ڊاڪٽر نجم عباسي : بيباڪ ۽ انقلابي ليکڪ (ورسيء تي ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    ڊاڪٽر نجم عباسي : بيباڪ ۽ انقلابي ليکڪ
    رضوان گل

    ڪهاڻي ادب جي اهڙي وسيع صنف آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي داخلي ۽ خارجي احساسن کي دل کولي اظهاري سگهي ٿو. سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن تيز ۽ ترش انداز ۾ لکي پڙهندڙن تي پنهنجي لکڻين جو اثر ڇڏيو آهي پر انهن ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن جن پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي انقلابي انداز ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳ ڪيو، تن ۾ نجم عباسيءَ جو نالو انتهائي معتبر ۽ محترم آهي.

    ڊاڪٽر نجم عباسي ولد الهندو خان عباسي سنڌ جي تاريخي شهر خان واهڻ ضلعي نوشهروفيروز ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۲۷ تي جنم ورتو. سندس والد درس و تدريس جي شعبي سان واڳيل هو. شروعاتي تعليم هن پنهنجي والد کان به حاصل ڪئي، جنهن بعد انگريزي تعليم خان واهڻ جي ڀرسان واري ڳوٺ تنيا بقا شاهه ۽ پوءِ نواب شاهه جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول مان ورتي. ۱۹۴۶ ۾ مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪرڻ بعد سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ سن ۱۹۴۸ ۾انٽر جو امتحان ڪاميابي سان پاس ڪري ميڊيڪل ۾ چونڊجي ويو. ۱۹۵۳ ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري وٺڻ بعد ترت ئي کيس سرڪاري ملازمت ملي وئي. ۱۹۵۸ تائين سنڌ جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ نوڪري ڪيائين، پر اها نوڪري سندس طبعيت ۽ مزاج کي گهڻو وقت نه آئڙي جو هن ان نوڪريءَ کي بارُ محسوس ڪندي آخرڪار ان کي خيرباد چيو ۽ گاڏي کاتي ۾ پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائڻ شروع ڪئي، جيڪا آخري وقت تائين خدمتِ خلق واري جذبي تحت هلائيندو رهيو.

    نجم عباسي جي اندر ۾ ٻين لاءِ هڪ درد رکندڙ دل هئي جيڪا هر وقت ڪجهه نه ڪجهه چڱو ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل رهي، جڏهن هو اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته اهو دَور آزاديءَ واري تحريڪ جو اهم ترين دور هو جنهنڪري ان وقت ڪيترين ئي تحريڪن به جنم ورتو. آل انڊيا مسلم ليگ جي هڪ ذيلي شاخ مسلم نيشنل گارڊ جنهن ان وقت آزاديءَ جي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، انهيءَ جي شاخ جو بنياد ڳوٺ خان واهڻ ۾ ۱۹۴۶ ڌارا پهريون ڀيرو نجم عباسيءَ ئي وڌو، جڏهن آزاديءَ جا جشن ملهايا ويا ته ان وقت نجم عباسيءَ هڪ يادگار ترانو به لکيو هو.

    نجم عباسي کي ادب دوست استادن جي صحبت اسڪول واري زماني کان ملي. سندس استاد مخدوم امير احمد پنهنجي دور جو عالم ۽ اديب هو، جنهن بزمِ ادب نالي تنظيم قائم ڪري علم ادب ۽ شاعري جي حوالي سان ننڍا وڏا پروگرام منعقد ڪرايا، جن ۾ نجم عباسي ان وقت ڀرپور حصو ورتو. هن پنهنجي ادبي سفر جي شروعات به انهن ادبي ميڙاڪن کان ئي ڪئي ۽ شروعات ۾ شاعريءَ کي اظهار جو ذريعو بڻائي لکندو رهيو. پهريون ڀيرو ان ئي بزمِ ادب ۾ ۱۹۴۱ ڌاري پهريون شعر پڙهيائين. سندس شاعري شروعات کان ئي غير روايتي رهي. هن گل و بلبل جا قصا ڪُٽڻ بجاءِ قومي ۽ اصلاحي نوعيت واري شاعريءَ کي ترجيح ڏني. پاڻ ۱۹۴۴ کان ۱۹۴۶ تائين بزمِ ادب جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
    نجم عباسي کي گهر ۾ ئي علمي ادبي ماحول مليو. سندس والد جا گڏ ڪيل ڪتاب جڏهن هن پڙهڻ شروع ڪيا ته سڀ کان پهريون کيس مشهور عالم اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لکڻين ڏاڍو متاثر ڪيو. خاص طور تي انقلابي حوالي سان لکيل سندس مضمونن کيس نثر لکڻ ڏانهن راغب ڪيو. هن زندگيءَ جي پهرئين ڪهاڻي ”همت ۽ ڪوشش“ ۱۹۴۴ ۾ لکي جيڪا ۱۹۴۷ ۾ ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿي. ان وقت رسالي جو ايڊيٽر لالچند امر ڏنو هو جنهن سندس همت افزائي ڪندي سندس ٻي ڪهاڻي ”کنڊ جي چوري“ (آڪٽوبر ڊسمبر) ۱۹۴۷ واري پرچي ۾ شايع ڪئي ۽ ائين سنڌي ساهت دنيا ۾ نجم عباسي پنهنجي خاص اسلوب سبب مشهور ٿيڻ لڳو.

    نجم عباسيءَ پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع سنڌي سماج کان ٻاهر نه کنيا. هن اڪثر انهن حقيقتن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو جيڪي سندس ئي ارد گرد ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا ٿيا. سندس ڪهاڻين ۾ پيڙا جو پڙلاءُ به آهي، لڱ ڪانڊاريندڙ سانحا به، جن کي پڙهندي روح تڙپي پوي ٿو، اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا. حقيقت ۾ اهو ڪنهن به ليکڪ جي قلم جو وڏو ڪمال هجي ٿو ته سندس لکيل لفظ پڙهندڙ جي دل تي ان حد تائين اثر انداز ٿين جو نيڻ ڀِڄي پون! نجم عباسي ڪهاڻين، ناول ۽ آتم ڪٿائن جي حوالي سان ٽيهارو کن ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيا آهن، جن مان هڪ به ڪتاب هن پاڻ ناهي ڇپرايو. سندس هڙئي ڪتاب پبلشرس کانئس وٺي ڇپرايا جن مان ڪجهه ڪتابن جا چئن کان پنج ڇاپا به آيا. ان مان نجم عباسي کي پڙهندڙن ۽ ساڻس پيار ڪندڙن جو اندازو بخوبي ڪري سگهجي ٿو.

    نجم عباسيءَ ڳالهين کي ڍَڪي ۽ لِڪائي پيش ڪرڻ بجاءِ انهن کي سڌيءَ ريت بيان ڪيو. اها هن جي کرائپ ۽ بهادري هئي جو هن ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي. خاڪي جوئي سندس ڪتاب ”سوچون هڪ سچار جون“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي، ”ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جي آجپي ۽ آزاديءَ لاءِ اهو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو روس جي سوشلسٽ انقلاب لاءِ ٽالسٽاءِ، مئڪسم گورڪي، دوستو فسڪيءَ، گوگول ۽ چيخوف جو آهي. جهڙي طرح مٿين اديبن جي ڪهاڻين ۽ ناولن روسي انقلاب لاءِ عوام جي ذهني تربيت ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح نجم عباسيءَ جي لکڻين سنڌ جي آزادي ۽ انقلاب لاءِ سنڌي عوام جي ذهني ۽ روحاني سکيا ڪئي آهي. سندس لکڻين ماڻهن کي انقلابي ۽ عوامي ادب پڙهڻ تي هيرايو. ڪيترن ئي اديبن ۽ ليکڪن کي سندس ڪهاڻين تي اعتراض آهي ته انهن ۾ فڪر ۽ فن جي گهرائي ڪانه آهي، پر آءٌ ان ڳالهه جي ترديد ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ جنهن فڪر کي عوام تائين پهچائڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي جيڪو مقصد ڏيڻ چاهي ٿو، هو انهيءَ ۾ ڪامياب ويو آهي، اهو هن جو پنهنجو هڪ مخصوص ۽ نرالو انداز آهي جيڪو روايتي ڪهاڻيءَ جي فني انداز کان مختلف آهي“.
    نظرياتي حوالي سان نجم عباسي حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين سوشلسٽ رهيو. هو سرمائيدارن، سردارن ۽ وڏيرن جي ظلم خلاف لکندو رهيو ۽ اها ئي سندس ڪهاڻين ۽ ناولن اندر هڪ مستقل مزاجي هئي جو هن هر لکڻيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن تي لکيو. سندس هر لکڻي انياءَ، ظلم ۽ درد جو هڪ داستان آهي، ان حوالي سان نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جي موضوعن تي پڻ هڪ الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”طوفان جي تمنا“ ڪهاڻيون، ”پٿر تي ليڪو“ ڪهاڻيون، ”ڳاڙهو لالٽين“ ترجمو، ”جيڪي منهنجي من ۾ آهي“ ڪهاڻيون، ” ناچڻي“ ڪهاڻيون، ايڏو سور سهي“ آتم ڪهاڻي،مضمون، ”رشتا ناتا“ ڪهاڻيون، ”اڪيلا نه آهيون“ ترجمو، ”سورج هوندي مرجهايل“ ڪهاڻيون، ”للڪار“ ڪهاڻيون، ”پهاڙن ۾پڪار“ ترجمو، ”پيار ڪهاڻي“ ناول، ”بلنديون“ ناول، ”پروفيسر“ ڪهاڻيون، ”دارون هن ديواني جو“ ڪهاڻيون، ”ڪهاڻيءَ جو قافلو“ ڪهاڻيون ۽ تنقيد، ”گانڌي“ ترجمو، ”تصوف جي چير ڦاڙ“مضمون، ”تلاش“ ناول،”زلزلو“ ترجمو، ”ماسترياڻي“ ترجمو، ”دوکو“ ڪهاڻيون، ”مٿي سنڌ سڪار“ ڪهاڻيون، ”لينن جي انقلابي ڪهاڻي“ ترجمو، ”منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ ڪهاڻيون، ”پاڻ ۾ويٺا آهيون“ ڪهاڻيون ۽ ڪالم، ”اوچا ڳاٽ پهاڙن جا“ ڪهاڻيون ۽ انٽرويو ۽”جبل مٿي باهڙي“ خط شامل آهن.

    سن ۱۹۸۹ ۾ مٿانئس فالج جو حملو ٿيو ته اسپتال بند ڪري گهرُ وسايائين. ڇهن سالن تائين مرض سان جنگ جوٽيائين ۽ آخرڪار ۶۸ سالن جي عمر ۾ ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۹۵ تي لاڏاڻو ڪيائين. سنڌ ڌرتيءَ جي هن انقلابي اديب پنهنجي سموري حياتي ناحق جي پٽڪا ڊاهه ڪئي، بلڪل استاد بخاريءَ جي هنن سٽن مصداق:

    اسان آهيون سادا، چئو ٿا، مڃون ٿا،
    مگر حق ۽ ناحق سڃاڻي وٺون ٿا.
    حقيقت جي قدمن کي نوڙي چُمون ٿا،
    ۽ ناحق جي پڳڙي لتاڙي وجهون ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر نجم عباسي جي ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔

    سندس يادگار ڪهاڻي ڇوڏو ڪڏهن به نه وسرندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نجم عباسي: سنڌ جي ضمير ۽ خمير مان ڳوهيل شخص!

    همسفر گاڏهي

    هيءَ 1994ع جي ڳالهه آهي جڏهن آءُ ماهوار سنڌ سجاڳ جو ايڊيٽر هئس ۽ منهنجو سنگتي نصير ميمڻ، تڏهن ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ نصير سارنگ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. منهنجو حيدرآباد اچڻ وڃڻ اڪثر رهندو هو. ايئن هڪ ٻه ڀيرا سائين نجم عباسي سان سندس نسيم نگر واري گهر تي ڪچهريون پڻ ٿيون. پوءِ هڪ ڏينهن آءُ ۽ نصير سهي سنڀري انٽرويو وٺڻ سندس گهر پهچي وياسين، نجم عباسي تن ڏينهن ۾ انٽرويو ڏيڻ کان به گهڻي ڀاڱي بچڻ جي ڪندو هو پر اسان سان بنهه انڪار نه ڪيائين.
    نجم عباسي جي انٽرويو کان اڳ مون وٽ ذاتي طور سندس شخصيت بابت خاڪو ڪجهه هن طرح جڙيل هو ته هو پڪو پختو قومپرست ۽ سائين جي ايم سيد جو مداح آهي پر پوءِ جيئن الجهيل سٽ کلندو ويو ته سندس شخصيت جا گهڻا لڪل پاسا ۽ رمزون سامهون اچي بيٺيون. ساهتي پرڳڻي سان تعلق رکندڙ هن کري شخص جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته کوڙ اهڙيون ڳالهيون به ڪري ويو جيڪي عام طور تي ڪوئي ڪري به نه سگهي، جيئن سائين جي ايم سيد لاءِ سندس راءِ هئي ته : سائين جي ايم سيد عملي سياست ۾ ڪڏهن به عوام دوست نه رهيو آهي. هن تمام گهڻن موقعن تي عوام دشمني وارو ڪردار پڻ ادا ڪيو ۽ پنهنجي جاگيردار اَنا کي تسڪين ڏني” ايئن هو ذوالفقار علي ڀٽو کي به عوام دشمن سمجهندو هو، هن جي خيال ۾ : “ڀٽو به عوام دشمن هيو هن رڳو لفاظي طور سوشلزم جو نعرو هنيو، باقي هو پاڻ به سوشلسٽ ڪو نه هو”.
    حقيقت ۾ نجم عباسي پاڻ به ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ، سوشلسٽ خيال رکندڙ ڪميٽيڊ قسم جو اديب هو، کيس جاگيردارن ۽ جاگيرداراڻي معاشري کان سخت نفرت ۽ چڙ هوندي هئي. سندس اها چڙ ڪٿي ڪٿي حقيقتن بدران جذبات تي به ٻڌل هوندي هئي. جيئن هو سائين جي ايم سيد تي رڳو جاگيردار پسمنظر رکڻ سبب چڙيل نظر ٿو اچي باقي هو سندس علمي ۽ فڪري ڪم جو ٻئي طرف مداح پڻ هو. مثال طور هن مون کي ڪيئي ڀيرا اهو ٻڌايو هو ته: سيد جو علمي ۽ فڪري ڪم عوام دوست ڪنٽريبيوشن آهي ته پوءِ ان شخص جي سياست ڀلا عوام دشمن ڪيئن ٿي سگهي ٿي . منهنجي خيال ۾ اهي ٻه متضاد ڳالهيون آهن جن کي نهايت باريڪ بيني سان سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آهي.
    هونئن نجم عباسي جو ڳاڻيٽو انهن سرموڙ اديبن ۾ ڪري سگهجي ٿو جيڪي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ئي ادب جي ٻيڙي ۾ سوار هئا، اهي ادب جي آبياري ڪندا رهيا هئا. هو انهن چند لکارين مان هو جن پنهنجي افسانن ۽ ڪهاڻين ۾ سنڌي قومپرستي، سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪيو.
    نجم عباسي، عثمان ڏيپلائي کان ڪافي متاثر هو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين ۽ افسانن ۾ پير پرستي ۽ وهم پرستي خلاف ڀرپور مواد پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ايئن چئجي ته قطعي طور واڌارو نه ٿيندو ته هو عثمان ڏيپلائي کانپوءِ اديبن ۽ دانشورن ۾ پير پرستي ۽ وهمي عقيدن خلاف جهاد ڪندڙ ٻيو کاهوڙي شخص هو. سندس ڪهاڻي “قلب اندر ڪعبو” ۽ “قدم ڄمائڻ لاءِ” ان سلسلي جون ٻه اهم ڪهاڻيون آهن، جيڪي مذهبي عقيدي پرستي ۽ نام نهاد پيري مريدي جا ڌاڃوڙا ڪڍڻ لاءِ ڪافي آهن. ٺٽي جي هڪ نام ڪٺئي پير جي ارگرد گهمندڙ ڪهاڻي “قدم ڄمائڻ لاءِ” جيڪڏهن ڪنهن ناهي پڙهي ته ان کي هاڻ به پڙهي ڏسي کيس يقين ٿي ويندو ته هڪ گذاري ويل شخص پنهنجي جيئري مشاهدن آڌار ڇا ته حقيقتون لکي ويو آهي، ٺٽو، لاڙ جو تر، توڙي سڄي سنڌ ۾ ماڻهو پير پرستي جي ان غير سائنسي تصور ۾ ڪيترو نه ڦاٿل آهن. اها خبر ان ڪهاڻي پڙهڻ سان ضرور پوي ٿي.
    اها خبر شايد گهڻن ماڻهن کي نه هجي ته نجم عباسي منڍ ۾ ڪجهه جاسوسي ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي اردو جاسوسي ڪهاڻين وانگر پرتجسس هونديون هيون. پوءِ اڳتي هلي هن تاريخي ڪردارن جو سهارو پڻ ورتو ۽ طبقاتي نظام خلاف لکيو. هو هيرو ور شپ جو پڻ قائل هو، تڏهن ته کيس محمد عثمان ڏيپلائي جو ناول “ سانگهڙ” ۽ سراج جو “ناول پڙاڏو سوئي سڏ” ڪردار نگاري ۽ هيروورشپ جي حوالي سان وڻن ٿا. هن چواڻي “ڏيپلائي ۽ سراج جي ناولن ۾ ڪردارن جي چونڊ شاندار آهي. اهي سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ انقلاب لاءِ اتساهين ٿا ۽ مان سمجهان ٿو ته ماڻهن کي اتساهيندڙ ڪردار غلط نٿا ٿي سگهن.”
    حالانڪه سراج ۽ ڏيپلائي جا ذڪر هيٺ آيل ناول هيرو ور شپ سبب سنڌي ادبي کيتر ۾ جتي متضاد بڻيل آهن، اتي ناول جي دنيا ۾ مڃيل وصف تي انهن جي پوري نه لهڻ بابت به گهڻ پڙهيل ماڻهن وٽ هڪ الڳ راءِ موجود آهي.
    نجم عباسي ٻين ليکڪن وانگر جنسيات جي موضوع کي معيوب نٿو سمجهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن جنس جي موضوع تي به قلم کنيو. سندس ڪهاڻي “دعا ۽ تاڙيون” ان پسمنظر ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ شخص کي مذهب جو ايترو جنون هوندو آهي جو اهو جنسي جذبي کان هر وقت ڀڄندو آهي ۽ پاڪ دامني جي چڪر ۾ اچي پنهنجو مرداڻو عضوو به وڍي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ پاڪ دامن ته ٺهيو کدڙن جي محفل جو مور بڻجي ويٺو تاڙيون وڄائيندو آهي. اها ڪهاڻي ۾ به سماجي حقيقتن جو هڪ کليل پر ڪڙو اظهار آهي.
    نجم عباسي جي ڪهاڻي “ ناچڻي” سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي پسمنظر ۾ لکيل هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. مظهر جميل سنڌي ادب تي سهيڙيل پنهنجي ڪتاب ۾ نجم عباسي کي ڀيٽا پيش ڪندي سنڌي ناول، افساني ۽ ڪهاڻي جو سرموڙ ۽ قومپرست اديب قرار ڏنو آهي.
    جئين پاڻ مٿي ذڪر ڪري آياسين ته نجم عباسي سوشلسٽ خيال رکندڙ اديب ۽ ڪهاڻيڪار هو، ان ڪري جتي به ۽ جنهن به محفل ۾ ڪو ماڻهو سوشلسٽ نظرئي تي تنقيد ڪندو هو پوءِ هو به روايتي سوشلسٽ ملي وانگر ان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هو، حالانڪه علمي ۽ فڪري تنقيد مثبت عمل هجي ٿو باقي رد عمل ۾ ڪيل تنقيد شخصي ۽ ڇسي به هجي ٿي. جيئن هو شيخ اياز بابت چوي ٿو ته: شيخ اياز جو نالو آهي مولوي شيخ اياز، ڇو ته ڪو به مُلو جيڪر سوشلزم جو مخالف نه هوندو ته ان جي ملائيت ڪيئن برقرار رهي سگهندي.”
    منهنجي خيال ۾ شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جو وڏو نانءُ آهي، هن جي علمي ڪنٽريبيوشين کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. شخصي پسند ۽ ناپسند، هيٺ هن جي شخصي طور مڻيادار ماڻهو نه هجڻ جي ڳالهه ڪري سندس ادبي قدڪاٺ نٿو گهٽائي سگهجي. شخصي اوڻايون هرماڻهو ۾ هجن ٿيون. اياز جي اها سٽ “ سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار.” سنڌ تي جبر ۽ آمريت وارن ڏينهن ۾ اتساهيندڙ شاعري آهي. ان ڪري يڪسر ڪنهن جي علمي ۽ ادبي پورهئي کي منڌيئڙو ڏيڻ واري ڳالهه ٺيڪ نه آهي. نجم عباسي جو خيال پنهنجي جاءِ تي باقي شيخ اياز فڪري ۽ علمي لحاظ کان سنڌ جي جديد تاريخ جو وڏو ماڻهو هو.
    ڊاڪٽر جنم عباسي جي قلمي پورهئي ۾ هڪ مختصر ڪتاب، بنگال ۾ 71-1969ع جي فوجي آپريشن بابت عالمي پريس ۾ حقيقت تي مبني ڇپيل خبرن جي سنڌي ترجمي تي ٻڌل آهي. گڏيل پاڪستان جون اخبارون ۽ رسالا تڏهن اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ جون خبرون ڇاپيندا رهيا. اهو ڪتاب جنرل ضياءُ الحق جي آپيشاهي جي عروج واري زماني ۾ ڇپيو. تنهن دستاويز ۾ شامل ڪيل نيوز اسٽوريز مان هڪ ۾ تڏهوڪي ڪرنل ضياءُ الحق جي ڪلورن جو ذڪر پڻ آهي.
    بهرحال ڊاڪٽر نجم عباسي جو علمي ۽ ادبي پورهيو تمام ڳڻپ جوڳو آهي. هو ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ شخص هو، ون يونٽ ۾ به سرگرم رهيو ته سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ هر جلسي جلوس ۾ پابندي سان شريڪ ٿيندو هو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هن آخر تائين پنهنجي سوشلسٽ نظريي کي هڙ ۾ اهڙو ته قابو ڪري ڇڏيو هو جو ان کان ترجيترو به غافل نه رهيو. جنت ۽ جهنم جي ڊپ ۽ آسري کان بي خوف ٿي زندگي گذاريندڙ شخص لاءِ اول آخر سنڌ وڏي وَٿ هئي ، هو سنڌ جي خمير ۽ ضمير مان ڳوهيل شخص هو.
    تڏهن ته هن پنهنجي وصعيت ۾ چيو هو ته :“جڏهن به سنڌ آزاد ٿئي ته منهنجي بٺيءَ تي هڪ ڏيو ٻاري وڃجو” پڪ سان اهو ڏينهن ضرور ايندو، پوءِ جنهن به نسل اها آزادي ماڻي اهي سندس بٺيءَ تي ضرور ڏيئا ٻاريندا.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر نجم عباسي جي ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو