سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ رحيم بخش طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2012۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جزاڪم الله خيرا سائين قبلا توهان جي مهرباني جو توهان اسان جي همت افزائي ڪرڻ سان گڏ هر طرح تعاون جي يقين دهاني پڻ ڪرائي منهنجي خيال ۾ اوهان جلد نمبر 5 تي ڀلي ڪم شروع ڪيو توهان فقط سنڌي ٽائيپ ڪندا باقي قرآن جو عربي ميٽر سو اسان وٽ موجود آهي ان ۾ زير زبر وارو ڪم ٿورو ڏکيو ٿيندو سو اهو فقط ڪاپي پيسٽ ذريعي فائيل ۾ شامل ڪيو ويندو۔ اوهان جهڙن پيارن جو ساٿ آهي ته منزل دور نه آهي۔ ڪافي دوست موضوع پڙهي جواب نه ڏئي سگهيا آهن شايد هڪ ٻئي جي انتظار ۾ آهن اهڙن پيارن کي عرض آهي ته هڪ ٻئي جي انتظار کي ڇڏيو پنهنجي طرفان دامي درمي سخني جيتري خدمت ڪري سگهو ان جو اظهار ڪيو ته جيئن سڀني دوستن جي همت افزائي ٿئي جيڪڏهن ڪو دوست مالي مدد نه ٿو ڪري سگهي ته ڪمپوزنگ ۾ اسان جي مدد ڪري الله تعالى ان جي ان خدمت کي قبول ڪري ، هي ڪم هڪ فرد کان ته نه ٿيندو ٻه ته ٻارهن جي چوڻي وانگر جيڪڏهن سڀ دوست خدا ڪارڻ ان ڪم ۾ هٿ ڳنڍينداسين ته انشآء الله تعالى رب ڪريم جي مدد سان اهو ڪم جلد تڪميل تي پهچندو۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    دوستن جي معلومات لاء عرض ته هڪ دوست ڪمپوزنگ لاء رعايت اگهه ڏهه روپيه في پيج تي تيار آهي اگر دوستن جي اجازت هجي ته جلد نمبر 4 جو ڪم ان جي حوالي ڪجي۔
     
  3. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    سائين! هڪ ذاتي تجربو اوهان سان ونڊي رهيو آهيان، جيڪو بيشمار ڀيرا آزمايل آهي، اهوهي ته جيڪي دوست ڪم سَستي اگهه تي ڪري رهيا آهن، انهن جي ڪمپوزنگ ۾ ايتريون ته غلطيون هونديون آهن، جو پروف پڙهڻ ۾ ٽائيم ڪافي وڌيڪ برباد ٿيندو آهي، ذهني پريشاني ۽ بوريت پڻ الڳ ٿيندي آهي۔ وڌيڪ اوهان وس وارا آهيو۔۔۔!
     
    TAHIR SINDHI، نثارابڙو، (deleted member) ۽ 3 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  4. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    تمام سٺي سوچ ۽ تمام سٺو ڪم، فقط ايترو سمجهايو ته ڪمپوزنگ ڪورل ڊرا ۾ ڪرڻي آهي يا ايم ايس ورڊ ۾۔ اگر ايم ايس ورڊ ۾ ڪرڻي آهي ته جيترو ٿي سگهيو حاضر آهيان ۽ 500 رپيه هن ڪار حصو قبول ڪندا، بس اهو بڌايو ته توهان تائين ڪيئن پهچايان۔
     
    TAHIR SINDHI، ايس ايم درس، نثارابڙو ۽ 5 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سهڻا سائين پرنٽگ گرافڪ ۽ پريس جي ڪم ۾ اوهان اسان کان وڌيڪ تجربيڪار آهيو اسان سڀني لاء استاد جي حيثيت رکو ٿا۔ هر ڪم اوهان جي سهڻي صلاح سان ئي ٿيندو انڪري ته ڳالهه اوهان اڳيان رکي آهي ليڪن بجيٽ کي به مد نظر رکڻو پوي ٿو جيئن توهان جو مشورو هجي ائين ڪنداسين۔ اوهان پنهنجي طرفان به ڪن دوستن کي چئي ڏسو جيڪي ان فيلڊ ۾ مهارت رکندا هجن ۽ اها تجويز به دوستن اڳيان پيش ڪجي پوء جيڪا صلاح سڀني دوستن جي متفقه طور تي بيهي ان تي عمل شروع ڪيو وڃي۔
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    محترم ڀاء اياز احمد توهان جي مهرباني جو توهان تعاون ڪيو ٿا ڪم ايم ايس ورڊ ۾ ئي ڪيو ويندو جيترو توهان ڪم ڪري سگهو ايترا پيج توهان جي حوالي ڪيآ ويندآ مالي مدد لاء به اوهان جي مهرباني۔ الله تعالى توهان کي جزاء خير عطا فرمائي۔
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    دوستن کي گذارش آهي ته سائين ذيشان رشيد جن هڪ ڪچهريء جي شروعات ڪندا ان ۾ ڊونيشن موڪلڻ جو تفصيلي ذڪر هوندو ليڪن ڪجهه دوست اهڙا به آهن جيڪي پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ نه ٿا چاهين اهڙن دوستن جي خدمت ۾ عرض آهي ته اهي ڀلي انفرادي طرح سان سنڌ سلامت جي ذمه دار دوستن سان تعاون ڪن جيئن سائين ذيشان رشيد جن کي هٿو هٿ تعاون ڪن يا اسان جي مهربان دوست سائين محمد سليمان وساڻ جن سان تعاون ڪن يا حيدرآباد ۾ اسان جي محسن دوست سائين ابو واصف جن سان تعاون ڪن يا اسان جي پياري دوست اسد مير جت عرف مست سان تعاون ڪن يا اسان جي پياري دوست عامرضياء چارڻ يا محترم نثارابڙو صاحب يا نهايت ئي محترم سائين نثارناز صاحب جن مطلب جيڪو جنهن علائقي ۾ ويجهو هجي اهو ان سان تعاون ڪري يا ايزي پيسا ڪري موڪلي يا بينڪ اڪائونٽ ۾ موڪلي انلاء موبائيل نمبر ، شناختي ڪارڊ نمرز يا اڪائونٽ جو تفصيل جلد از جلد ڪچهريء ۾ شامل ڪيو ويندو۔
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  8. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    سائين منهنجاوڏي مهرباني، توهان جڏهن به ڪم شروع ڪيو انشا الله اوهان سان گڏ آهيان۔ اسلام آباد ۾ اگر ڪوئي دوست آهي ته مان ان سان رابطو ڪيان؟
     
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجا سائين اصل دل وٽان اها ڳالهه ٿي رهي آهي۔ ان سلسلي ۾ سائين رحيم بخش صاحب جن ڪيترا ڀيرا مون سان به رابطي ۾ رهيا ۔ پر وري ڪجهه مصروفيتن جي ڪري اهو ڪم رڪجي ويو پر هاڻ انشاءِ الله تعاليٰ سڀ گڏجي پوندا سين ته اهو نيڪ ڪم جلد ممڪن ٿي سگهندو، اسان جو سهڪار هر ويل رهندو ۔ مالي مدد وس آهر ضرور ڪبي ان لاءِ اڪائونٽ موڪليو ۽ مونکي جيڪڏهن ٽائپنگ لاءِ پيج ڏنا ويندا ته مان اهي به ڪري ڏيندس باقي ان ۾ ترميم اوهان پاڻ ڏاها ماڻهو ڪري وٺجو۔
     
    TAHIR SINDHI، ذيشان رشيد، رحيم بخش ۽ 4 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مان جيئن ته ڊيوٽيءَ جي ڪري گهڻي ڀاڱي سيوهڻ يا ڀان سيد آباد ۾ هوندو آهيان ان ڪري هفتي جي ڏينهن جي دوران اتي ئي رابطو ڪري سگهجي ٿو، ورنه آچر تي ڄامشورو
     
    TAHIR SINDHI، رحيم بخش ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    خوشي ٿي آهي سائين جيڪا نيڪ ڪم لا قدم کنيو سڀني ساٿين پنهنجي وس آهر مدد ڪرڻ جي هامي ڀري۔ انشا اللۡه نيڪ ڪم ۾ ضرور ڪاميابي ماڻينداسين۔ آمين۔
     
    TAHIR SINDHI، رحيم بخش ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين سڀ کان پهريائين ته معزرت جو ڪجهه مصروفيتن جي ڪري اهڙو اهم موضوع وقت سر پڙهي نه سگهيس
    اميد ته معاف ڪندا مان ايترو چوندس ته
    ماشا الله تمام بهترين ۽ ڪار خيئر وارو ڪم آهي​
    مان اوهان سان فون تي رابطو ڪري ٿو وٺان ان نيڪ ڪم ۾ ضرور به ٍضرور حصو وٺبو​
    الله ڪندو ته توهان پنهنجي ان نيڪ پروجيڪٽ ۾ ڪامياب ٿيندا ​
    سدائين گڏ​
     
    TAHIR SINDHI، ذيشان رشيد، رحيم بخش ۽ 3 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  13. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترم رحيم بخش اسلام عليڪم۔ ادا سائين جڏهن به ڪو ڪم دين جي فلاح ۽ بهبود لاء ڪيو وڃي، الله پاڪ جي ان ۾ نصرت شامل ٿئي ويندي آهي۔قران پاڪ جي سنڌي ۾ ترجمون ۽ تفسير سافٽ ڪاپي ۾ ٺاهڻ سچ مچ ته هڪ وڏو نيڪ عمل هوندو۔ توهان بسم الله الرحمن الرحيم پڙهي ڪم شروع ڪيو انشاالله هر قسم جي مدد اوهان کي حاصل ٿئي ويندي۔
     
    TAHIR SINDHI، ذيشان رشيد، رحيم بخش ۽ 4 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  14. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين انشآء الله تعالى جلدي اوهان کي آسان طريقو ٻڌايو ويندو انتظار لاء معذرت ۔
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن سائيٽ تان تفسير ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پر ناڪام ٿيس۔ هيٺيون ارر اچي رهيو آهي۔

    [​IMG]


    Document failed to convert



    Sorry, we can't display this document



    جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ ڊائونلوڊ ٿيل ڪاپي هجي ته ڪو هڪ جلد يا ڪجهه صفحا مونکي اي ميل ڪن۔ جيئن ڪمپوز ڪرڻ وارن سان ڳالهائي سگهجي۔

    sulemanwassan@gmail.com

    _____
     
    TAHIR SINDHI، رحيم بخش ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  16. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين محمد سليمان وساڻ پيارا توهان جي مهرباني جو توهان وقت ڪڍي ان ڪم جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو توهان وري ٽراء ڪري ڏسو شايد ڪو اسپيڊ وغيره جي ڪري اوهان سان مسئلو پيش آيو هجي ، مان چيڪ ڪيو آهي هڪ جلد ٿورو مسئلو ڪري ٿو باقي سڀ جُلد آسانيء سان ڊائون لوڊ ٿين ٿا ورنه مون وٽ هارڊ ڊسڪ ۾ پي ڊي ايف فارميٽ ۾ مڪمل سيٽ موجود آهي حيدرآباد ۾ هڪ دوست آهي محترم عبدالله صاحب انهن وٽ به مڪمل سيٽ پي ڊي ايف ۾ پيل آهي اصل اسڪين به انهن ڪيو هو مڪتبه ڊاٽ آرگ تي محترم عبدالرحيم نظاماڻي جن جواپلوڊ ڪيل آهي اهو به مهربان آهي جيڪو هن وقت سوئيڊن ۾ رهندو آهي۔ بهرحال پي ڊي ايف صورت ۾ توهان وٽ اگر ڊائون لوڊ نه ٿئي ته عيد تي توهان اگر ڳوٺ اچو ته يو ايس بي کنيو ايندا مڪمل سيٽ کڻي ويندا ان بهاني سان ملاقات به ٿي ويندي۔
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  17. Sufi chandio

    Sufi chandio
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائین اسان جی طرف کان 1000روپیا مگر توهان تائین کیئن پجن اهو هن نمبر تی ایس ایم ایس کری بدائیندا ت مهربانی صوفی چانڈیو
    فون نمبر03013911045
     
    TAHIR SINDHI، ذيشان رشيد ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جزاڪم الله!

    ادا منهنجي طرفان سڀ کان پهرين ته 50 پيج فري ۾ڪمپوز ڪري ڏيڻ جي آڇ قبول ڪريو۔ جلد ئي مالي تعاوڻ ۾ به حصو وجهبو! اوهان نومبر ۾ 50 پيج هن ميل ائڊريس تي موڪليو۔
    hafeezlaghari58@yahoo.com
     
  19. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    محترم ڀاء عبدالحفيظ پيارا توهان جا لک لائق جو توهان پنهنجي مصروف زندگيء باوجود بهترين تعاون جي آڇ ڪئي آهي انشآء الله عيد کان فورن بعد اوهان ڏانهن 50 پيج ميل ڪيا ويندا الله تعالي توهان کي ان ڪار خير جو اجر عطا فرمائيندو۔
     
    TAHIR SINDHI، عبدالحفيظ لغاري ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  20. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سڀني پيارن دوستن جي مهرباني جو هن ڪار خيئر ۾ تمام دلچسپيء سان حصو وٺي رهيا آهن ۔ سڀني پيارن کي رب ڪريم ان جو اجر عطا فرمائيندو۔ جيئن ته عيد الاضحيٰ اچي وئي آهي انڪري ڪافي دوست ڳوٺ ويندا هي عاجز به ڳوٺ ويندو انڪري ٻه ٽي ڏينهن جي اجازت عنايت ڪندا۔ متان ڪنهن دوست کي ترت جواب نه ملي ته دل شڪسته نه ٿئي۔ انشآء الله جيئن ئي عيد کان واپسي ٿيندي ته ان پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو ويندو ان عرصي ۾ اگر ڪو دوست اي ميل ذريعي ڪو مسيج موڪلي ته هن اي ميل تي موڪلي molvirahimbux@gmail.com
    باقي ڊونشن موڪلڻ جوطريقو ڪچهريء ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪي دوست ڪچهريء ۾ شامل آهن انهن کي گذارش آهي ته ٻين دوستن کي اهو پروسيجر پنهنجي طرفان نئين ڪچهري شروع ڪري ان ۾ پنهنجي دوستن کي شامل ڪري ٻڌائين۔
    ايڊ وانس ۾ سڀني دوستن پيارن ڀائرن سنڌ سلامت جي مان وارن ميمبرن ۽ سنڌ سلامت جي ذمه دارن کي هن عاجز طرفان عيد مبارڪ۔
    عيد مبارڪ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو