اڄوڪو ڏينهن 18 نومبر تاريخ جي دري مان

'نومبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 18 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    18 نومبر 1822ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ آزادي تحريڪ جي اڳواڻ هريچند گنگا رام جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    18 نومبر 1828ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مينگهه راج تلريجا (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 نومبر 1886ع تي سنڌي سياستدان سر شاهنواز خان ڀٽو پيدا ٿيو.​
    18 نومبر 1965ع تي شاعر ۽ اديب خليل عارف سومرو سنڌ جي ناليواري شاعر احمد خان مدهوش جو فرزند آهي. سندس پورو نالو خليل حسين ڪاڇي جي شھر جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.
    18 نومبر 1968ع تي نالي وارو شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي اصل نالو عبدالعزيز منگي ولد هدايت الله منگي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بگي ۾ جنم ورتو.


    وڇوڙو:

    18 نومبر 1886ع تي آمريڪي سابق صدر آرٿر چيسٽر ايلن جو انتقال ٿيو.
    18 نومبر 1907ع صوفي شاعر فيض دريا شاهه جي وفات ٿي۔
    18 نومبر 1914ع تي علامه شبلي نعماني جو وڇوڙو ٿيو.
    18 نومبر 1918ع تي قائداعظم جي ويجهي ساٿي ايم ايڇ اصفحاني جو لاڏاڻو ٿيو.
    18 نومبر 1970ع تعليمي ماهر خانبهادر ڪي بي نورالدين نانا (ڪراچي) جي وفات ٿي۔
    18 نومبر 1976ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا عبدالغفور طوفان جي وفات ٿي۔
    18 نومبر 1979ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ عالم ميان عبدالحليم ميڪڻ لاڏاڻو ڪري ويو۔
    18 نومبر 1982ع اديب، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو انتقال ٿيو.
    18 نومبر 1983ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مزدور اڳواڻ پوهومل ديهانت ڪري ويو۔

    اڄوڪي ڏينهن 18 نومبر جا ڪجهه اهم واقعا

    18 نومبر 1949ع تي قيام پاڪستان بعد شاهي قلعي لاهور جو عالمگيري دروازو کوليو ويو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر ابراهيم خليل، :

    ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“، ولد محمد يوسف شيخ، سنڌيءَ جو ڪهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر هو. پاڻ 24 ڊسمبر 1900ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس وڏا ورهاڱي کان گهڻو اڳ حيدرآباد دکن کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا هئا. -ابراهيم خليل- ابتدائي -تعليم-، سنڌ مدرسته السلام ڪراچيءَ ۾ ۽ قرآن شريف مولوي محمد عثمان نورنگزادي وٽ پڙهيو. نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ پڙهڻ کان پوءِ نارائڻ جڳناٿ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان 1917ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ به متعلم رهيو. 1925ع ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئيءَ مان ايم.بي.بي.-ايس- ڪرڻ بعد پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. -تعليم- دوران هن ڳجهين بيمارين،، چمڙي ۽ اکين جي بيمارين جي به سکيا ورتي. فارسي -تعليم- مولوي ميانجي عبدالحق کان ورتائين. ويانا (آسٽريا)، رانچي ۽ -بهار- مان دماغي مرض جو اڀياس ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب انهيءَ فن ۾ ماهر هو. حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿي رهيو. سر سي. جي. مينٽل هاسپيٽل گدو (حيدرآباد) ۾ چوڏهن سال سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو، ۽ 1955ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هيلٿ ٿي رٽائر ڪيائين. 1913ع ۾ شعر لکڻ شروع ڪيائين. پهريائين ’غافل‘ تخلص هوس، پوءِ ’خليل‘ اختيار ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب جو سنڌي شاعريءَ ۾ -استاد- حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم هو، ۽ اردوءَ ۾ جناب عبدالله ميان ’فضا‘ دکني تلميذ حضرت داغ دهلوي هو. 1946ع کان 1957ع تائين ’جمعيت الشعراءَ سنڌ‘ جو صدر رهيو. -ان- طرح ڊاڪٽر صاحب، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽي تي به ڪم ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ’-انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي-‘ جو پڻ ميمبر رهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي يادگار ڪائونسل جو شروع کان ئي رڪن رهيو. سندس ڪتابن ۾ ’رهنمائي شاعري‘ (4 حصا)، ’-بيت- -الله- شريف جي -تاريخ-‘، ’-ادب ۽ تنقيد-‘، ’بلبلِ سنڌ‘، ’عبرت ڪده‘، (3 حصا)، ’سنڌي مثنويون‘، ’سنڌي رباعيون‘، ’سنڌ جو قديم ۽ جديد شعر‘، ’ڪليات خليل‘، ’ديوان خليل‘، ’رباعيات خليل‘، ’گلزار خليل‘، ’-انتخاب- خليل‘، ’پنهنجا افسانا‘، ’پراوا افسانا‘، ’اسلامي افسانا‘ وغيره . ڊاڪٽر صاحب جي صدر -بازار- حيدرآباد ۾ اسپتال مشهور هئي. جناب ڊاڪٽر خليل صاحب، علم ۽ فن جي خدمتن جي سلسلي ۾ جو ڪجهه عملي طرح سان ڪم ڪيو آهي، اهو نظر انداز ڪرڻ جهڙو ناهي. -ان- دور ۾ جڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ اڃا ٽه - حرفا لفظ اعرابن سان استعمال ڪيا ويندا هئا، وڏن وڏن شاعرن کي عروض جي ابتدائي مسئلن جي به خبر نه هئي، تڏهن ”رهنمائي شاعريءَ“ نالي ڪتاب تاليف ڪري ڇپايائين. رهنمائي شاعري، حصه -اول- ۾، مقدمه حاليءَ جي طرز تي شاعريءَ جي فن ۽ صنفن جو تعارف ڪرايو ويو، ۽ ٻين ٻن حصن ۾ مثالن سان بحث ڪيو ويو. اهي ٽئي ڪتاب نه فقط نو آموز شاعرن لاءِ معلومات افزا آهن، پر ڪهنه مشق بزرگن لاءِ به ڏاڍا ڪارائتا آهن.
    شعر و شاعري جي سلسلي ۾ هر انجمن ۽ هر مجلس ۾ شرڪت ڪرڻ سندس مشغلو هو. سندس مخلصانه تعاون سان ’-ادب سنڌ-‘ جو اجراءَ ٿيو. جنهن سنڌي زبان، ادب ۽ شاعريءَ جي وڏي خدمت ڪئي. -ان- طرح ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘ جي تشڪيل ۽ تعمير به ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سان ٿي، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ٿيو ۽ پوءِ سالن جا سال صدارت جا فرائض انجام ڏيندو رهيو.
    ’جمعيت الشعراء سنڌ‘ پهريون علمي ادارو آهي، جنهن جي انتظام هيٺ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۾ سال بسال عظيم الشان ادبي ڪانفرنسون ٿي گذريون آهن. انهن ڪانفرنسن جو لٽريچر، مرحوم -امام بخش خادم- لاڙڪاڻوي، ساهه سان سانڍيندو آيو، سندس وفات کان پوءِ اهو سارو دفتر ضايع ٿي ويو. اهڙيءَ طرح سنڌي -ادب - مان هڪ تاريخي باب ختم ٿي چڪو آهي. بزم خليل ۽ انجمن -ترقي- -اردو-حيدرآباد، ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن جا تاريخي شاهد آهن.
    ڊاڪٽر صاحب جامع الفنون رهيو آهي، اديب، نقاد، شاعر، -اهل- قلم، مقرر ۽ انشا پرداز، سندس ڪلام، پخته ۽ شائسته، عروض جو پابند، عروض جي نازڪ -ترين- اصولن جو پابند، زبان جي لحاظ سان درست ۽ فني لحاظ سان پختو ۽ زوردار آهي. هر صنف تي لکيو اٿس. غزل، رباعي، قطعو، نظم، مثنوي، گيت، بلڪ ڪافي به سندس ڪلام ۾ موجود آهي. سندس فن تي فارسي ۽ -اردو- ادب جو وڏو اثر آهي، تاهم انفراديت ۽ افاديت قائم آهي.
    سندس تاليفات ۾ ’عبرت ڪده‘ (افسانوي مجموعا) سندس ’مشاهدن‘ تي مدار رکن ٿا، جڏهن پاڻ گدو -بندر- اسپتال جو سپرنٽينڊنٽ هو. تڏهن هزارين دماغي مريضن جي صحتيابيءَ لاءِ جيڪي نفسياتي طرح ڪوششون ڪيائين، اهي سڀ ’عبرت ڪده‘ ۾ افسانوي انداز ۾ بيان ڪيل آهن.
    اهڙيءَ طرح افسانا، ڊراما ۽ ڊائلاگ پڻ ڪافي انداز ۾ لکيا اٿس. سنڌي ادب جي سڀني علمي رسالن ۾، سالن کان، سندس علمي ۽ ادبي مقالا شايع ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر خليل صاحب 18 نومبر 1982ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

    انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو