ڊاڪٽر محبت جو ڪتاب ”يادون ۽ سُڪون“

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڊاڪٽر محبت جو ڪتاب ”يادون ۽ سُڪون“
    شبير حسين شبير
    مون اڃا تائين سندس ڪتاب جون اڌ ڪهاڻيون رينڊم وائيز (بي ترتيب) پڙهيون هيون، پر جڏهن ان ڪتاب تي رياضت لکڻ لاءِ چيو ته وري ورائي ڪهاڻيون پڙهيون ۽ ائين هي ڪتاب به انهن ڪتابن ۾ شامل ٿي ويو جن کي مون پورو پڙهيو هجي.
    بهرحال سچ ته ڪتاب تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو. ذهن جي ڊڪشنريءَ منجھان لفظ ڄڻ غائب ٿِي ٿي ويا. سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪيئن لکجي!
    ڊاڪٽر محبت جون مختلف موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون پنهنجن موضوعن جي چوڌاري موجود ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون جن ۾ معاشرو مرڪزي نُڪتي جي حيثيت رکي ٿو.
    996 اٽيچمينٽ ڏسو
    ائين سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح معاشري جو منهن ڪهاڻين جي آئيني ۾ ظاهر ڪري پڙهندڙن جي ذهني در آڏو پيش ڪيو ويو آهي.
    آءٌ سمجھان ٿو ته ڪهاڻيڪار جو 80 في صد فرض يا وري مقصد به اتي اچي پورو ٿئي ٿو جتي هو پڙهندڙ جي آڏو معاشري کي چٽي نموني واضح ڪري ٿو. اڳتي ڪم پڙهندڙ جو آهي ته هو ان کي ڪيئن ڪري وٺي ٿو: آيا ان مان ڪجھه حاصل ڪري معاشري جي اصطلاح لاءِ پاڻ وس آهر پتوڙي ٿو يا وري ڪهاڻيءَ کي بس پڙهڻ جي حد تائين ئي وٺي ٿو. يقيناً پڙهندڙن جي گھڻائي انهي نقطي تي اچي بيهي ٿي ۽ تمام ٿورا اهڙا پڙهندڙ ٿي سگھن ٿا جيڪي ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيل موضوع ۽ ماحول تي سوچ ويچار ڪن. مان اهو ان لاءِ ٿو چوان ته ڪهاڻيءَ ۾ به پيغام جو عمل دخل رهي ٿو جيئن شاعري ۾ پيغام جو مقصد رهيو آهي.
    پڙهندڙ ڀلي ڪهاڻيءَ کي تفريحن طور وٺي پر ليکڪ پنهنجي فني ڏاهپ ذريعي نه رڳو ان ۾ انٽرٽين (وندر) رکندو آهي پر گڏوگڏ ماحول کي به ڪنهن سٺي مصور جيان چٽيندو آهي ۽ انهن چِٽن ۾ معاشري جا رنگ نمايان هوندا آهن ۽ هو ڪهاڻيءَ کي پهرين پيرا کان وٺي آخري پيرا تائين پيغام جي لفظي وڳن سان ڍڪيندو ايندو آهي.
    جيئن ”يادون ۽ سڪون“ جي ڪهاڻي ”ٿلهي ٿيڻ لاءِ نسخي جي ڳولا“ ۾ مزاح مزاح ۾ ئي هڪ نهايت غليظ پڻي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هڪ طرف ڊاڪٽر کان وٺي ملان تائين هلڪي ڦلڪي انداز ۾ سندن اصليت تان پردو کنيو ويو آهي ته ڪيئن هو حرام ڪمائي ٿلها ٿين ٿا ته ٻي طرف فقيرياڻيءَ جي لاچاريءَ ۽ بيوسيءَ ۽ سندس پيءُ جي بي غيرتيءَ جي تصوير چٽي وئي آهي.
    اهڙي طرح ”شاڪ“ ۾ اِقو، قادوءَ سان گڏ ڪوٺي جو ماحول ۽ ”اڄ جا سورهيه“ ۾ نوجوانن جون حرڪتون موجوده دؤر جي 80 سيڪڙو نئين نسل جي تصوير کي چٽو ڪن ٿيون.
    نيڪي“ ۾ بيمار ڪمزور ٻڍيءَ سان خود غرض نوجوان عورت جي چالاڪي. ٿڃ پيئارڻ جي بهاني هڪ طرف سندس مڪاريءَ کي ۽ ٻي طرف ٻارڙيءَ کي ٿڃ ملڻ جي احساس ۾ پنهنجي پوڙهي بيمار ۽ ڪمزور جسم کي الائي ڪهڙي طاقت سان گھلي ويهڻ جي جاءِ ڏيندڙ پوڙهيءَ جي سندر/اجري احساس، عظمت ۽ سندس وڏ ماڻهپ کي ظاهر ڪري ٿي.
    ڊاڪٽر محبت جي ڪهاڻين ۾ به اسان کي هلڪي ڦلڪي مزاح واري انداز ۾ لفظن جي پردن پٺيان اجرن احساسن جھڙا پيغام ليئا پائيندي نظر اچن ٿا. سندس ڪهاڻين کي طنز مزاح ۾ پيش ڪرڻ وارو انداز ٻين ڪهاڻيڪارن کان جداگاڻي مقام تي آڻي بيهاري ٿو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو