اي خدا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي

    اي خدا! هاڻوڪي ساوڻ رت ۾
    پيار جون وسائج برکائون،
    جنهن جي رم جھم رم جھم ڌن ۾،
    ڌرتي پيار جا گيت ڳائي،
    جنهن جو پاڻي ايڏو وسائج،
    دل جي هر ڪاراڻ ڌوئاري،
    مرجھايل چهرن تي،
    انڊلٺي ست رنگ سجائي،
    نفرت جا ڪارا ڪارا بادل،
    پريت جا ڪرڻا ٿي پون،
    ماڻهو سنڌ جا گيت چون،
    هر چهري تي،
    خوشيءَ جون ريکائون هجن،
    اي خدا هاڻوڪيءَ ساوڻ رت ۾،
    پيار جون وسائج برکائون!!!
    پيار جون وسائج برکائون!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو