سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو 24 هون ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي هڪ تمام وڏي عالم ، تعليمي ماهر ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين تي لکيل آتم ڪهاڻي آهي۔ سنڌ جي هن مهان شخصيت جي محنت، ذهانت ۽ ڪاوشن کي پڙهي پاڻ ۾ حوصلو پيدا ٿو ٿئي۔ مان سڀني دوستن خاص ڪري شاگردن کي هي آتم ڪٿا پڙهڻ جي اپيل ڪيان ٿو۔
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
ڪجهه سندس علمي قابليت بابت :
ابتدائي تعيلم: سنڌي اسڪول ٽلٽي 1902ع کان 1910ع تائين ابتدائي انگريزي تعليم اي وي اسڪول ٽلٽي
ثانوي تعليم: مدرسو لاڙڪاڻو 1914ع
مدرسه: نوشهر فيروز 1915ع سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي 1915ع کان 1917ع جتان مئٽرڪ نهايت شاندار ڪاميابيءَ سان پاس ڪيائين ۽ ساري سنڌ ۾ پهريون نمبر اچي سنڌ ايگزيبيشن پرائيز کٽيائين (1917ع)
اعليٰ تعليم: ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا (1917ع) سڄي سنڌ ۾ بي اي فارسي سان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين جنهنڪري ڪاليج جي ڊڪشنا فيلوشپ سٺ روپيه ماهوار مليس (1921ع) سڄي بمبئي يونيورسٽي ۾ ايم اي جو امتحان پهريون نمبر فرسٽ ڊويزن پاس ڪيائين ۽ چانسلر ميڊل کٽيائين (1923ع)
هي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو اعزاز سمجهيو ويندو آهي. جو هن وقت تائين ٻئي ڪنهن سنڌي شاگرد کي حاصل نه ٿيو آهي. 1924ع ۾ هند سرڪار کان ولايت ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ اسڪالرشپ ملڻ ڪري انگلينڊ ويو، جتي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي ايمونيل ڪاليج ۾ داخل ٿيو. اتي مسلسل ٽي سال رهي نهايت محنت ۽ تجسس سان پنهنجو محققانه مقالو
The influence of Arabic Poetry on Persian poetry
پيش ڪري پي ايچ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سنڌ ۾ مرحوم علامه دائودپوٽه پهريون پي ايچ ڊي آهي ۽ ٻين سنڌين کانئس پوءِ پي ايچ ڊي جو امتحان پاس ڪيو. (1924ع کان 1927ع )