اسلامي يونيورسٽي تي حملو ڇو۔۔؟ ارباب نيڪ محمد جو آرٽيڪل۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    دوستن کي گذارش آهي ته هن آرٽيڪل کي ضرور پڙهن۔۔۔

    بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽيءَ تي حملي جو بين الاقوامي پس منظر!

    ارباب نيڪ محمد​

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن بين الاقوامي اسلامي سربراهي ڪانفرنس ”لاهور“ ۾ ڪوٺائي هئي، تڏهن ٻين الاهي سارن ”اسلامي ملڪن“ جي مسئلن بابت به ڪي ڪارائتا قدم کڄاڻا هئا، پر تازو جنهن درسگاهه کي ”دهشتگرديءَ“ جو شڪار بنايو ويو آهي، خبر هئڻ گهرجي ته خيرن سان اها دانشگاهه به اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي ”ڪارستاني“ آهي! شهيد ڀٽي جي فرمائش تي اسلامي ملڪن جو خصوصي فنڊ قائم ٿيو هو ۽ شاهه فيصل شهيد پنهنجي ملڪ طرفان ”فيصل مسجد“ اڏائڻ لاءِ اسپيشل فنڊ به عنايت ڪيو هو. جنهن اڱاري تي يونيورسٽي خودڪش حملي آورن جي زخمن سان چور هئي، هڪ هفتو اڳ مٺيءَ ۾ صهيب حيات سمون فيصل مسجد جي خطيب پروفيسر عبدالجبار شاڪر جي غائبانه جنازي نماز پڙهائي رهيو هو...بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽيءَ کي سنڌ زادي ذوالفقار علي ڀٽي وجود بخشيو هو، جڏهن ته ٽي ٻيا سنڌ زادا اي ڪي بروهي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ مسٽر گهانگهرو هن جامعه جا فائونڊر ريڪٽر، وي سي ۽ رجسٽرار مقرر ٿيا هئا. ڊاڪٽر بلوچ ته سنڌي عالمن جو هڪ سئو کن نهايت معنيٰ خيز مواد تي مشتمل منفرد ڪتاب ڇاپڻ جو پلان به جوڙيو هو، پر ڪن ڪم علمن جي ”ناقدريءَ“ جي ڪري اهي قلمي ڪتاب منظر تي اچڻ کان محروم رهجي ويا هئا. تاهم هڪ سئو کن اهڙا ڪتاب البته سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو هن درسگاهه جي ”دعوت اڪيڊمي“ طرفان اشاعت پذير ٿيڻ جو شرف ماڻي چڪا آهن. ڪراچيءَ ۾ هن اداري جو صوبائي هيڊ ڪوارٽر به موجود آهي، جنهن کي سنڌي مطبوعات جو مرڪز ڪوٺي سگهجي ٿو. جيڪو ”گلشن معمار“ ۾ پنهنجي وجود جي ساک ڀري رهيو آهي.

    اسلام آباد ۾ اعجاز مهر کان به اڳ جنهن مهر کي ميڊيا جي ميدان جو پهرين جوڙ جو ملهه ليکيو ويندو آهي، ان جو نالو علي احمد مهر آهي ۽ موصوف هن درسگاهه جو معلم به رهيو آهي. جڏهن ڊاڪٽر بلوچ کي ناقدريءَ جو شڪار بڻايو پئي ويو، تڏهن علي احمد مهر وارن سنڌين روايتي اسٽرائيڪ جو اعليٰ پيماني تي مظاهرو به ڪيو هو. ائين جيئن اڄڪلهه قائد اعظم يونيورسٽيءَ جا سنڌي جوڌا ”هو جمالو“ تي پنج-آبي پرين سان برسر پيڪار آهن. علي احمد مهر جي نوڪري به تيل ٿي ويئي هئي، جنهن کانپوءِ ماستر محمد عظيم مهر جو هيءُ موڀي پٽ شڪارپور واپس ورڻ بدران ”اسامه“ بن لادن جو ترجمان مقرر ٿيو هو. هن وقت موصوف عرب نيوز جو پاڪستان لاءِ وقائع نگار خصوصي آهي. تازو جڏهن برگيڊيئر امتياز پارن انڪشافي صندوقن منجهان ڪي پراسرار پرزا ٻاهر پئي ڪڍيا، تڏهن علي احمد مهر کان به رهيو ڪو نه ٿيو ۽ هن چئي ڏنو ته نواز شريف ۽ قاضي حسين احمد سميت جن به پاڪستاني ليڊرن سان اسامي جون عليحدگيءَ ۾ رس رهاڻيون هيون، تن سمورين ڳالهين ٻولهين ۾ ترجمانيءَ جو فريضو هن عاجز سرانجام ڏنو هو.

    ڊاڪٽر بلوچ پارن کي بيدخل ڪرڻ کانپوءِ يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي مداخلت وڌي ويئي ۽ مصر، عربستان، اردن ۽ ٻين عرب ملڪن جي استادن جو انگ اضافي جون حدون اورانگهي وڃڻ ۾ درجهءِ ڪمال تي پهچي ويو...عبدالله عزام جهڙا ”جهادي“ بزرگ به هن درسگاهه ۾ تاليق رهيا آهن. ان دور ۾ يورپي ملڪن ۽ آمريڪا کي ”اسلامي جهاد“ سان جهڙو ڪر ابي امان کان به وڌيڪ محبت هئي. سوويت يونين واري ست ماڙ ماڙي ڪيرائڻ کان پوءِ هن يونيورسٽيءَ تي واشنگٽن جو دٻاءُ وڌڻ لڳو. اسلام آبادي اقتداري ڌرين اسلامي سوشلزم واري دور جي شهيد ڀٽي جي ساٿي ملڪ معراج خالد کي نگران وزارت اعظميٰ سان گڏ بين الاقوامي يونيورسٽيءَ جو ”ريڪٽر“ مقرر ڪري ڪنهن حد تائين عالمي پريشر کي گهٽائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. مرهيات جنرل ضياءُ الحق جو ”مزار مبارڪ“ به هن يونيورسٽيءَ جي احاطي ۾ موجود آهي. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي 1988ع واري اقتداري دور ۾ فيصل مسجد جي تڏهوڪي خطيب ڊاڪٽر محمود احمد غازيءَ کان پڇيو هو ته جنرل صاحب جي ”جسدِ خاڪيءَ“ کي توهان هتي سپرد خاڪ ڪرڻ جي موڪل ڇو ڏني؟ غازي صاحب به مشهور منطقي اسڪالر ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي مرحوم جو شاگرد هو. چيائين: محترمه! هن مامري ۾ مون کان ته موڪل ئي ڪا نه ورتن.

    غازي اڳتي هلي هن يونيورسٽيءَ جو وي سي تڏهن ٿيو هو، جڏهن ملڪ معراج خالد هولي سولي هن اداري جو مدار المهام هو...تازو جنهن نئين ڪيمپس ۾ آپگهاتي حملو ٿيو آهي، اها ست سئو چار ايڪڙ قيمتي زمين به ملڪ معراج خالد جي ڪوششن سان اداري حوالي ٿي هئي...بائونڊري وال کان بنهه آجو هي وسيع ۽ عريض زمين تي مشتمل ادارو هن وقت پروفيسر فتح محمد ملڪ جي ”ريڪٽري“ ۽ ڊاڪٽر انوار حسين صديقيءَ جي وائيس چانسلريءَ ۾ پنهنجا فرائض بجا آڻي رهيو آهي. سابق سرخو پروفيسر ملڪ هن وقت سر سيد احمد خان واري ”نيچري“ فڪر سان سرفراز ٿيل آهي، وائيس چانسلر صاحب ”حيدر آبادي“ آهي. ڍوري ناري واري پروفيسر امير الدين مهر ۽ ٽنڊي جان محمد واري ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙي جهڙا اڪيچار سنڌي عالم به هن اداري جي علمي مزاج جي آبياريءَ ۾ پنهنجو پگهر وهائي چڪا آهن. ”نونهيون“ جي نهڙئي ادي عبدالجبار جهڙا سوين سنڌي طالب علم ڌار ڌار شعبن ۾ مهارت ماڻي ڪيريئر پلاننگ جي ميدان ۾ ڪاميابيءَ سان ڪميت ڪڏائي رهيا آهن. عبدالجبار هن وقت ڪنهن مشهور اسلامي بئنڪاريءَ واري اداري ۾ وائيس پريزيڊنٽ آهي.

    يونيورسٽيءَ جي ترجمان محمود احمد فاروقي ٻڌايو پئي ته حملا آور جنهن تياريءَ سان آيا هئا ۽ هنن جيڪو وقت منتخب ڪيو هو، ان مان سوين جانيون تلف ٿيڻ جو خطرو هو. حملي واري ڏينهن شام واري شفٽ جون بسون قدرتي طور تي ليٽ ٿي ويون نه ته سوين طالبات ۽ طالب شهيد ٿي وڃن ها. هن ٻڌايو ته اسان جا ٻئي گارڊ شهيد ٿيا آهن، جن حملي آورن اڳيان ”سدِ سڪندري“ بڻجي پنهنجي منصي فرض جي پورائي جو انتهائي اعليٰ مقام ماڻيو. هن چيو ته نقاب پوش حملي آورن ”نياڻين“ جي روپ ۾ گارڊن کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر گارڊ تربيت يافته هئا ۽ هنن يونيورسٽيءَ کي وڏي نقصان کان بچائي ورتو. تاهم فاروقيءَ چيو ته اسان کي ٿيندڙ نقصان تي ارمان آهي. جڏهن جي ايڇ ڪيو دهشتگردن جي جبر کان آجو ناهي رهيو ته پوءِ ست سئو چار ايڪڙن تي مشتمل بائونڊريءَ کان بي پرواهه اها بين الاقوامي يونيورسٽي ڪيئن پئي بچي سگهي؟

    ڪن ”ڪروڌ ڀريل“ ڪاڪن خيال ظاهر ڪيو آهي ته اها ڪارروائي سارباز ۽ پشين واري ”ريگي ريڪٽر“ جو ردِ عمل آهي...تعليمي ادارن تي حملن جو آغاز زرمڪ ڪيڊٽ ڪاليج جي ”هونهارن“ جي اغوا سان ٿيو هو. ان ڏينهن کان وٺي هٿيار بند ادارن جي دانش گاهن جون بسون به رنگ مٽائي خاڪيءَ مان ڦري اڇيون اجريون ٿي ويون هيون. انساني اهتمام جا پنڌ وڃي پري تائين پهتا هئا ۽ جن ادارن جي مونوگرام ۾ چٽ ڪٻرا باز ۽ ٻيا نشانن موجود هئا، خيرن سان اهڙا اهڃاڻ به لاهي ڦٽا ڪيا هئائون. پر تقدير اڳيان تدبير ڪري به ڇا ٿي سگهي...H-10 جو سمورو سيڪٽر سي ڊي اي جي”سيوريج ٽريمنٽ پلانٽ“ لاءِ وقف ٿيل هو پر ملڪ معراج خالد کي اها زمين غلام اسحاق خان ۽ فاروق لغاري پنهنجي صدارتي اختيارات وسيلي هن اداري لاءِ عنايت ڪرائي ڏني هئي. هن علائقي ۾ ”آرتوار بازار“ به لڳي ٿي، جڏهن آمريڪن اسڪول، الهديٰ يونيورسٽي، ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ، سنٽ، ايف اي ايس ٽي، نمل، سيناڪ، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرونس، آءِ سي ايم اي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جهڙا تعليمي ادارا ۽ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جا هيڊ ڪوارٽر به ايڇ ٽين ۾ ايستاده آهن. ساڳئي 715 ايڪڙ ايراضي تي مشتمل نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي به ايڇ ٻارهان سيڪٽر ۾ بائونڊري جي ”بلا“ کان آجو موجود آهي.

    حملي آورن هيترا سارا ادارا ڇڏي اسلامي يونيورسٽيءَ تي حملي ڪرڻ کي ترجيح ڇو ڏني؟ اها ئي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته منجهس ججز کان وٺي آرمي آفيسرن تائين ۽ ڪامورن کان وٺي سول سوسائٽي جي خواتين و حضرات لاءِ ”ريفريشر ڪورسز“ ۾ جيڪي موضوع منتخب ٿيندا آهن، تن عنوانن ۾ ”تقابلِ اديان“ کي ترجيح حاصل رهي آهي. دنيا جي ٽيهارو کن مقبول ٻولين ۾ اسلامي فهم ۽ فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ سورسز استعمال ڪيا ويندا هجن، جنهن اداري ۾ ان اداري جي احاطي ۾ آپگهاتي ”طالبان“ ڪهڙا مقصد کڻي پهتا هئا؟ يونيورسٽيءَ جي بڻ بڻياد ۾ سمورا اسلامي ملڪ شامل هجن ۽ جنهن دانش گاهه جا در اسلامي ۽ ٻين ملڪن جي تشنگانِ علم لاءِ کليل هجن. سوين ملڪن جي طالب علمن تي مشتمل هن علمي اداري تي حملي کان پوءِ سموري دنيا ڏانهن دهشتگردن ڪهڙو پيغام اماڻيو آهي؟ لڳي ٿو ته هي حملو نه ته ريگي ردِ عمل آهي ۽ نه وري روايتي ”طالبان“ جي ڪارروائي....حملي ۾ اهي فيڪٽر ملوث ٿي سگهن ٿا، جن افواج پاڪستان جي پنڊي مرڪز کي ٽارگيٽ بنايو. ساڳيا هٿ راڄواڙي جيءَ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽيءَ جو الهه تلهه آگ حوالي ڪري ملڪي سرحدن کي مفلوڪ الحالي ڏانهن وٺي ويندڙن جو ارادو هن اقليمِ الهداد کي ناڪام رياست بنائڻ آهي.
    sindhsalamatsaathsal
    arbabnek@yahoo.com
     
  2. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing
    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو