دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي سلسلي جو هي ٻاويهون ڪتاب ڌيمي وَهڪ درياء جي پيش آهي. هي ڪتاب پياري شاعر محترم مشتاق سعيد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
اڻ پورا جي خواب اکين ۾،
اکڙين ۾ ئي پوريان ٿو،
ساھ ڏنو ٿم ڌرتي تو لئه،
گھاوَ نه پنهنجا گُھوريان ٿو
خاص ٿورا سجاول جي پياري دوست سارنگ حبيب چانڊيو جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت جي پڙهندڙن لاء تحفي طور موڪلي آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي۔
اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.