سنڌ سلامت پلانيٽ جو آغاز...

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جي هميشه کان خواهش رهي آهي ته سنڌ زبان کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ عام ڪجي۔۔ جيتوڻيڪ ان ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي پر ٻين ٻولين سان ڀيٽ ڪجي ته صاف نظر ايندو ته منزل اڃان ڪافي ڏور آهي۔۔
    سنڌ سلامت جي پراجيڪٽ هيٺ هڪ منصوبو هيوجنهن تحت دوستن کي بلاگ جي اهميت ۽ ان جي افاديت کي واضح ڪندي کين پنهنجا پنهنجا بلاگ ٺاهڻ جي رغبت ڏيندي کين بلاگنگ سمجهائڻ ۽ پيش ايندڙ مسئلن کي سلجهائڻ شامل آهي۔۔
    پروجيڪٽ ۾ اها ڳالهه به شامل هئي ته بلاگ ٺاهيندڙ دوستن کي همٿائڻ لاءِ سندن بلاگز سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تي هڪ ئي پني تي گڏ رکجي ها ته جيئن سنڌ سلامت تي ايندڙ دوست هڪ ئي پني تي رهي ڪري سمورا بلاگ پڙهي به سگهن ۽ انهن تي پنهنجا تبصرا به موڪلين ها۔۔۔
    ان سلسلي ۾ پروجيڪٽ کي مڪمل تفصيلن سان گڏو گڏ گهربل مواد سهيڙي محترم TAHIR SINDHI جي حوالي ڪندي کين اهي ذميداريون سونپيون ويون۔۔۔ انهن هڪ موضوع موڪلي ان ڪم جي شروعات ته ڪئي هئي پر ان کي بدقسمتي يا خوش قسمتي چئجي جو ادا طاهر سنڌي کي گورنمينٽ جي نوڪري ملي وئي ۽ اهي ڪراچي ڇڏي ڳوٺ ڀيڙو ٿيا۔۔۔ جتي نيٽ جي سهولت نه هئڻ برابر آهي۔۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ محترم احمد علي مڱريو صاحب جن سنڌي ڪمپيوٽنگ فيس بوڪ گروپ ۾ لکيو ته ۔۔
    ”اردو بلاگرز جو هڪ ٻئي ۾ رابطو ڏسي مونکي تعجب ٿيندو هو. جنهن به اردو بلاگ تي ويندو هئس ته اتي ٻين بلاگرن جا تمام گهڻا ڪمينٽ ڏسي تعجب ٿيندو هو ۽ سنڌي بلاگن تي ڪو به ڪمينٽ نه ڏسي افسوس ٿيندو هو، ته ويب 2.0 جي هڪ اهم حصي (بلاگنگ) ۾ اسين پوئتي آهيون. پر ان جي ڳوٽ مونکان تڏهن ڀڳي جڏهن مون هيٺيون ويب سائيٽون وزٽ ڪيون.
    http://feed.urdulog.com/
    http://www.urduweb.org/planet
    http://urdublogz.com/
    هي ويب سائٽون پاڻ بلاگ نه آهن بلڪه هي پاڻ وٽ ٻين تمام بلاگن تي ايندڙ پوسٽس آر ايس ايس ذريعي جمع ڪري پبلش ڪن ٿيون. هنن سائيٽن کي بلاگ ايگريگريٽر چئبو آهي. هنن اگريگريٽر سائيٽس جي ڪري هر هڪ بلاگ الگ الگ وزٽ نه ڪرڻو پوندو آهي، ۽ نوان ايندڙ بلاگر به آساني سان پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺن ٿا. ۽ بلاگ پڙهندڙن کي به مواد ڳولهڻ لاءِ گهڻي مٿي ماري نه ٿي ڪرڻي پئي.۔“
    جنهن کان پوءِ خواهش ٿي ته ڪم کي اڳتي وڌائجي۔۔ ۽ سنڌ سلامت پلانيٽ ايگريگيٽر جو آغاز عمل ۾ آندو وڃي۔۔۔
    سڀ کان پهريان ته دوستن کي ايگريگيٽر آهي ڇا۔۔۔؟
    جيئن مٿي اسان جي دوست محترم احمد علي مڱريو جن اشارو ڏنو ته ”هي دراصل اهڙو انٽرنيٽ پليٽ فارم آهي جتي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ موجود سمورن بلاگز کي هڪ ئي هنڌ گڏ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ته جيئن پڙهندڙ صرف ان پليٽ فارم تي پهچي ئي سڀني بلاگز تائين پهچي سگهي۔۔۔“
    جيڪڏهن سنڌي زبان جي مختصر انٽرنيٽ دنيا کي ڏسجي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بلاگ لکندڙ دوست موجود آهن جڏهن ته هاڻي ڪجهه آن لائين سنڌي نيوز بلاگ پڻ جڙيا آهن۔۔ پر انهن مختصر بلاگز کان به اڪثر دوست واقف نه آهن ۽ نه وري انهن جي ويب ايڊريسز کان۔۔۔
    ان ڪري ان ڳالهه جي شديد ضرورت محسوس ڪئي ٿي وئي ته هن پروجيڪٽ کي اڳتي وڌائيندي هڪ اهڙو ايگريگيٽر پروجيڪٽ جوڙجي جتي بلاگنگ ڪميونٽي کي گڏ ڪندي انهن جي تحريرن کي هڪ ئي هنڌ گڏ ڪري ڏيکاريو وڃي۔۔ ائين ڪرڻ سان يقينن سنڌي بلاگنگ کي هٿي ملندي ۽ سنڌي بلاگ لکندڙن جي همت افزائي ٿيندي۔۔
    سنڌي ٻولي جي هن اهم منزل طرف پهريون قدم سنڌ سلامت طرفان وڌائڻ جو آغاز ڪيو ويو آهي۔۔ ۽ سنڌ سلامت پلانيٽ نالي پليٽ فارم جوڙي تيار ڪيو ويو آهي۔۔ جنهن جي لنڪ کي سنڌ سلامت جي سينڌ تي پڻ سجايو ويو آهي۔۔۔


    سنڌ سلامت پلانيٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي مختلف بلاگز جون تازيون تحريرون پڙهڻ سان گڏ گذريل تحريرون پڻ محفوظ ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي ۔۔ ان ڪري بلاگز جي مواد کي هاڻي ڳولڻ بلڪل آسان ٿي پيو آهي ۔۔۔۔



    هن وقت تائين سنڌ سلامت پلانيٽ ۾ 18 بلاگز کي شامل ڪيو ويو آهي جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا۔۔۔

    ان کان علاوه جيڪي دوست پنهنجي بلاگز کي هن پليٽ فارم تي ٻين بلاگز سان گڏ ڏسڻ چاهين ٿا۔۔ يا جيڪي دوست وڌيڪ بلاگ هن لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ چاهيندا هجن اهي پڻ هتي لکي موڪلي سگهن ٿا۔۔ جنهن سان سمورن سنڌي بلاگز جي هن ميڙاڪي کي سهيڙي ۽ بهتر انداز سان پيش ڪندي يقينن سنڌي ٻولي ۽ بلاگنگ کي هٿي ڏياري سگهبي۔۔۔
    اميد ته سنڌ سلامت طرفان وڌايل هن وک جا سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ تي بهتر اثر پوندا۔۔۔ ۽ دوستن ۾ پنهنجن پنهنجن بلاگز ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿيندو۔۔۔ ان کان علاوه سنڌ سلامت طرفان سنڌي ڪمپيوٽنگ سيڪشن ۾ سنڌي بلاگنگ جو اضافو به آندو ويندو ته جيئن دوستن طرفان پيش ڪيل بلاگنگ جي متعلق مونجهارن کي بهتر انداز سان سلجهائي سگهجي۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    27 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    يقينن ادي رشيد جي ڏينهن رات جي محنت رنگ لاتو ۽ هي پرجيڪٽ پهنجي تڪميل جي مراحلن ۾ آهي ۽ سنڌي ٻولي جي واراڌاري لاء بلاگن جو گهڻي ۾ گهڻو هجڻ يقينن اها خوشي جي ڳاله آهي
    گهٽ وقت ۾ سنڌ سلامت کي سنڌي ٻولي جي جامع ۽ مڪمل سائيٽ طور ڏسندي يقينن خوشي پئي ٿئي هنن قدمن طرف وڌندڙ لاٽ شروع ۾ ايتري ڌيمي هئي جو خوف هو ته شايد شعلا بڻجڻ کان اڳ ئي اجهامي وڃي پر اهو يقينن دوستن جو سهڪار ۽ ادا رشيد جي محنت هئي جو هر ڀيري نظر ڦيرائڻ سان ان لاٽ جي روشني ۾ اضافو ٿيندي نظر آيو آهي سنڌ سلامت کي مختلف مرحلا عبور ڪندي مون ڏٺو آهي مون اهو به ڏٺو آهي ته ڪاٿي هچڪولا آياڪاٿي ٿاٻا آيا پر منهنجي هٿ وڌائڻ کان اڳ ئي مون ڏٺو ته سنڌ سلامت کي سنڀالڻ لاءِ ته کوڙ هٿ مون کان اڳ وڌي چڪا آهنبس ان کان پوء اطمينان اهڙو آيو جو مون کي تسليون ٿيڻ لڳيون۽ پنهنجي مصروفيتن ڪري سنڌ سلامت لاءِ پيدا ٿيندڙ الڪا به گهٽجي وياسنڌ سلامت طرفان موجوده پروجيڪٽ تي ٿيندڙ ڪم کي ڏسي يقينن مستقبل روشن ۽ شاندار نظر اچي رهيو آهي مان پنهنجي طرفان ادا رشيد جي ڪوششن سان سنڌ سلامت طرفان کنيل هن قدم تي ٻنهي هٿن سان سلام پيش ڪريان ٿو
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سنڌ سلامت فورم جي ڪاوشن ۽ ڪوششن ۾ هر روز هڪ جرڪندڙ موتيءَ جو اضافو ٿئي ٿو جيڪو هن ديس ۽ ڌرتي جي بقا ۽ ماروئڙن جي مان ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو،اهو موتي منهجي من اندر جي ان مالا جي زينت بنجي ٿو،جيڪا آء روز سنڌ سلامت فورم جي انتظاميه کي عظمت بخشيندي پارائيندو آهيان ، هنن دوستن جي روزانو جي جستجو، مونکي جيئڻ جو نئون ذوق عطا ڪري ٿي، جنهن ۾ مان سمجهان ٿو ته هي اهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان منهجي قوم ۾ نئون چاه،نئون ساه ۽ نئون اتساه پيدا ٿئي ٿو،
    منهجي ٻولي کي عظمت عطا ٿي رهي آهي ،منهجي ماروئڙن جو شان بلند ٿي رهيو آهي منهجي سنڌ جي سلامتي جي دعا هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونججي رهي آهي
    مونکي يقين آهي ته سنڌ سلامت جا هي فرد، سنڌ جا اهي امر ڪردار آهن جيڪي هميشه زنده رهڻ وارن مان آهن،
    سمجه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌسلامت جي انتظاميه جا اهي احسان جيڪي هنن پنهجي جدوجهد سان مون تي ڪيا آهن مان انهن کي ڪيئن ساراهيان
    جن مونکي علم جي خزانن سان روشناس ڪرايو، مونکي سنڌ جي ادب سان متعارف ڪرايو جن مونکي هڪ هنڌ ويٺي سنڌ جي ڪتابن جي پوري لائبرري آڻي سامهون رکي ،مونکي پنهجي دوستن پنهجي ساڃاه وندن ماروئڙن سان ملايو،جن منهجي مئل سنڌي کي جيئرو ڪندي منهجي اندر ۾ اخلاق ،محبت ،ڀائيچاري ،اخوت ،پيار ۽ پرچار جي پريت جاڳائي،جنهن ۾ مان فخر سان پاڻ کي سنڌي چئي سگهان ٿو۔
    سچ ته هتي اچي پنهجي سنڌي هجڻ جي خبر پئي ته اسان هڪ بلند اخلاق ،ادب ،طور طريقن پنهجي ثقافت، ڌرتي پنهجي ٻولي جا وارث آهيون ،اسان قديم قوم آهيون اسان ڪٿان لوڌجي ڪو نه آيا آهيون،جيڪا اسان لاء فخر جي ڳاله آهي ،
    بس ڌارين جي اگهاڙپ ۽ بيحيائي مونکان منهجو پاڻ کسي ڇڏيو هو،
    شڪر آهي وري به ڪن سار لڌي ۽ هن انٽرنيٽ تي راتيون وڃائيندي اجائي ڪمن کان ڇوٽڪارو ڏياريندي ،مونکي پنهجي ٻولي جي لولي ياد ڏياري اڄ مان انٽرنيٽ تي سنڌي لکي رهيو اهيان
    سنڌ سلامت فورم جي ساٿين کي جس هجي جن سنڌ سلامت بلاگز کي متعارف ڪرايو آهي
    سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ ويساه گهاتين ۾ سنڌ سلامت فورم جا هي قدم ان فتح جا نشان آهن جن جي ڪاميابي کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي،
    دعا آهي ته ربُّ سائين هنن دوستن جي عزت و عظمت ۾ اضافو ڪري انهن کي پنهجي حفظ و امان ۾ رکي هر مشڪل آسان ڪري،آمين
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رشيد جا ڪم ايڏا ته سٺا هوندا آهن جو سندس تعريف روايتي لڳندي آهي۔ ڪافي عرصي کان سنڌ سلامت بلاگ جي ڳالهه ڪندا رهياسين ۽ ورڊ پريس کي سنڌي ترجمو ڪرڻ باوجود وقت جي گهٽتائي سبب ان عمل ۾ سستي ٿي ۽ سنڌ سلامت بلاگ نه جڙي سگهيو۔

    ڪجهه ڏينهن اڳ جي ئي ڳالهه آهي ته سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ ان ڳالهه تي بحث ڇڙيو ۽ مان دوستن سان واعدو ڪيو ته جلد اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سڀني بلاگن کي جوڙي گڏيل بلاگر آڻينداسي۔ هاڻ مان ڊاڙ هڻي ڇڏي يا ڳالهه ڪري ڇڏي، پاڻ ڪمپيوٽر جي معاملي ۾ صفا ٺلا سو اتي مان رشيد ۽ غامر چارڻ کي ٽيگ ڪيو۔

    رشيد کي شاباس هجي جو جلد ڪم کي سهيڙيندي ۽ رات جو چئين بجي تائين ويهي به ڪم کي لڳو رهيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته مان ۽ علي کيس تنگ به ڪندا رهياسين پر آخر ڪار هو ڪامياب ٿي ويو۔ بهترين ڪم تي ادا رشيد کي سلام پيش ڪيان ٿو۔

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي خدمت لاء پنهنجي پاران ڪوششون وٺي رهي آهي ۽ جلد ڪجهه نوان پروجيڪٽ به دوستن جي اڳيان آڻبا۔
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين عتيق الرحمان صاحب سلام قبول پون

    اوهان جا لک ٿورا جو اوهان سنڌ سلامت جي دوستن کي مان ڏنو آهي۔ هڪ دفعو وري عرض ڪبو ته سنڌ سلامت اسان سڀ آهيون، ان مان مان به آهيان ته اوهان به آهيو ۽ سڀ ميمبر آهن، سنڌ سلامت سڀني جو گڏيل نالو آهي۔ سڀني دوستن جي گڏيل ڪاوشن جو نتيجو آهي سنڌ سلامت، پر سنڌ سلامت جو اصل سهرو وڃي ٿو رشيد سمون، علي علي، عامر ضياء ۽ سائين نثار ابڙو ڏي، جن هن فورم کي اسان لاء سجايو۔ پوء هي عشق گاڏو هلندو رهيو، ڪي ان ۾ سوار ٿيندا رهيا، ته ڪي ساٿ ڇڏي ويا ۽ ڪي وري ٻيهر اچي شامل ٿا ۽ ڪي اهڙا به آهن جيڪي شروع کان اڄ تائين ڪم کي لڳا پيا آهن۔

    مان به هڪ سال پوء سنڌ سلامت وارن جي ساٿ ۾ شامل ٿيو هوس، پر اهڙو پيچ اڙيو جو، جدائي ڏکي ٿي لڳي۔۔۔۔ شال هي محبتي ميڙ سدا سلامت هجي جنهن سنڌي ٻوليء جي لاء گهڻو ڪم ڪيو آهي۔
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌ سلامت جوهي قدم سنڌي ٻولي جي نيٽ تي واڌاري ۾ تمام گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيندو۔۔۔ تمام گهڻي وقت کان اهڙي پلانيٽ جي ضرورت هئي۔۔ دير آيد درست آيد۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ سلامت جي انتظاميه جي هي ڪاوش اهڙي آهي جو جيڪڏهن ذيشان رشيد جي هن محل به تعريف نه ڪجي ته اها هڪ وڏي زيادتي ٿيندي۔ رشيد جي هر وقت اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌ سلامت دنيا جي تيز رفتاريء سان گڏ ترقيء جي راهه ۾ ڪنهن کان گهٽ نه هجي پاڻ جس لهڻي جو راتين جون ننڍون فٽائي هن فورم جي رونق ۾ اضافو ڪري رهيو آهي۔

    بلاگ جي ڳالهه ڪچهرين ۾ ٻڌندو رهندو هيس اڄ جڏهن رشيد وٽ ويس ته هن سنڌ سلامت بلاگ ڏيکاريو ء تفصيل سان سمجهايوڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي۔

    سنڌ سلامت فورم جي ساٿين کي مبارڪ هجي جن سنڌ سلامت بلاگز کي متعارف ڪرايو آهي۔
    سنڌ سلامت فورم جو هي هڪ شاندار قدم آهي

    ،
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اي پڻ چڱو ڪم ۔۔۔ يا وري چڱا ڪن چڱايون ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي هن سهڻي واڌاري تي ڍير ساتريون واڌايون هجن ۔۔۔۔

    هاڻ اسين سنڌي بلاگ، سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ئي گهمي ڦري سگهنداسون، جيتوڻيڪ ڪئي فورم ۽ بلاگ ٻين سائيٽن کي جڳهه انڪري ناهن ڏيندا ته متان سندن رڪن ورهائجي نه وڃن پر سنڌ سلامت جي انتظاميه هميشه سنڌ ۽ سنڌيت کي اوليت ڏيندي سنڌ سلامت تي سڀني سنڌ دوستن کي پنهنجو ڪندي رهي آهي ۔۔۔

    اسين سنڌ ۽ سنڌيت لئه ڪم ڪندڙ سڀني دوستن کي پنهنجو ساٿي ۽ همراهه سمجهون ٿا ۽ انهن سان گڏجي پنڌ ڪرڻ جا جتن ڪندا رهون ٿا ۔۔۔ سنڌ سلامت اهڙن ئي ڏاهن دوستن جو اڱڻ آهي جي سنڌ ۽ سنڌيت جي راهه جا راهي آهن ۔۔۔ شال اهي جذبا هميشه سلامت رهن، جيستائين سنڌيت پنهنجو شاندار مستقبل حاصل ڪري وٺي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺي ڪوشش آهي مون به طبع آزمائي طور ٻه بلاگ ٺاهيا هئا ليڪن وقت جي ڪمي سبب انهن کي اپڊيٽ نه ٿو رکي سگهان اميد ته اهڙين ڪاوشن سان دوستن کي بلاگ ٺاهڻ جو شوق به پيدا ٿيندو ۽ ان سلسلي ۾ مدد پڻ مهيا ٿيندي ۽ اهڙي طرح اسان جي سنڌي ٻولي روز به روز ترقي طرف گامزن ٿيندي رهندي۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺو ڪم ڪيو آهي۔مون کي ڏاڊي خوشي ٿي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    ادا منهنجو بلاگ شامِل ڪندئو ته توهان جو عمر ڀر احسان مند رهندس
    بلاگر نالو _ محمد جان جو بلاگ
    بلاگ _ منهنجي ڊائيري _ ليکڪ _ محمد جان زريناڻي

    يو آر ايل _
    janzarinani.blogspot.com
    يو آر ايل گرايئٽر _ janzarinani@gmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سنڌ سلامت جي هن بهترين ڪاوش کي پڙهندي دِل چوي پئي ته مان به ڪوشش ڪري ڏِسان۔۔
    جيئن ته مان ميڊيڪل لائين سان مُنسلڪ آهيان سو صحت ۽ تندرستي بابت بلاگ ٺاهڻ جو سوچيو اٿم۔
    پر آر ايس ايس فيڊ جي سمجهه ڪونه آئي آهي۔۔اِن جو لنڪ ڪٿان ملندو۔۔؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا منهنجو به بلاگ ٺاهيو ته مهرباني ٿيندي۔۔
    نالو۔۔باغي عليم
    بلاگ جو نالو۔۔مٿي ٿر رهي وِيا گُذاري ڏينهڙا۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين منهنجو به بلاگ شامل ڪيو وڃي ته لک قرب سڄڻن جا۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو