، دفاعي حڪمت عملي ۽ ديس جي ڌرتيءَ سان محبت جا اهڃاڻ پڻ نظر اچن ٿا. سنڌ ۾ هونئن ته ننڍا وڏا، ڪچا توڙي پڪا ڪيترائي ڪوٽ ۽ قلعا تاريخ جي مختلف مرحلن ۾ ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا آهن، مگر هيل تائين جيڪي قلعا سلامت يا خسته حالت ۾ موجود آهن، تن ۾ رني ڪوٽ، بکر جو قلعو، حيدرآباد جو قلعو ۽ ڪوٽڏجيءَ جو قلعو شامل آهن. انهن مڙني مان وري ڪوٽڏجي جو قلعو زماني جي زور آورين ۽ موسمن جي مستين جو مردانه وار مقابلو چڱي ريت ڪندو اچي ۽ پنهنجي وجود کي بهتر طريقي سان برقرار رکيو اٿئين۔ رياست خيرپور جي پهرين حڪمران مير سهراب خان پنهنجي رياست جي حدن جي حفاظت خاطر ڪجهه قلعا تعمير ڪرايا، جن مان ٿر جي علائقي ۾ ”امام ڳڙهه“، جوڌپور جيسلمير جي دنگ تي ”شاهه ڳڙهه“ ۽ ”قلعه احمدآباد“ نالي ڪوٽڏجي ۾ ٺهرايائين.


    ”ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو“ خيرپرو ميرس شهر کان 20 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف قومي شاهراهه يعني پشاور ڪراچي روڊ لڳ هڪ ننڍڙي ٽڪري تي جُڙيل آهي. هي قلعو، جنهن جي ڊيگهه… 5 فوٽ، ويڪر… 3 فوٽ ۽ اوچائي زمين کان 70 فوٽ آهي، سو سنهين پڪين سِرُن سان 1797ع ۾ مير سهراب خان جي وزير تعميرات سرائي محمد صالح زهري بلوچ جي نگراني هيٺ ٺهيو.

    چيو وڃي ٿو ته تنهن زماني ۾ جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن ۾ ڏڪار پيو ۽ انهن حڪومتن جون سرحدون جيئن ته رياست خيرپور سان ملندڙ هيون، تنهن ڪري بک ۽ بيروزگاريءَ جا ستايل ماڻهو هيڏي هليا آيا. مير صاحبن به افرادي قوت جو فائدو وٺڻ ۽ ماڻهن کي مزدوري مهيا ڪري ڏيڻ خاطر ڪوٽڏيجي شهر اندر هن قلعي جي تعمير شروع ڪرائي ۽ قلعي تي ڪمائيندڙن کي روزانو جوئر جي هڪ پاڻي ملڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هي قلعو جڏهن جڙي راس ٿيو ته مٿس نالو رکيو ويو ”قلعهء احمدآباد“. مکيه دروازي تي فارسيءَ ۾ هي ڪتبو پڻ لڳايو ويو:

    قلعه احمدآباد پر سنگ است
    دل دشمنان ازو تنگ است

    هي قلعو خالص فوجي، دفاعي ۽ انتظامي مقصدن لاءِ مخصوص ڪيو ويو. هڪ ”نواب“ جي نگراني هيٺ 500 سپاهين جو دستو 100 توپن سميت تعينات ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو گهاٽي واڌي سان سن 1843ع تائين جاري رهيو. رياست خيرپور جو انگريزن جو طفيلي بنجڻ بعد مير علي مراد خان هن قلعي کي ”جيل خاني“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن قلعي جي اهميت ۽ حيثيت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سرچارلس نيپئر ۽ مير علي مراد خان جو قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ تي وڏو تڪرار هليو ۽ قلعي جي ٻاهران ”فيص باغ“ جي نالي سان هڪ سهڻو باغيچو رکرايو ويو هو، جنهن ۾ ئي مير صاحب ٻاهران آيل مهمانن سان ملاقات ڪندو هو ۽ قلعه اندر کين وٺي ئي ڪونه ويندا هئا.
    قلعي جي رهائشي علائقي تائين پهچڻ لاءِ ٽن وڏن دروازن کان گذري اچڻو پوي ٿو. اِهي ٽئي دروازا نهايت مضبوط ڪاٺ جا ٺهيل آهن، جن کي هاٿين جي حملي کان بچاءَ لاءِ ٿلها نوڪدار لوها ڪِلَ پڻ لڳل آهن. پهريون ۽ مکيه دروازو 15 فوٽ 9 انچ ڊگهو ۽ 10 فوٽ وڪيرو آهي، منجهس 234 لوها ڪل لڳل آهن ۽ دروازي مٿان چڙهڻ لاءِ پاسي کان هڪ ڏاڪڻ ٺاهي وئي آهي، جنهن کي 39 ڏاڪا آهن. ان بعد هڪ وڏي چاڙهي چڙهي موڙ ڪاٽي مٿي اچبو ته ٻيو وڏو دروازو آهي. هن کي 208 لوها ڪل لڳل آهن ۽ سندس اوچائي 13 فوٽ آهي. پاسي واري ڏاڪڻ کي 30 ڏاڪا اٿس. اهو دروازو پار ڪري ٿورو اڳڀرو هلبو ته قلعي جو ٽيون ۽ آخري دروازو آهي. هن کي 177 لوها ڪل لڳل آهن. دروازي ٻاهران ساڄي پاسي توپن جي گولن رکڻ جون جايون ٺهيل آهن، جن کي سنهيون لوهيون ڄاريون ڏنل آهن. توپ گولن جو هڪ چڱو خاصو تعداد اتي موجود هو، مگر ”سچل سيمينار“ (1982ع) جي موقعي تي گولا ٻاهر ڪڍيا ويا ته وري واپس ڪونه آندائون. هن دروازي مٿان انگريزيءَ ۾ هيءُ اکر لکيل آهن:
    "Abondon hope, all ye who enter here".

    (يعني: ”جيڪو اندر داخل ٿئي، سو سڀ لاڳاپا لاهي.“)

    هي آخري دروازو اڪري اچڻ بعد جڏهن سامهون ميدان ۾ پهچبو ته هڪ ڪمري نما جاءِ تي نظر پوندي، جنهن کي ڇت نه آهي. ديوار ۾ 150 جارا رکيل آهن. اها جاءِ ڪنهن وقت (Lamp Godown) يعني ڏيئن رکڻ جي جاءِ هئي. بتيون ۽ ڏيئا صاف ڪري تيل ۽ وٽيون وجهي فوجي بيرڪن ۽ رهائشگاهن تي اتان ئي پهچايا ويندا هئا. بتي گودام وٽ بيهي کاٻي نهار ڪبي ته اڇو هڪ حوض ڏسڻ ۾ ايندو. هن حوض جي اونهائي 12 فوٽ، ڊيگهه 37 فوٽ ۽ ويڪر 22 فوٽ آهي. کيس ڍڪڻ لاءِ ڇت يا ڇپرو به ڪنهن وقت هوندو هو، مگر اڄ ان جا نشان فقط ٻه ٺُلهه اندر موجود آهن. هي حوض قلعي اندر رهندڙ ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ يا ذخيرو ڪرڻ لاءِ جوڙايو ويو هو. ٻاهران ڪا نهر يا نئن قلعي اندر ڪانه ٿي پهچي، تنهن ڪري چئي سگهبو ته قلعي ۾ موجود کوهه يا ڀرپاسي وارن کوهن مان مشڪن ذريعي پاڻي ڀريو ويندو هو. حوض ۾ هيٺ لهڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ به آهي، جنهن جا 13 ڏاڪا آهن. هن جي صفائي يا گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ اندرئون اندر ڪابه نالي ڪانه ٿي نڪري، شايد فالتو پاڻي ڪنهن ٿانو ذريعي نيڪال ڪيو ويندو هو. قلعي جي چوڌاري توپن رکڻ يا محافظن بيهارڻ لاءِ برج رکيا ويا آهن، جن جي ويڪر 11 فوٽ 2 انچ آهي. اهڙيءَ طرح حوض کان اولهه پاسي جيڪي به برج آهن، تن تي پنهنجي وقت جون مشهور ميراڻيون توپون ”صفاً صفا“ ۽ ”ملڪ ميدان“ رکيل هيون.

    حوض جي اوڀر ۾ هڪ برج اندر ڏاڪڻ ذريعي چڙهي وڃبو ته منجهس نهايت خوبصورت رنگين گلڪاريءَ جو ڪم ٿيل نظر ايندو. مٿي پهچبو ته کليل صحن آهي ۽ ڀر ۾ رهائشي ڪمري جا بچيل آثار. هي هنڌ نواب يا سپهه سالار جي رهڻ جو هو ۽ اهو برج ”فتح برج“ (Victory Bastion) هو، يعني قلعي جي فتح جي حالت ۾ فاتح فوج پنهنجو جهنڊو انهيءَ تي چاڙهي ها. موجوده وقت ۾ هن هنڌ بيهي ڀرپاسي جي باغات ۽ سرسبز شاداب ميدانن جو من موهيندڙ نظارو ڪرڻ ۾ اچي ٿو.

    ٽئين مکيه دروازي جي ساڄي يا اتر پاسي ٿورو اڳڀرو هلبو ته مير صاحبن جي قديم رهائشگاهه يا حرم آهي. هن حرم جون ٻاهريون ديواريون ۽ بورچيخاني وارو حصو ڪچو ٺهيل آهي، باقي رهائشگاهه مغليه طرز تي ڪاٺ جي ڪم ۽ در و ديوار تي دلڪش گلڪاري ٿيل آهي. هن کي تاڪن وارا دروازا ڪونه آهن، بلڪ ونگن يا ڪمانن تي دروازا آهن، جيڪي قيمتي ريشمي پردن يا چکن سان بند ڪيا ويندا هئا. هن رهائشگاهه جي ڊيگهه 40 فوٽ، ويڪر 20 فوٽ آهي. ڪن زباني روايتن موجب رياست جو خزانو پڻ هتي ئي رکيو ويندو هو. حرم جي ٻاهران کليل ميدان آهي، جنهن جي وچ تي هڪ ٿلهو ٺهيل آهي. هي ٿلهو ڪچهري، سماع جي محفلن ۽ ڪن روايتن موجب سلاميءَ جي چبوتري طور ڪتب ايندو هو. حرم کان اڳڀرو اتر پاسي قلعي جي آخري ڇيڙي تي واليء رياست جو پٿر مان ٺهيل خوبصورت تخت گاهه آهي. مير صاحب عيد برات، ڪنهن وڏي ڏينهن يا خوشيءَ جي موقعي تي رعيت کي شرف ديدار بخشيندو هو يا اهم پاليسي فيصلن جو اعلان اتي ويهي ڪندو هو. هن تخت گاهه جي ڀرسان يعني اولهه ــ اتر جي ڪنڊ تي مشهور ۽ هن قلعي جي وڏي ۾ وڏي توپ ”مريم“ رکيل هئي. (هاڻي قومي شاهراهه تي خيرپور پوليس لائين آڏو رکيل آهي) ۽ اولهه پاسي ”شيدياڻي“ توپ رکيل هئي.

    ميرن جي حرم جي سامهون وارو حصو جنم ٽيپ يا عمر قيد جي سزا وارن قيدين لاءِ ”جيل خاني“ ۾ تبديل ڪيو ويو. هيءَ بيرڪ، جنهن جي ڊيگهه 138 فوٽ ۽ ويڪر 9 فوٽ آهي، سا نهايت اونداهي آهي. مٿان هڪ سوراخ اٿس. قيدين کي کاڌو پيتو اُتان ئي اڇلائي ڏنو ويندو هو. هي جيل خانو پنهنجي دور جو سخت ترين بندي خانو شمار ٿيندو هو، جتي ڏيهين کان علاوه ٻين رياستن جا پرڏيهي پر خطرناڪ قيدي پڻ رکيا ويا. زمين کان 70 فوٽ اوچائي، توپن ۽ محافظن جي موجودگي، ٽن دروازن جي هجڻ سبب قيدي جيئري ئي موت سان سمجهوتو ڪري ڇڏيندا هئا. تنهن هوندي به سن 1882ع ۾ جنم ٽيپ وارن قيدين قلعي اندر بغاوت ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. پنهنجون ڪڙيون ڪڍي توپن تي قبضو ڪري گولا وسايا، جنهن سبب گهڻو جاني نقصان ٿيو. آخر وڏي ڪوشش بعد اها بغاوت ناڪام بڻائي وئي.

    جيستائين قلعي جي طرز تعمير ۽ فني مهارت جو تعلق آهي ته هن قلعي جي تعمير ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ سرون صرف ٿيون آهن. جنهن ٽڪريءَ تي هيءُ ٺاهيو ويو آهي، سا سڌائيءَ تي آهي، جنهن تي لهڻ يا چڙهڻ نهايت مشڪل آهي. دروازا وراڻن ۾ رکيا ويا آهن ته جيئن هاٿين يا حملي آورن جو زور سنئون سڌو نه لڳي سگهي. برسات جي پاڻيءَ جي نيڪال جو جوڳو بندوبست رکيو ويو آهي. چوڌاري بيرڪن کي ٿڌي رکڻ لاءِ هوادانن جو انتظام آهي. پنجاهه فوٽ جي مٿاهينءَ تي سولائي سان پهچائڻ لاءِ سر جو وزن ۽ ماپ مناسب رکيا ويا آهن. يعني ساڍا ڏهه انچ ڊگهي ۽ ست انچ ويڪري ۽ هڪ انچ ٿُلهي. قلعي جي سونهن سوڀا ۾ اضافي لاءِ ڪونگرا ۽ سِرُن جي سٽاءَ سان سهڻيون ڊزائنون ڀتين تي رکيون ويون آهن.

    الغرض ته پنهنجي وقتن جي معاشي ۽ سماجي حالت تي سچي شاهدي ڀريندڙ هي گواهه اوچي ڳاٽ بيٺو پيو ڪنهن سياڻي وڪيل لاءِ واجهائي، جيڪو کانئس ڊگهو بيان وٺي ڪنهن تاريخي عدالت جي حوالي ڪري.

    حوالو : مهراڻ 1986

    اچو ته قلعي جون ڪجهه تصويرون به ڏسون


    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جيتوڻيڪ ڪوٽڏجيءَ جي قلعي کي ڪو گهڻو عرصو به نه ٿيو هوندو جو غير آباد ٿيو هجي پر پوءِ به ان قلعي جي حالت ڏينهن به ڏينهن خراب ٿيندي وڃي برطانيا، فرانس، جرمني ۽ ٻين ملڪن ۾ موجود اهڙا قلعا جن کي پنجن صدين کان به مٿي عرصو گذريو هوندو آهي سي نوان ۽ گهمڻ جي لائق هوندا آهن ۽ انهن قلعن ۾ گهمڻ وارن لاءِ کوڙ ساتريون سهولتون هونديون آهن ...

    سنڌ جا ٺيڪيدار روايتي انداز ۾ سنڌ جي هن تاريخي قلعي مان لکين روپيا کائيندا هوندا ...ڪاش! ڪفن چور ٺيڪيدارن ۾ ٿورڙي به حب الوطني هجي ها ته هن وقت اهو قلعو دنيا جي تفريح گاهن ۾ هڪ سهڻي تفريح گاهه هجي ها ...

    جنهن باغ جو مالهي ئي سست، ڪاهل، چور ۽ بد ديانت هوندو ته ان باغ جي گلزاري ڪيئن ممڪن”
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    توهان جو موضع پڙهي ء تصويرون ڏسي دل چئي پئي ته ڪوٽڏجيءَ جو قلعو ڏسجي وري جڏهن به خيرپور اچڻ ٿيو ته ضرور ڏسبو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بهترين ليک، سائين وساڻ صاحب مهربانيون۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    پندرهن سال اڳ هن قلعي تي اسڪولي ٽوئر طرفان وڃڻ ٿيو هيو ، تفصيلي معلومات موڪلڻ لاءِ مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بهترين موضوع ۔۔۔۔۔ هن تاريخي قلعي بابت بهترين آرٽيڪل توڙي سهڻيون تصويرون ونڊ ڪرڻ جي مهرباني ادا۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    بھترين  ڪارائتو ليک
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو