سنڌ جا ساڃهه وند ۽ حڪمرانن جو احتساب ڪندڙ تنظم جي ضرورت ( آغا سليم)

'راءِ شماري' فورم ۾ شهزاد احمد انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2012۔

  1. شهزاد احمد انصاري

    شهزاد احمد انصاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاه ، دادو
    سنڌ جا ساڃهه وند ۽ حڪمرانن جو احتساب ڪندڙ تنظم جي ضرورت

    آغا سليم
    [​IMG]





    اسان ڪڏهن سوشل سائنس جي نڪتهء نگاهه کان سوچيو آهي ته حڪومت جو اسان سان توهين آميز رويو ڇو آهي ۽ حڪومت اسانکي ان لائق ڇو نٿي سمجهي؟ مطالبن تي ڌيان ڏيئي مطالبا مڃڻ جي ڳالهه ته پوءِ جي آهي. اوهان ڏٺو ته سنڌ اسيمبليءَ مان جڏهن ٻٽي مڪاني نظام وارو تڪراري بل منظور ٿيو، تڏهن ڪئين ميمبرن ۾ هوڪرا مچي ويا ۽ هڪڙي وزير نعرا هڻڻ شروع ڪيا. ساري سنڌ سراپا احتجاج هئي، ساڃهه وندن سنڌ اسيمبليءَ جي ٻاهران احتجاج ٿي ڪيو ۽ وزيرن ۽ سنڌ جي چونڊيل ميمبرن سنڌ جي احتجاج تي نعرن ۽ هوڪرن سان ٺٺولي ٿي ڪئي..... دنيا جي سڀ کان پٺتي پيل ملڪ ۾ به اُستادن جو احترام ڪيو ويندو آهي، پر اسان وٽ الائجي ڪيتري وقت کان استاد مطالبو ڪندا ٿا رهن، سنڌ جو سمورو باشعور طبقو سندن مطالبي جي پٺڀرائي ڪندو ٿو رهي. هو ڪو پگهار وڌائڻ ۽ وڌيڪ سهولتون حاصل ڪرڻ جو مطالبو نٿا ڪن پر هڪ قومي ۽ مقدس اداري کي تباهيءَ کان بچائڻ جو مطالبو ٿا ڪن ۽ حڪومت هنن جي مطالبي کي مڃي ته نٿي پر انکي ڌيان ڏيڻ جي لائق به نٿي سمجهي..... اسين ذوالفقار آباد رٿا جي خلاف آهيون پر صدر صاحب حڪم جاري ڪري ويو ته ان منصوبي کي ٻن سالن جي اندر مڪمل ڪيو وڃي. صدر صاحب جو حڪم به وزير صاحب جي اسيمبليءَ ۾ نعري وانگر فتح جو نعرو ۽ اسانجي مطالبي تي چٿر هو. ان ڳالهه جو اعلان هو ته اسانکي ڪنهن جي پرواهه ڪانهي، جيڪو وڻندو، سو ڪنداسين. وري ڏسو ته انهن ساڳين بيپرواهه بادشاهن جو مهرن، ڌاريجن ۽ شيرازين سان رويو ڪهڙو آهي! مهرن جي چوڻ تي سندن تَر جي سموري انتظاميا کي بدلايو ويو ۽ سندن مرضيءَ جي انتظاميا مقرر ڪئي وئي. انڪري جو هنن وٽ طاقت آهي، هنن جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سان حڪومتي پارٽي مضبوط ٿيندي. استادن وٽ ڇا آهي؟ توهان ۽ اسان وٽ ڇا آهي، جو اسانجي چوڻ تي هو ذوالفقار آباد رٿا جهڙي سون جي کاڻ جهڙي منصوبي کي ختم ڪن! اسانکي ان خود فريبيءَ مان نڪرڻ گهرجي ته اخبارن ۾ ڪالم لکڻ ۽ پريس ڪلبن جي اڳيان مظاهرا ڪرڻ سان حڪومت مجبور ٿي ويندي ۽ اهو تڪراري قانون واپس وٺندي. جي احتجاج جي اهڙن مهذب طريقن سان حڪومت مطالبا مڃي ها ته هن مهل تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي بدلي ٿي چُڪو هجي ها. ائين به نه آهي ته حڪمران سمجهن ٿا ته اهڙو وي سي کين ٻيو نه ملندو پر هو سنڌ جي باشعور طبقي کي ٻڌائڻ ٿا گهرن ته اوهان ڪجهه نه آهيو ۽ اوهان جي ڪا حيثيت ڪانهي. حيثيت رڳو مهرن جي آهي، ڌاريجن جي آهي، شيرازين جي آهي. Robert Michaels نالي هڪڙي سوشل سائنسدان سچ چيو آهي ته، ”اقتدار جا مالڪ اوهانجو مطالبو ڇو مڃيندا؟! هنن کي دليلن ۽ منطق سان سمجهائڻ واريون اوهانجون سڀ ڪوششون ناڪام ٿينديون. هنن کي خبر آهي ته هنن جا مفاد ڪٿي ۽ ڪنهن سان آهن، انڪري کين ڪنهن به طرح سندن ڳالهه تان هٽائي نٿو سگهجي. ستيه گرهه ۽ اسٽرائيڪ طاقت جي برابر نه آهن“ ۽ هٽلر چيو هو: ”ڪي به ڳالهيون، جن جي پٺيان طاقت نه آهي، اجايون ۽ کل جهڙيون آهن. ڳالهين جا وڏا وڏا ماهر به ان صورت ۾ ڳالهين ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهندا آهن، جڏهن جنهن زمين تي هو بيٺا هوندا آهن ۽ جنهن ڪرسيءَ تي ويٺل هوندا آهن، انهن جي پٺيان هنن جي قوم جي لوهي ٻانهن جي طاقت هوندي آهي.
    هي شاعر ۽ اديب، هي محبتن جا وڻجارا، هي پروفيسر ۽ ماستر، هي اونداهين ۾ مشعلون روشن ڪرڻ وارا- انهن جي هن حڪومت جي آڏو ڪهڙي حيثيت آهي؟ هيءَ وڏيرڪي جمهوريت آهي. هي فرانس ناهي، جتان جي ان وقت جي صدر جنرل ڊيگال کي چيو ويو هو ته فرانس جي ليکڪ ۽ دانشور سارتر کي گرفتار ڪراءِ، جو هن الجيريا جي آزاديءَ جي جدوجهد جي حمايت ٿي ڪئي، ته جنرل ڊيگال چيو: مان سارتر کي ڪيئن گرفتار ڪرايان؟ سارتر ته فرانس آهي...“ ..... مهر سنڌ آهن، ڌاريجا سنڌ آهن، شيرازي سنڌ آهن، انهن کي حڪومت ڪيئن ناراض ڪندي؟ حڪمرانن کي خبر نه آهي ته جيئن هو پاڻ سنڌ جي زوال پذير معاشري جي باقيات آهن، ائين اهي سردار ۽ راڄ ڌڻي به زوال پذير معاشري جي باقيات آهن، جڏهن ته شاعر، اديب، دانشور نئين دور جي بشارت آهن. هو سنڌ جا عالم آهن ۽ هي سڀاڻ آهن. اياز چيو آهي:
    سڀاڻ آ سرويچ جو، ڪانئر ڳولهي ڪالهه
    ماضيءَ ۾ مرڻينگ ٿي، ڍونڍيندئي ڍال
    اهي سجاڳ ماڻهو آهن ۽ سجاڳيءَ جهڙي طاقت ٻي ڪا ڪانهي. گوتم کان ڪنهن پڇو: ”ڇا تون سرجڻهار آهين؟“ چيائين: ”نه“ ..... ”ڇا تون فرشتو آهين؟“ ..... چيائين: ”نه“ ..... ”تون ڇا آهين؟“ ..... چيائين: ”مان سجاڳ آهيان“.
    جيستائين سنڌ جو معاشرو مٽجي ۽ سنڌ ڪلهوڙا دور مان نڪري نئين دور ۾ اچي، تيستائين اسان پنهنجي سجاڳيءَ جي ان طاقت سان سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي حفاظت ڪري سگهون ٿا. سچ پچ ته اسان کي خبر ئي ڪانهي ته اسين ڪيڏا نه طاقتور آهيون.
    چوٿين نومبر تي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ سنڌ جي ساڃهه وندن جو جيڪو ميڙ ٿيو، اهو اسانجي طاقت جي آغاز جو سنگِ ميل ٿي سگهي ٿو... اسين انکي سنڌ جي باشعور ماڻهن جي تنظيم ۾ بدلائي سگهون ٿا. ان تنظيم جون برانچون سنڌ جي هر هڪ شهر ۾ هجن ۽ انجي جوڙجڪ ۽ ڪارڪردگي انساني حقن جي ڪميشن جهڙي هجي. حيدرآباد يا ڪراچيءَ ۾ ان جي سيڪريٽريٽ هجي ۽ اها پڇاڻو ۽ احتساب ڪرڻ واري هڪ تنظيم هجي. سنڌ لاوارث بڻيل آهي، جنهن جي ڪري حڪمرانن، سياستدانن، ڪامورن کي جيئن وڻي ٿو، تئين ٿا سنڌ کي لٽين، ۽ سوديبازي ڪن. اها تنظيم سنڌ ۽ سنڌين جي خلاف هر قدم جو احتساب ڪندي. پوءِ ڏسو ته ڪيئن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي خلاف وزير نعرا هڻن، سنڌ جي خلاف بل پاس ڪري پنهنجي ووٽرن کي منهن ڏيکاري سگهن، ذوالفقار آباد اٿا لاءِ شاهي حڪم جاري ڪري سگهن ۽ ڪيئن ٿو ارباب رحيم حيدرآباد کي ٻهراڙين کان ڪٽي، نئين انتظامي شڪل ڏيئي، ڌارين جي حوالي ڪري....!!! اوهانکي ٻڌائيندو هلان ته فنڪشنل ليگ سنڌ جي ورهاست واري قانون جي خلاف احتجاج ڪندي حڪومت کان علحدگي اختيار ڪئي پر ان ڏينهن خبر شايع ٿي ته فنڪشنل ليگ ٿر ۾ پي پي جي خلاف ارباب رحيم سان ’چونڊ اتحاد‘ ڪري رهي آهي. سڀني کي پنهنجا پنهنجا مفاد آهن. سنڌ جي مفاد لاءِ سنڌ جو سجاڳ طبقو اڳتي اچي ۽ متحد ٿئي. ان کانسواءِ سنڌ جو ڪو ڇوٽڪارو ڪونهي.


    (روزاني ڪاوش جي ٿورن سان)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ساٿيو !
    سنڌ جي بچائڻ لا زاتي مفاد ڇڏي ، جنهن کان به جيترو ٿي سگهي قومي مفادن لا ڪم ڪري ۽ اڄ کان ئي ڪري انشالله سنڌ بچي ويندي ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو