1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

اکين رنج ميڙيا (حنيف عاطر جي شاعري)

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    303
    ورتل پسنديدگيون:
    876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    اکين رنج ميڙيا
    (حنيف عاطر جي شاعري)
    حسنين ميمڻ

    چئن شعري مجموعن جي خالقِ شاعر حنيف عاطِر جو نالو ادب جي دُنيا ۾ هاڻي ڪنهن کان ڳجهو ناهي رهيو. حنيف عاطِر جي شاعري ۾ منظر ڪشي ۽ مشاهدن جا عڪس جا بجا چٽا ۽ ججها ملن ٿا.

    حنيف عاطر بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي، پر وٽس هر صنف جو هُنر آهي. هن سنڌي شاعري کي هڪ نئين صنف ”ڪلماتي شاعري“ ارپي شاعري کي هڪ نئون موڙ ڏنو آهي. ”لُڙڪن جو قرض“، ”هوا ڪا لهجا“، ”مٽيءَ جو درد ۽ اکين رنج ميڙيا“ کي ڏاڍي پذيرائي حاصل ٿي. هن هن جي انتهائي محنت ۽ ڪاوش جو ثمر آهي ته هن جو ڪتاب هٿو هٿ وڪامجي ٿو. عاطِر کي اهو ارمان به رهيو آهي ته نئين ٽهيءَ سنڌي ڪتاب کي اهميت نه ٿي ڏي. تڏهن ته هن هڪ شعر ۾ شڪايتي انداز ۾ چيو آهي ته:

    ماٺ جي ماڪ ڇانيل آ ماحول تي!
    غم جا ڪهڙا ٻڌايون مقالا اسين؟
    بي حِسي ڪيتري! جو پڙهون ئي نٿا،
    سنڌي اخبار، سنڌي رسالا اسين.

    عاطِر مزاجي عشق کان وٺي حقيقي عشق جا رنگ به جيون جي قرطاس تي وکيريا آهن، گڏوگڏ حب الوطني جو عشق به سيني ۾ سانڍي رکيو اچي. ”اکين رنج ميڙيا“ ۾ ناليواري نوجوان البيلي شاعر ايوب کوسي پنهنجي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته عاطر جي شاعري پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي ۾ شاعري ڪرڻ لاءِ هن وٽ کوڙ ادبي لفظ آهن. هن پنهنجو سفر جاري رکيو آهي، عاطِر جي سنڌي ٻولي سان محبت لڪل حقيقت ناهي، هڪڙي نفاست ذميواري ۽ سنڌو درياهه جي ٿڃ ملهائڻ وارو جذبو دل ۾ رکي سفر جاري رکيو آهي. عاطِر وٽ جدت جو تصور موجود آهي. وٽس فن به سگهارو آهي ته فڪر به نواڻ آڇيندڙ آهي. اهو فڪر هرو ڀرو پاروٿو ناهي. ان ۾ گهرائي جا گس موجود آهن. اهم ڳالهه اِها آهي ته هن حُسن، عشق، سماجيات، هجر، وصال، مفلسي، وطن دوستي، مزاحمت ۽ سچ تي نه رڳو سُٺا شعر تخليق ڪيا آهن پر ان سان گڏ هُن ان ماحول کي به شعرن ۾ ظاهر ڪيو آهي، جيڪو ماحول بارود جي بُوءِ سان ڀريل آهي، جتي ساهه منجهندڙ ۽ دل ڪڙهندڙ آهي.

    رڳو طوفان جُون خانابدوشيون
    نه گل، خوشبو، نه ڪا شبنم اندر ۾
    ڦٽا گونچ ناهن اندر ۾ سُکن جا
    رڳو هيل ڳوڙها اکين سام ورتا.

    جڳ جو نقشو آ تو اڳيان ليڪن
    سنڌ جو سُور تو پڙهيو ناهي.

    اسان تقسيم ٿي وياسين،
    سوين عاطِر قبيلن ۾!

    اُهي سمورا درد اسان جي مٽي جا درد آهن، جن کي پُوري سچائي سان عاطر پيش ڪيو آهي:

    ڪهڙا شهر اڏيان مان عاطر دردن جا
    منظر سارا ويڙهجي ويا خاموشين ۾

    خاموشين اسان جي سپنن ۾ ۽ اسان جي منظرن جا ڪيڏا کاٽ هنيا آهن؟ اها ڊگهي ڪهاڻي آهي! الميو اهو آهي ته هن دور ۾ انسان وڏي بيدردي سان ساڙيو ۽ ماريو ويو آهي، پر ان درد کي بنهه گهٽ ڄاتو ويو آهي.
    سنڌ جو محبوب ناليواري بزرگ شاعر احمد خان مدهوش ”مٽي جي درد“ ۾ لکيو هو ته حنيف عاطِر تي سنڌ جي باضمير زمين جو ايترو ته رنگ چڙهي ويو آهي جو هاڻي هن کي غير سنڌي سمجهڻ ۽ سڏڻ ئي غلط لڳو ٿو، جيڪو نفرتن کي لت هڻي محبتن کي ڀاڪر وجهي بيٺو هجي، جنهن جي شعور جا فني ۽ فڪري ٻئي پاسا، سنڌ ڌرتي جي دردن ۾ رڱيل هجن! جنهن جي من ۾ مٽي جو درد هجي، ان لاءِ راءِ جو هڪ حرف لکڻ به پاڻ ڪاڻ لاجواب ثواب سمجهان ٿو.
    ميڊم گُلشن لغاري ”لڙڪن جو قرض“ ۾ لکيو آهي ته سنڌي ٻولي ۾ منفرد لهجو ۽ خوبصورت انداز بيان رکندڙ نئين ٽهي جي شاعرن منجهان هڪ حنيف عاطر به آهي. سندس شاعري ڄڻ موتين جي مالها آهي، جنهن ۾ لفظن جو سٽاءُ موتين جيان لڳي ٿو، جيڪي هو خيال جي گهري سمنڊ منجهان ڪنهن ماهر ٽوٻي جيان ٽٻي هڻي ڪاغذ جي ڪناري تي کڻي اچي ٿو، پوءِ اُهي جذبن جا موتي سندس شاعري ۾ ائين جرڪن ٿا، ڄڻ اونداهي ۾ آسمان تي ستارا جرڪندا هجن!

    مسافر چنڊ جو آ ساهه اٽڪيو!
    جڏهن نڪ جي ڦُلي جا رنگ جاڳيا.

    ”لڙڪن جو قرض“ ۾ ناليواري اديب دانشور سائين ولي رام ولڀ لکيو آهي ته اڄ جڏهن سنڌي شاعري ورجاءُ جي واديءَ ۾ اُلجهي وئي آهي تڏهن تازگي جي ڳولا لاءِ ڪٿي اوچتو معيار جا آبشار ڏسي من جا ٿڪ لهي وڃن ٿا. اڄ جي جديد سنڌي شاعري ۾ بنا شڪ جي حنيف عاطر جي شاعري نئين صبح ۾ ڪويل جي ڪوڪ ۽ بهار جي پهرين گلاب جو جلوو لڳي ٿي. حنيف عاطر جا غزل دلربائين جا داستان آهن. اهي موضوعن جي رنگين روشنين سان جرڪندڙ ستارا به آهن ته اُڏامندڙ ابابيل به آهن. عاطر جي شاعري ۾ سنڌ وسي ٿي، سڄو سماج ڄڻ آرسي ۾ نظر به اچي ٿو. سچ ته عاطر وقت جي ڳلين ۾ ڪڏهن به نه مري سگهندڙ شاعري جو معتبر ۽ پيارو خالق آهي.

    اجرڪ وارا پور ڏِسي،
    خوش ٿيو من جو مور ڏسي.
    ٻاروتڻ جا خواب مڙيا،
    هٿ ۾ لاٽون ڏور ڏسي.

    حنيف عاطر جي شاعري جو تازو آيل مجموعو ”اکين رنج ميڙيا“ اکين آڏو آهي. غزل، نظم، وائي هر صنف تي چابڪدستي سان پنهنجي فن ۽ فڪر کي نروار ڪيو آهي. غزل کي نرالي نواڻ جي تازگي سان مهڪايو آهي. هيٺ ڏنل بند سانڍڻ جهڙا آهن:

    ماءُ جي ٻولي جا رنگ
    پيار جي پوتي جا رنگ
    ويا اکين ۾ پوئجي!
    سمنڊ جي ڇولي جا رنگ
    ڳل مٿي رهجي ويا
    يار جي جهولي جا رنگ
    مُنفرد جڳ کان لڳا:
    تنهنجي هر چولي جا رنگ.

    روح جي رشتي جي ڪهڙي ثابتي توکي ڏجي؟
    منهنجي نيڻن! تنهنجي خوابن سان رکي آ دوستي.

    تو پُٺيان هي نظر اُجالي ۾
    ٿي وئي دربدر اُجالي ۾
    مهربان توتي چنڊ ۽ تارا
    تنهنجو چمڪي ٿو گهر اُجالي ۾.

    نڪي حيلن وسيلن ۾
    گهُريم توکي دليلن ۾
    عدالت ۾ آ بي ڏوهي
    بحث جاڳيا وڪيلن ۾
    اسان جو روح ٿيو قيدي
    تنهنجي ٻولن رسيلن ۾
    رکيو نظرون اچن ڌاريا
    رڳو سنڌ جي وسيلن ۾.

    اکين جي درد جو قصو
    ڪٿي ٿو راز ۾ لکجي؟
    کڻي ڪاغذ پيو سوچيان
    ته ڇا آغاز ۾ لکجي؟

    کنيا ڇا نارين گهڙا
    اکين جا ويا ٽٽي ڪڙا
    بدن ۾ ڪونه ٿا سُمهن
    هي عاشقي جا اولڙا.

    چنڊ ۽ تو ۾ فرق آ ڪهڙو
    اڄ به ساڳيو سوال منهنجو آ.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,511
    ورتل پسنديدگيون:
    26,995
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اکين جي درد جو قصو
    ڪٿي ٿو راز ۾ لکجي؟
    کڻي ڪاغذ پيو سوچيان
    ته ڇا آغاز ۾ لکجي؟

    خوبصورت شاعر جي خوبصورت شاعريء جو سٺو تجزيو پيش ڪيل آهي۔ اوهان جي خوبصورت شيئرنگ
     
  3. نوراحمدلغاري

    نوراحمدلغاري
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2017
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43

هن صفحي کي مشهور ڪريو