ڀاڙي ماڻهو!!!

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ اياز احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2012۔

  1. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    ڀاڙي ماڻهو!!!
    ڀاڙِي تي ويساه نه ڪوئي!
    جنهن کي چاهي تنهن کي وڪڻي
    ماءُ مِٺِيِ جي ڇاتي وڪڻي
    ...
    ٻار به وڪڻي،
    تن جي ٻولي ٻاتِي وڪڻي
    ابا وڪڻي ڏاڏا وڪڻي.
    تن جا سڏ پڙاڏا وڪڻي
    ٿوهر وڪڻي. ٿر کي وڪڻي
    برپٽ، باغ ۽ بر کي وڪڻي
    پل اسان جا پهر به وڪڻي
    ڍنڍون، ڍورا، پلر به و ڪڻي
    تنهنجا منهنجا ڳوٺ سمورا،
    شهر به وڪڻي.
    اروڙ، مڪلي، موهن وڪڻي
    پنهنجي جوءِ جو جوڀن وڪڻي
    کرڙي، دٻي، مياڻي وڪڻي
    جي هو چاهي نياڻي وڪڻي،
    هن جو وس هلي جي جيڪر
    سچ کي وڪڻي!
    ڪيِئن هو جلندڙ سج کي وڪڻي؟؟؟
    ڀاڙي ماڻهو!!!
    وطن به وڪڻيو کائي ڄاڻي
    قوم به وڪڻيو کائي ڄاڻي
    ڪفن به وڪڻيو کائي ڄاڻي
    عزت عظمت غيرت ڇا هي؟
    ڳالهه نه اهڙي ڀاڙي ڄاڻي
    ڀاڙي ڪوٽن ڪوٺن ڄاوا
    تن ۾ ڪيڏو فرق ته آهي
    ڪوٺن وارا ڀاڙي ماڻهو،
    پيٽ گذر لئه ڌنڌو ڪن ٿا
    ڪوٽن وارا سياسي ڀاڙيا،
    پنهنجي ذاتي ملڪيت خاطر،
    قوم سڄي جو سودو ڪن ٿا،
    رت سان رنـڱيل اتهاس اسان جو،
    خوار ڪرن ٿا ،
    گندو ڪن ٿا......!!!
    (وشال سنڌو نريش)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو