خوف جي لهر - هڪ مثال

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    حيدرآباد ٿڌي سڙڪ جي وچ تي ڊمپر بيهڻ تي ٿرٿلو، ماڻهو گاڏيون ڇڏي ڀڄي ويا

    حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازو واقعن بعد حيدرآباد جي مصروف ٿڌي سڙڪ تي اسٽيٽ لائيف بلڊنگ سامهون ڊمپر بيهجي وڃڻ تي ٿرٿلو، ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، ڪالهه منجهند ڌاري اسٽيٽ لائيف بلڊنگ سامهون هڪ بنا نمبر پليٽ جي ڊمپر اوچتو اچي بيهي رهيو، جنهن سبب پويان ايندڙ گاڏين لاءِ رستو بند ٿي ويو ۽ ٽرئفڪ جام ٿي وئي، ماڻهن ۾ ان وقت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو جڏهن ڊمپر جو پٺاڻ ڊرائيور ڊمپر ڇڏي ڀڄڻ لڳو، بلڊنگ جي ڪنٽرول روم مان 15 پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، جڏهن ته رينجرز اهلڪار به موقعي تي پهچي ويا، ڊمپر جي پٺيان بيٺل گاڏين مان ماڻهو گاڏيون ڇڏي ڀڄڻ لڳا، اهلڪار ٻئي رستي کان ٽرئفڪ کي گذاريو، جنهن بعد ڊمپر کان ڪجهه فاصلي تي بيٺل ڊمپر جي پٺاڻ ڊرائيور کي سوگهو ڪيو ويو، جنهن ڊمپر سامهو وچ روڊ تي بيٺل هڪ سرمائي رنگ جي خيبر ڪار ڏانهن اشارو ڪندي اهلڪارن کي ٻڌايو ته ڪو همراهه اها ڪار وچ روڊ تي بيهاري هليو ويو، ان ڪار ۾ بم جي امڪان سبب مان به ڊمپر ڇڏي ڀڄي ويس، ڪجهه دير بعد ڪار مالڪ پنهنجي ڪار ڪاهي ڊمپر لاءِ رستو صاف ڪيو، جنهن بعد ماڻهن مان خوف ۽ هراس ختم ٿيو.

    (اربع، آڪٽوبر 28، 2009 ڪاوش)
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    asul matt

    بس ادا ڇا ٿو چئي سگهجي۔۔۔
    صحيح ترمذي ۾ حديث مبارڪ آهي ته ڪنهن مُسلمان کي خوف زده ڪرڻ هڪ گناهه آهي۔۔۔
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    بس ادا هاڻي ماڻهن جي دلين ۾ صرف ۽ صرف بمن جو ڊپ ويٺل آهي۔۔۔
    اسانجو نانا سائين ڳالهه ڪندو هو ته اڳئي اسان درياهه پار رات جو سفر تي نڪرندا هئاسين ۽ ان وقت الله عزوجل کان اها دعا گهرندا هئاسين ته مولا سائين اسان کي انسان منهن وجهجانءِ ڪو جانور نه ادا هاڻي ته ماڻهو انهي جي ابتڙ دعا گهرن ٿا ته مالڪ سائين ڀلي ڪو جانور اسان جي منهن پوي پر ڪو ماڻهو اسان جي منهن نه پوي۔۔۔۔۔۔

    سو مٺا هاڻي اهي ماڻهو نه پر جانور ٿي ويا آهن۔۔۔ جنهن کي انسانيت جي ڪا اهميت نظر نٿي اچي۔۔۔۔

    مهرباني ادا
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا انهيءَ ۾ڪو شڪ نه آهي۔۔
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    مهرباني مٺڙا۔۔۔۔ لک قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو