1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

ذاتين جا نالا

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ بيدل بيڪس بيوس طرفان آندل موضوعَ ‏14 نومبر 2012۔

  1. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan

    سائين محترم
    توهان وري به ساڳي الفابيٽ پرنٽ ڪري ڇڏي آهي ... :) ڇا ورائي ورائي ان کي پرنٽ ڪرڻ سان اها مونکي ياد ڪرائڻ ٿا گهرو ته الحمدالله اها مونکي ڇڱي ريت ياد آهي. رهي ڳالھ سنڌ لفظ جي يا سنڌي ٻولي جي ته منهنجا سائين مون باقي حوالاتي ڪتاب توهان کي ڇو لکي ڏنا آهن ؟؟؟ ان لا ئي نه ته توهان انهن جو مطالعو ڪيو ۽ پنهنجو قبلو درست ڪيو. پو جي توهان کي شڪ رهجي اچي ته توهان سنڌي ٻولي جو مستند ڪتاب سائين مرحوم سراج الحق ميمڻ صاحب جو ئي لکيل ” سنڌي ٻولي “ ڇاپو 1964 ۽ 2009 ، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران چپيل پڙهي ڏسو. توهان جا عربي فارسي ۽ سنسڪرت جا سڀ وهم دور ٿي ويندا ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻولي جي مرحونِ منت ناهي پر پاڻ هڪ جدا ٻولي آهي.

    باقي مان بحث برا بحث جو عادي ناهيان ۽ توهان جي لکڻين مان ڪافي فائدو وٺندو رهندو آهيان پر اهو مون تي هڪ
    تاريخ ۽ ٻولي جي شاگرد تحت فرض آهي ته جتي توهان ڪا ڀل ڪيو ته توهان جي مدد ڪيان ... :)

    وڌيڪ اهو به واضع ڪندو هلان سائين ته مونکي عربي فارسي يا ڪنهن به ٻولي جي ڪنهن طريقي تي ڪو اعتراض ناهي ۽ هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ آقا محمد صلي الله عليه وسلم سان منهنجو عشق ازلي آهي ۽ سدا رهندو. جيئن چوندا آهن ته ” منهنجو پيچ پنهون سان“ سو سندن هر هڪ خاصيت تان هي غلام قربان وڃي ٿو... الحمدالله ، جزاڪ الله.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 مارچ 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    توهان جي علمي اضافي لا سراج صاحب جي سنڌي ٻولي واري ڪتاب مان ئي ڪجھ مواد توهان لا هت ڏئي رهيو آهيان ... شال قبول پوي

    پوئين جلد تي اُڪريل پيراگراف ..... سنڌي ٻولي ڪنهن ٻولي جي پراڪرت نه، پر هڪ اصلوڪي بنيادي ٻولي آهي. آ سنڌي جون اهي سموريون خصوصيتون ڳڻائي آيو آهيان جيڪي سنڌي جي اصلوڪي هئڻ ۽ نهايت قديم زماني ۾ مڪمل ٿيڻ جو پختو ثبوت آهن. ان کانسوا سنڌي جي فعلن ۽ اسمن ۾ عدد، جنس ۽ فعلي صورتن جي ڪري جيڪي ڦيريون گهيريون اچن ٿيون، ان جو مثال ڪنهن به ٻولي ۾ ڪونه ٿو ملي. ايترو مڪمل ۽ باقاعده نحوي نظام هڪ اصلوڪي ٻولي ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪي ٻوليون ڪن ٻين ٻولين مان نڪتل هونديون آهن ، انهن جي تقريبا هر ڦير گهير کي اصل ٻولي ۾ لڀي سگهجي ٿو. حال، مستقبل ، مضارع ، اسم مفعول ۽ ماضي جا جيڪي اصول سنڌي ۾ موجود آهن بلڪل ئي پنهنجي نوعيت جا آهن، جن لا سنڌي ڪنهن به ڌاري زبان جي مرهونِ منت نه آهي.......... سراج الحق ميمڻ صاحب
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 مارچ 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,729
    ورتل پسنديدگيون:
    4,282
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سائين پهرئين ته اهو ٻُڌايو ته توهان ايم.بي.بي.ايس ڊاڪٽر آهيو يا پي. ايڇ.ڊي ڊاڪٽر؟ اها وضاحت ايويليوئشن ۽ توهانکي سمجهڻ لا لازمي آهي، ان لا لازمي آهي جو گُفتار ۾ فرق پيو محسوس ڪريان، جي عام ايم.بي.بي.ايس گريجوئيٽ ڊاڪٽر آهيو، اڳتي وڌڻ بجا هائوس جاب ڪري پنهنجي ڪلينڪ پيا هلايو ته پو خير آهي (ڇا ٿا چون چلتا هي ۽ معيار به ڪانهي، جهڙو ڪاپي ۽ ڏاهو ڪلچر هلي پيو جي ڪري). پر جي پي.ايڇ.ڊي ڊاڪٽر آهيو ته پو پريشاني فڪر ۽ چنتا جي ضرورت لازمي آهي جو ريسرچ ڪندڙ اهڙو ڏاهو گهٽ ۾ گهٽ گُفتار جو خيال ته ضرور رکندو هوندو، ڪنهن سيکڙاٽ جي اجاين نيريشن ۽ بحثن کي سيڙهيندو ۽ ڪنهنجي رهنمائي ضرور ڪندو، جڏنهن ته هتي زبان بند جو حڪم ڏسجي پيو، اظهار خيال تي ناراضگي به(ان لا پيرن تي هٿ سان گُستاخي جي به اڳواٽ معافي)

    اهو اقتباس بيشڪ سراج صاحب جي پنهنجو اڀياس ۽ نيريشن آهي ۽ هر تاريخي ليکڪ پنهنجي ماحول ۾ رهندي اهڙا نيريشن ڏي پيو. بهتر ڳالهه ته تڏنهن ٿيندي جو سڀ هڪ پيج تي هُجن، نيريشن نيوٽرلٽي سان هُجي ۽ حوالن ۽ ثبوتن سان به. شايد مون ۾ اها بُرائي آهي ته نيوٽرلي ڏسڻ لا هر نيريشن کي ڪرٽيڪل اينگل کان پرکڻ ، انالائز ڪري سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان نه ڪي ڪنهن جي پبلسٽي يا حيثيت کان مُتاثر ٿي هر سچ ڪوڙ تي لبيڪ چئي ڳنڍ نه ٻڌي ڇڏيندو آهيان ۽ نه ئي الف الله بي بس واري حڪمت تي هلڻ. ان جي انالائسز کي گُناه عظيم نه سمجهندو آهيان ۽ پيج وري وري اُٿلائي نيٽرلٽي ڳولڻ لا نقطي نقطي تي ڪرٽڪ ڪري مکڻ ڪڍڻ جي ڪوشش. ٻئي ڪنهن لاِ نه پنهنجي ضمير جي تسلي لا ته جيڪو پرايم ٿوڙو پر خالص.

    سائين مُهنجن مونجهارن کي هڪ عام سنڌي جيان سمجهو ۽ سمجهايو ۽اها لفظن جي ڦير گهير آئون به گهڻي پڙهي ۽ سمجهي چُڪو آهيان ۽ هر ليکڪ جي مُختلف ڏسان ٿو ۽ ڪوبه مون جيان هڪ پيج تي ناهي. اڃا وڌيڪ سمجهڻ لا آسان سنڌي ۾ انهن ۾ فقط اُٿاريل نقطن جي کُلي وضاحت چاهيان ٿو. باقي رهي الفابيٽ جي ميٿيميٽڪس، جيوميٽري بُنياد تي ترتيب ڏيندڙ پٽي ،ته خبر ناهي ته اوهانکي بار بار اها ڇو ٿي چڙائي، سمجهو ته اهو اسانجو جهنڊو آهي جيڪو هر هر سامهون ايندو ۽ ڦڙڪندو رهندو. ايم ڪيو ايم جا جهنڊا به گلي گلي روڊ، روڊ، ٿنڀن تي برداشت ڪريو پيا نه؟ ٻيو ته اها پٽي توهان کي ته بيشڪ ياد هوندي پر اسانجي الاهي ڇاپي خانن کي شايد نه آهي جيڪا قوم کي بيترتيب پٽي سان مونجهاري ۾ وجهي چُڪي آهي ته اُنهن جي رٽائڻ لا جي بار بار ڏجي ته ڪا چڙ جي ڳالهه ناهي. مون هي سوال سکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جي اُن جا سڌا سوان جواب ملي سگهن ته مون جاهل جي رهنمائي ٿيندي:
    ا. انڊس (انڊيا)، هندس (هندستان) ڇا وادي مهراڻ جا حصا نه هُئا ۽ سنڌ ۽ مهراڻ ڪڏنهن چيو ويو، ڪنهن ابتدا ڪئي ۽ ڇو سنڌ کي ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪارونجهر تائين محدود ڪيو ويو، ڇا سنڌو ندي جي ٻنهين ڪنارن جي اطراف واريون قومون انڊس سولائيزيشن جي ڪري ڪنورٽيد مهراڻ جي ماٿري يا سنڌو ناهن ته ڇا انهن قومن کي سنڌي نٿو چئجي سگهي.
    2. جيڪي اُڪريل اڪريل اکر موئن جي دڙي مان مليا ڇا اُهي ڪنهن ٻولي ۾ هُيا؟ جي ها ته اُها ڪهڙي ٻولي هُئي ۽ آثار قديمه وارن اُن کي ڪهڙي نالي جو ٽيگ هڻي شايع ڪيو اهي. جي تصوري شڪل ۾ هُئا ته ٺهيو پر جي ٻولي شڪل ۾ ته سنڌي سان ڪيتري مُشابهت آهي ۽ جي آهي ته عربي سنڌي سان يا ٻي ڪا ٻولي ۽ سنڌي لفظ ڪهڙي الفا بيٽ مان نڪتو آهي، عربي يا ٻي ڪا؟
    3. اُن وقت کان هلندڙ سنڌ ۾ ڪهڙيون ذاتيون پيون اچن، مذهبي عقيدن سان، ڪرت جي ڪري يا ٻيو ڪو سبب ۽ ڪن جا نالا ٻُڌايو.
    4. هن وقت جيڪي سنڌ ۾ ذاتيون آهن ان ۾ اوريجنل سنڌ جو ڪهڙيون آهن(مضمون اهوئي آهي) ۽ ٻين ذاتين ڪيئن ۽ ڪڏنهن کان جنم ورتو ۽ اُهي هتي ڇو رهجي ويا، (جي ڪو پڙهندڙ پنهنجي ذات جي وضاحت ڪري ته به بهتر).
    5. آخر ڪهڙا ڪارڻ هُئا جو اندس سولائيزيشن جو امن پسند سنڌي ڌاڙيلگيري، چوري ۽ لُٽ مار، غريبن ۽ يتيمن ۽ ڪمزورن جي ملڪيت ڦٻائڻ ۾ ڪاميوب ٿيو ۽ سنڌ تي حاڪميت پيو ڪري.
    6. آخر ڪنهن اها سازش رٿي ته سنڌ جي ماڻهن کي ڀنگ، سُلفي، ٺري ۽ ٻين نشن ۾ اُلجهائي سُمهاري سست ۽ ڪاهل ڪر ڇڏجي جو هو اُٿي ۽ سنڌ جا وري مالڪ نه ٿي سگهن حميشه لاِ مُفلس ۽ مُحتاج رهن، ڪاهن ڪندڙ ڀوتارن جي منشا ۽ مرضي تحت سنڌ جي تاريخ لکن.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 مارچ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    167
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    تمام بهترين معلومات آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين منهنجا
    منهنجي سچ تي توهان کي ايتري ڪاوڙ ڇو لڳي آهي (سمجهي سگهجي ٿو) پر سچ ته سچ آهي منهنجا سائين. سنڌي ٻولي پاڻ هڪ عظيم ٻولي آهي ۽ عربي جو ان تي اثر ضرور آهي پر اها ان مان يا ڪنهن ٻي ٻولي مان اسريل بنھ ڪانه آهي. توهان جا وهم دور ڪرڻ لا جلد ئي ڪي لکتون توهان آڏو آڻبيون. باقي منهنجو سچ توهان لا پڙهڻ ڏکيو آهي ته ان لا هٿ ٻڌي معافي مان ٿو توهان سائين کان وٺان.....

    رهي ڳالھ منهنجي ڊگري جي ته نه مان ڪو عالم آهيان نه فاضل ..... نه مان ايم بي بي ايس آهيان نه ڪو پي ايڇ ڊي هولڊر (الله انهن کان بچا)

    مان بابا بلهي شاھ جو هي شعر آهيان سائين ته

    نه مين مومن وچ مسيتان
    نه مين وچ ڪفر دي ريت آن
    نه مين پاڪان وچ پليت آن

    بليها !!! ڪي جاڻان مين هون ڪون ؟؟؟

    باقي توهان جي ڄاڻ لا ٻڌائيندي هلان ته مان 3 سال ڊي ايڇ ايم ايس (هوميوپيٿي) ۾ سڄي سنڌ ۾ ٽاپ تي رهيو آهيان جنهن جو هڪ ثبوت هي آهي
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 مارچ 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,729
    ورتل پسنديدگيون:
    4,282
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    خبر ناهي ته هن پيج تي ڀيرو ڀريندڙ پنهنجي ذات جي تواريخ ٻُڌائڻ ۽ نوٽ ڪرائڻ کان ڇو پيا لهرائين. اسان هڪ پيج تي رهندڙ هڪ مُڪمل سنڌي تواريخ هن ذات جي نسبت بترتين سنڌ ۾ اچي وسڻ سان اڀياس ڪري هڪ بوڪ جي شڪل پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون ۽ اُهي ڪارڻ ڳولڻ جي ڪوشش پيا ڪريون ته اُهو ڪهڙو مُلڪ يا ڪهڙو باشندو هو جنهن سنڌي قوم ۾ ڀنگ، ٺري ۽ سُلفي ۽ چرس جي ٻاڙ وجهي سُست ۽ ڪاهل پنهنجو غلام ڪرڻ لاءِ سازش ۽ ڪيئن تيار ڪئي آهي جو اڄ جو سنڌي محنت ۽ ميرٽ کان پري پيو ڀڄي ۽ علم وارن بجاءِ وڏيرن جي پُڇ ۾ هلي غير اسلامي طريقا ۽ عمل اپنائي پاڻ کي انهن سازشين جو غلام بڻائي ويٺو آهي اچو ته ملي سنڌي قوم کي انهن جي اڀياس ڪري اهڙن غير فطري عملن مان ٻاهر ڪڍون ۽ سند برين واش ڪري سولائيزڊ محنت ڪش ۽ ميرٽ، علم پرائيندڙ پنهنجي پيرن تي هلڻ وارو نه ڪه وڏيرن جي پُڇ ۾ لٽڪي هلندڙ ڪريون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,729
    ورتل پسنديدگيون:
    4,282
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سمجهه ۾ اچي ويو ته توهانجي گفتار ۾ اها تيزي ڇو آهي! ۽ مان پي.ايڇ.ڊي. ڊاڪٽر سمجهي حيرت ۾ هوس! سائين هاڻ توهان تي معيار بلڪل ڪانه ٿي ڪري سگهجي توهان جا اهي ٺيٺ ۽ سخت گُفتار وارا اکر هن اکين تي!
     
  8. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    ڪمال آهي... بحرحال لک لائق سائين ، توهان هي ڀڙ مان ئي ڀت ...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    226
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    زاتيون جائيزو تنقيد تعريف ايتري ٿيل آهي جو ڳالهه اسان کان ڳري ٿي ويئي باقي ياد ته بوزدار پتافي مهتم گولا سميئت ڪافي زاتيون رهيل آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,729
    ورتل پسنديدگيون:
    4,282
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG][​IMG]
    محترم مُحمد جان زريناڻي صاحب، مهرباني ڪري جيڪي ذاتيون رهجي ويون آهن ته اُهي ٻُڌائيندا ۽ ٻيو ته جن به دوستن جي ذهنن ۾ سنڌ جي ذاتن جي تواريخ هُجي اُهي ضرور ٻُڌائين ڇو جو اسان انهن ذاتن تي ريسرچ ڪري، ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي فارمولاز ۽ تواريخ جي گواهين سان هڪ جامع پي.ڊي.ايف فائل نيٽ جي رڪارڊ تي رکڻ چاهيون ٿا جيئن ايندڙ جنريشن به انهي سلسلي کي اڳتي ڪري سگهي جهڙي طرح اسان تائين سنڌ جي 7000 هزار سالن جي پُراڻي تواريخ ۽ تهذيب کڻجي اسان تائين رسي آهي اسان به اُن کي اڳتي 7000 مزيد سالن تائين ۽ ٻين سالن لا وڌايون پر شفافيت ۽ فيڪٽس سان ڇو جو اسان وٽ هاڻ ٽيڪنالاجي آهي ته جتي سڀ سنڌي هڪ پيج ۽ تواريخ تي مُتفق هُجن. پنهنجو شيئر وجهو. جي نه ته گهٽ ۾ گهٽ هن ريت، پنهنجا پير ۽ هٿ اسڪين ڪري موڪليو ته ان طريقي سان توهانجي ڊي.اين.اي کي حساب ڪتاب ڪري (ڪئلڪيوليشن ۽ فارمولاس سان) ڳولي توهانکي ٻُڌايون ته توهان جا اصل قومي روٽس ڪٿا آيا هُئا ۽ توهانجي طبيعت ۽ فطرت جي نيچر ڪيئن ۽ڇوآهي.
    [​IMG][​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 مارچ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,729
    ورتل پسنديدگيون:
    4,282
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انڊس پُراڻي گريڪ زبان (انڊوس)مان نڪتو آهي. جيڪو سنسڪرت زبان ۾(سنڌو) ٿي اُچارجڻ لڳو. سنسڪرت زبان ۾ اُچاريل سنڌو سنسڪرت زبان جي ئي ٻن لفظن تي مُشتمل آهي يعني (سِن+ڌُو) . لفظ سن جي معنيٰ آهي (علائقو، بارڊر يا حد) آهي جڏنهن ته لفظ ڌُو جي معنيٰ آهي (ٿرٿراهٽ يا شيڪ ڪرڻ) ۽ ٻنهين لفظن کي ملائي جيڪو لفظ ٺهي ٿو اُهو (سنڌو) سڏيو ويو اھن جي اهڙيءَ طرح ميگاٿينس بوڪ مُطابق ٿي سنڌو معنيٰ (ڇوليون هڻندڙ پاڻي يا ندي يا سمنڊ) .

    انڊس ڪري ئي اڄ جي متحده هندستان جو نالو انڊيا پيو ۽ جيئن ته انڊيا تي فارسين جو اثر به پيو هو ته اُنهن انڊسا کي پُراڻي فارسيءَ ۾ (هندس) چوڻ شروع ڪيو هو ۽ لفظ انڊس مان هندس به بڻيو اهڙيءَ ريت سنڌو کي (فارسين هندس) سڏيو ويو.

    تي صرف اهو ٻُڌائڻو آهي ته هي جيڪا تهذيب، هي جيڪوڪلچر پوري پاڪستان، هندستان، چائنا، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اوهانکي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ان جو بُنياد سنڌو ندي جي ٻنهين ڪنارن جي گرد ڦهليل آبادي سان آهي، جنهن کي سنڌو ندي جي نسبت سان سنڌ سڏجي ٿو ۽ اها پوري ماٿري جنهن ۾ تاريخي حُسن ، تهذيب آهي سا مُڪمل هڪ وادي مهراڻ يا انڊس ويلي آهي جيڪا آهستي آهستي مختلف ايندڙ تبديلي مان گُذري پنهنجي شڪل تبديل ڪندي وئي ائين جيئن دريا سنڌ جو پاڻي پنهنجي مرضي ۽ وهڪري سان جتان گس ملندو رهيس ٽيڙو ميڙو ٿي وهندو رهيو پو انهي نسبتن سان زبانن ۾ ڦيرا پيا سنڌ جي ماڻهن جي مُسلمان ٿيڻ سان ڪلچر ۾ تبديليو آيون، هي جيڪا سنڌي ٽوپي آهي اُها اصل ۾ گول ٽوپي هوندي هُئي جيڪا اڄ به ڪلاش ۽ ڪشمير جا ماڻهون آهن جنهن ۾ سنڌ جي جن حصن ۾ اسلام آيو سنڌي مُسلمانن ان جي نرڙ وري حصي کي ڪٽي محراب بڻايو هي جيڪي رنگ و روغن جا ڪپڙا پوري برصغير ايشيا ۾ آهن اها پوشاڪ به سنڌي پوشاڪ هُئي جنهن ۾ تبديلين ڪري فرق پوندو رهيو هي جيڪي هندڪو، ميمڻي، سرائڪي، پنجابي يا اهڙي مئچ واريو ٻيو ٻوليون هُيون اهي به ماحول ۽ پسگردائي جي تبديلين سان تبديل ٿينديون رهيون ۽ ان جو واضح مثال اهو آهي ته اسان اڄ جنهن زبان کي سنڌي چئون ٿا اُها زبان به مٿين زبانن جيان ڦير گهير آڻيندي رهي پر علاقائي تحت اها ئي ٿيوري هُئي جو جتي سنڌ جو ڊسٽرڪٽ بدلجي ٿو سنڌي زبان ۾ ڦير اچي ٿو لاڙي ، اُترادي، ٺٽي ۾، ٻولين ۾ ۽ لهجن ۾ تبديلي اُن جو ثبوت آهن۔ ته دوستو اسانجي سنڌ جو ميداني اثر صرف اڄوڪي سنڌ تائين محدود ناهي پر اسان پوري هندستان، ڪشمير، تبت، چائنا وغيره جا اصلي مالڪ آهيون سنڌي آهيون جيڪي اها وراثت کنيو پيا هلون ۽ اڄ اسانکي هڪ ننٺڙي ڪوٺي ۾ محدود ڪري ڏٺو وڃي ٿو پو ڀلي اسان پنهنجي عادتن ۽ اتحادي فقدان ڪري ٽُٽندا رهيا آهيون ۽ رهون پيا ٻيو ته عاجزي، شرافت، امن پسندي به هميشه جيان اسانکي غلام بڻائيندي رهي آهي ۽ اسانجون اهيڀ ڪمزوريون اسان کي مسلسل اقليت ۾ ڪنديون وڃن۔ اسان صرف الفاظي پنهنجي تهذيب ۽ ڪلچر لاِ وڙهندا اچون پر حقيقت ۾ عملي طرح اسان پنهنجي پاڻ ۾ وڇوٽيو وجهي ڇڏيون آهن، ان برداشت ۽ ساڙ جي بُنيادي عنصر ڪري جيڪو اڄ اسانجي رت ۾ شامل آهي ۽ انهي ڪُهاڙي اسان اسان هاڻ محدود ٿي به پاڻ، پاڻ کي قتل پيا ڪريون، پنهنجي ڪنهن جي به اڳيان وڌڻ جي محنت کي برداشت نه ڪري سندس رستن ۾ ڪنڊ پيا وڇايون جي ائين نه ٿئي ها ته اڄ به اها پوري جي پوري مهراڻ ماٿري، انڊس ويلي، وادي مهراڻ اسان جي هٿ ۾ هُجي ها۔ اڄ به وقت آهي مُتحد ٿي اها جيڪا نالي ماتر سنڌ جا اصلي باشندا هُئڻ جي حيثيت آهي اُها برقرار رکون، قبائلي جهِيڙن کان بچون نه ته سُڀاڻ اسان صرف تاريخ جو هڪ باب هونداسون ۽ حقيقت ۾ اسانجو وُجود ئي نه هوندو۔
    سنڌو ندي جي شروعات تبت جي هڪ ڍنڍ (مانسرور) وٽان شروع ٿئي ٿي جتان وري اها پوري ڪشمير مان گُذري پوري افغانستان جي جبلن ۾ داخل ٿئي ٿي هتي هن کا اباسين چئجي ٿو جنهنجو مطلب آهي دريائن (ندين) جو پي۔ سنڌو ندي کي (شينهن دريا) به چئجي ٿو هي جبلن مان ٿيندو ، ميداني علائقن ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اڄ جي پنجاب ۽ سنڌ مان گُزري ڪراچي جي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 مارچ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    بنيادي طرح سان اسان پنهنجي هر ڄاڻ وڪي پيڊيا تان وٺڻ جا عادي ٿي ويا آهيون . ياد رکڻ گهرجي ته پڪي پيڊيا تي موجود ڄاڻ آرٽيڪلن وسيلي آندي ويندي آهي جنهن جي پختي هجڻ جو ثبوت نه هوندو آهي. ان ڪري اتاب ڪا به ڄاڻ کڻڻ کان اڳ ان کي ڀلي ڀت چيڪ ڪرڻ گهرجي.

    لفظ هندوستان ٻن لفظن ”هندو“ ۽ ”اِسٿان“ جو مرڪب آهي...


    لفظ هندو جي معني آهي ـ ”هندو مذهب جو پوءِ لڳ“ جڏهن ته لفظ اِسٿان مان مراد آهي ”جاءِ ، هنڌ، جڳھ “ اهڙي طرح هندستان جو مطلب ٿيو ” هندن جي رهڻ جي جاءِ “ ان جو ٻيو مثال آهي پاڪستان جيڪو ”پاڪ“ ۽ ”اسٿان“ اکر جو مرڪب آهي. پاڪ جي معني آهي نيڪ صاف صفت وارو جڏهن ته اسٿان جي معني ساڳي آهي جڳھ جاءِ يا هنڌ. اهڙي طرح پاڪستان جو مطلب ٿيو پاڪ ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ.


    Indus[​IMG]

    river in Asia, from Sanskrit sindhu "river." The southern constellation, created 1603 by Bayer, represents "an Indian," not the river.

    Hindu[​IMG]

    1660s, from Persian Hindu (adjective and noun) "Indian," from Hind "India," from Sanskrit sindhu "river," specifically the Indus; hence "region of the Indus," gradually extended across northern India. The Hindu Kush mountain range is said to mean literally "Indian killer," and was said to have been the name given by the Persians to a pass where their Indian slaves had perished in winter, but this is likely folk etymology.


    انڊس اکر جو ذڪر 1603ع ۾ بائير پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڪيو ۽ ان جو بعد ۾ ڊاڪيومينٽ طور ذڪر ايندو رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ لفظ انڊس اکر کان اڳاٽو 5000 سال پراڻي ان تهذيب جو آهي جيڪا سنڌي دريا جي ڪناري آباد رهي آهي. جنهن جي ٻولي سنڌي جنهن جي ڌرتي سنڌ جنهن جي رهڻ واري کي سنڌي چيو ويندو آهي.


    ڌٺو وڃي ته ان دور ۾ هند سند ۾ رهندڙ سڀئي زاتيون هندون مذهب ساڻ واسطو رکندڙ هيون جيئن دراوڙ ،آريا وغيره . جن تي عراق، ايران کان تاتارين (مغل) ، فارسين ۽ عربن ڪاهون ڪري اسلام مذهب کي اتي پهچايو. جنهن بعد کوڙ ذاتن وارن مذهب ته مٽايو پر پنهنجي ثقافت نه مٽائي معني مذهب اسلام ته قبول ڪيو پر پنهنجي ذاتون نه مٽايون. انهن کي اڄ سنڌ ۾ ”سماٽ ذاتون“ چيو وڃي ٿو. دراوڙن جو موجوده نسل باگڙي ۽ ڀيل آهن جو انهن ۾ گهر جو سربراه عورت آهي مرد نه. اسلام جي اچڻ بعد اها روايت به هت مٽجي وئي آهي جي نت هندن ۾ به سواءِ برهمڻ ۽ راءِ خاندان جي باقي سڀني وٽ ساڳي روايت رهي آهي.



    سنڌي ندي تبت جبل جيڪو چين ۾ آهي منجهان هڪ چوٽي جي وات کان نڪري نروار ٿئي ٿو. ان چوٽي جو وات (opening)شينهن جي وات جيان آهي ۽ اتان نڪرندڙ سنڌ دريا جو پاڻي وڏي گج گوڙ سان نڪري ٿو (ياد رهي ته اصل هنڌ جي نشاندهي اڄ تائين نه ٿي آهي ته اصل جاءِ ڪٿي آهي) جيئن ڪو شينهن رڙ ڪندو آهي. ان ڪري سنڌي دريا کي سنڌو شينهن دريا (The Lion River, Indus)چيو ويندو آهي.


    حوالو ـــ ڪتاب (سنڌو شينهن دريا The Lion River Indus ) پاران جين فيئرلي 1975
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 مارچ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پياري سنڌي ميڊيا ! منهنجي سمجھ مطابق سنڌ سلامت تي ذاتين بابت اھو ھڪڙو ئي مضمون آھي مڃئون ٿا ت انھي ۾ ڪافي ساريون اوڻايون آھن لکندڙ دوست پنھنجي سمجھ ،ڄاڻ ۽ تجربي مطابق ئي لکندو آھي توھان پارن کي گذارش ت قومن جي تاريخ بابت ڪو ليک سنڌ سلامت جي سنگت لا مھيا ڪيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,729
    ورتل پسنديدگيون:
    4,282
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سائين دوستن کي گُذارش ڪجي ٿي ته پهرئين پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي ذات مُتعلق جيڪا به ڄاڻ کين ڪنً گُشور ٿي هُجي تواريخ، سنڌ ۾ آمد، ڪارڻ وغيره (صحيح يا غلط يا نا مُڪمل) اُها پيش ڪن پو اسان ان جي اڀياس ڪنداسون ۽ اُن کي تواريخ جي حوالن سان ترتيب ڏئي مُڪمل ڪنداسون ايئن اسان جو ريسرچ ڪم به مُڪمل ٿيندو ۽ سنڌي ۾ رهندڙ ذاتيون به بترتيب جڙنديون ۽ اُنهن سنڌ ۾ مرج ٿيل قومن جي فطرت جي اڀياس به ٿي سگهندي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سافٽويئر جي مدد سان سندن جينس ڳولي (ڊي.اين.اي) پروسيسز ڪئلڪيوليشن وغيره سان کين اُهو به ٻُڌائي سگهبو ته اُنهن جي لڏ پلاڻ ڪهڙن سببن ڪري ٿي. انهن جا رُوٽس ڪٿي جا آهن ۽ انهن جي طبيعت تي انهن روٽس جو ڪهڙو اثر آهي جيڪو هاڻ سنڌ جيڪا 7000 سالن جي سولائيزڊ نيشن سمجهي ويندي آهي سا ڀوڳي پئي. جهڙو ڪاروڪاري، ڌاڙيل گيري، ظلم، ڏاڍ، نا انصافي، غريبن کي غلام بڻائي رکڻ جي فطرت، ڏاڍن جي اڳيان گوڏا ٽيڪڻ ۽ غلام ٿي سندن هر غلط حڪم مڃڻ، محنت ۽ ڪم کان ڀڄڻ، ارام پرستي، نشن جو واپرائڻ، اوچتي خيالن تي حاوي ٿيندڙ ۽ گهڻي وڌندڙ مذهبي جُنون پرستي وغيره وغيره.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 اپريل 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,561
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    ۽ خاصخيلي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,561
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    مان خاصخيلي آهيان منهنجي ذات ته آهي ئي ڪونه
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    خاصخيلي .... معني خاص ٻيلي ... هي مير ٽالپرن جا خاص خادم هوندا هئا تنهن ڪري انهن تي اهو نالو پيو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,561
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    ادا مونکي ته خبر ئي نه هئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    جي ادي اهو ائين ئي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,561
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    توهان چيو خاص ٻيلي؟ پر خاص خيلي آهي؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو