سچل ڳوٺ کان رني ڪوٽ جي سير جو احوال!

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
    سچل ڳوٺ کان رني ڪوٽ جي سير جو احوال!
    عبدالحفيظ لغاري

    ڏهاڪو کن ڏينهن ٿيا هوندا جوسنڌ سلامت جي مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ پياري دوست گھڻ گهُرئي سليمان وساڻ ٻڌايو ته سچل ڳوٺ واسين جو هڪ قافلو تيار ٿيو آهي سنڌ جي تاريخي قلعي رني ڪوٽ گهُمڻ لاءِ. اهو ٻڌائڻ کان پوءِ سندس ٻيو سوال ته ظاهر آهي “هلـــنديــن؟؟؟” کان سواءِ ڪجهه ٿي ئي نه پئي سگهيو. منهنجو جواب ڪو به نه هو. انهي ڪري نه ته ان ڏينهن ڪا مصروفيت آهي يا وري اهڙو ڪو ٻيو مسئلو. نه وري آئون هڪ عام رواجي سوال “هُتي آهي ڇا؟ ڇا رکيو آهي جو وڃي ڏسجي؟” جي گرفت ۾ هئس. پر الاءِ ڇو آئون ها نه ڪري سگهيو هوس. جيئن جيئن ڏينهن ويجهو اچڻ لڳا ته پروگرام چاڪ آئوٽ ٿيڻ لڳو. شيڊول ٺهڻ لڳا. ڪيئن هلبو ڪٿي هلبو ڪٿي رهبو؟ جا فيصلا ٿيڻ لڳا. پر آئون هڪ نه ٻي ڏينهن سليمان وساڻ جي اوطاق تي وڃي ڪڏهن ساڻس ڪچهري ڪريو اچان ڪڏهن سليمان کي ڏسندي ۽ رشيد سمون سان فون تي ڳالهائيندي وقت ڪٽيو اچان، ته ڪڏنهن انهي اوطاق جي هائيڊ پارڪ ۾ چار خيال اُڇليو ۽ چاليهه رايا جهپيو اچان. پر رني ڪوٽ تي هلندڙ ڳالهين واري پاسي ڪن ڪونه ڏنم. نيٺ باقي هڪ ڏينهن اچي بچيو ته لسٽ فائنل ٿي. انهي لسٽ ۾ الاءِ ڪيترا ميمبر اوچتو اِن ٿيا ته ڪيترا وري ٽاپ آف دي لسٽ آئوٽ ٿيا. پر انهي ان آئوٽ ۾ منهنجو نالو الاءِ ڪيئن آڻي ٻڌايائون ته “اسان پُڇون نه ٿا. اسان ٻڌايون ٿا ته هلندين” سندن انهي حُجت جي جواب ۾ جواب ڏيڻ نه پُهتو ۽ ايئن ڪو ويهن ماڻهن جي قافلي ۾ هڪ آئون به شامل ٿيس. جمعي جو ڏينهن، رحمان ملڪ جي مهرباني سان ڪراچي ۾ موبائيل بند، سو سڄو ڏينهن ڪا خبر ئي نه هئي. مطلب ته اڳين رات جيڪو طئي ٿيو سو آخري هو. انهي وچ ۾ پروگرام ۾ ڪا ترميم اچڻي به هجي ها ته به موبائيل بند هجڻ سبب نه اچي سگهي. شام جو سگنل ته سؤلا ٿي الاءِ آيا هئا الاءِ نه پر سليمان جي ڪال شايد اڳ ۾ ئي اچي وئي ته يار ڪاٿي آهيو. سڄي سنگت پُهچي وئي آهي. وڃي جو ڏسان ته سهڻا سنڌي سڀ موجود آهن ۽ منهنجو اندازو قطعي طور تي صحيح نه هو ته کڻي سچل ڳوٺ جا ئي سهي پر آهن ته سنڌي سو ضرور دير ڪندا. پر هنن اها روايت ٽوڙيندي وقت جي پابندي ڪئي. هاڻي هڪ ننڍي ڪار ۽ هڪ وين ۾ ويهارو کڻ ماڻهن جو قافلو روانو ٿيو. سرواڻي سراج الدين ميمڻ صاحب (المعروف فقير سائين) جي هئي. اهو اتفاق پئي لڳو پر هو پلاننگ سان ته سڀ جوڙ جوڙ سان ويٺا. اسان آخري سيٽ تي ويٺاسين جيڪا غلام مرتضى وساڻ جي صلاح هئي. ۽ آئون به ساڻس متفق آهيان ته وين ۾ ڊگهي سفر ۾ آخري سيٽ تي ويهو. هڪ ته اها ٻين کان خلاصي هوندي آهي ۽ ٻين جي لهڻ چڙهڻ مهل تڪليف نه ٿي ٿئي. گاڏين جو رخ صفوران چورنگي کان ملير ڪئنٽ جو پاسو وٺي سُپر هائي وي هو جتي نثارابڙو چواڻي ته گاڏي ڊرائيور نه پر روڊ هلائيندو آهي. سي اين جي اسٽاپ کان سواءِ ٻيو ڪٿي به نه بيٺاسين. ۽ انهي اسٽاپ ۾ سنگت کي عشاءَ نماز جو موقعو ملي ويو. ڇو ته اڄڪلهه جيڪو سي اين جي جو مسئلو آهي ته روز ئي بند هوندي آهي. آئون ته چوان ٿو گورنمنٽ هاڻي سي اين جي جي بند هجڻ جي اطلاع ڏيڻ بجاءِ جڏنهن جڏنهن کُلي ته انهي جو اطلاع ڏيئي ته بهتر ٿيندو ڇو جو انهي سان اعلان ڪرڻ وارو خرچ بچندو. هفتي ۾ اٺ دفعا ته هر سي اين جي ريلوي اسٽيشن جو ڏيک ڏيندي آهي جتي ريل گاڏي جهڙيون ٻه ٽي قطارون ڏسڻ ۾ اينديون آهن بس فرق رڳو اهو ته ريل جي گاڏن بجاءِ هتي ننڍيون وڏيون گاڏيون هونديون آهن. اسان جي پهرين منزل ڄامشورو هئي جتي فقير سائين جي ننڍي ڀاءُ سائين ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ صاحب پاران رات جي ماني جو بندوبست ٿيل هو. رات جي اونداهي ۾ لاهين چاڙهين تي ٺهيل سُپر هائي وي تي ٻي پاسي کان ايندڙ گاڏين جي ڊگهي قطار ۽ هُن پاسي هارن ڏيئي اوور ٽيڪ ڪندي ڊگهن ڊگهن ٽرالرس کي ڏسندي سفر ڪٽجڻ لڳو. سنگت سڄي ۾ جيڪا گفتگو هلي پئي سان انتهائي دلچسپ ضرور هئي پر هن ناچيز جي هڪ سينسر سينس ته ڪري ورتي پر فلم سينسر واري سينسر انهي کي فلٽر ڪري ۽ هتي ڏجي اهو ممڪن ناهي. ها باقي مرتضى جا جيڪي ٽوٽڪا هئا سي وقت به وقت هلندا رهندا. ڇو ته اُهي سمجهه ۾ به اچن پيا. باقي سچل ڳوٺ جا پوڙها روشن تارا اسڪول لڳ بڙ جي وڻ کي پاڻي ڏيڻ ۾ اڳ اڳرا ڇو هئا؟ صنم سائين جو سِرڙو ڇا آهي؟ شرڙا ڇا آهن؟ پوڙهي پاڏي جو بُرش سان ڪهڙو تعلق؟ جليبي ۽ پڪوڙا مينهن وسندي سؤلا ڇو نه ٿا ملن؟ ڀريل تُريل جرڳي ۾ ايس پي صاحب ڪنهن جي خلاصي دِل سهي ڪري ورتي؟ اهو سڀ سمجهڻ لاءِ اسان پارا پوگو ڏسڻ وارا ماڻهو ڇا ڪن؟ سو اهي ڍَڪيون ئي ڀليون آهن. اسان ڪراچي کان 7:30 بجي شام جو هلياسين ۽ ڄامشوري پهچندي 9:30 ٿي ويا هئا. سائين شهاب الدين ميمڻ صاحب کان آئون چڱي ريت واقف آهيان جو هو منهنجا پي ايڇ ڊي سپروائزر به آهن ۽ وقت جي پابندي ۾ کين فوجي به نه پُڄن. سو ماني ته ڪڏهوڪو تيار هئي. اسان جا ڪجهه ساٿي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سندس گهرواري ايلسا قاضيءَ جي مزار تي وڃي دعا گهري آيا. ڪو سٺ سال اڳ هن ويران پٽ تي هن ڪئمپس جو بنياد رکي هن جهنگل ۾ منگل مچائي علم جي روشني جو عزم سائين علامه آءِ آءِ قاضي جو ئي هو ۽ اڄ به ڪئمپس کان سنڌالاجي وٽ کڻي مناسب روشني ناهي هوندي پر سائين جي آخري آرامگاهه سدائين روشن رهي ٿي. ماني کان پوءِ گهڻو وقت نه ترسياسين ۽ سڌو رُخ رکيوسين سن شهر، سن شهر جيڪو سنڌ جي ڏاهي جي ايم سيد جن جو آبائي شهر آهي. اسان جو هتي ميزبان سچل ڳوٺ ۾ ڊکڻ جو مشهور ڪاريگر پُنهل لاکو هو. هتي آرام وڌيڪ ۽ ڪچهري ٿوري ڪرڻي هئي ته جيئن صبح قلعو تازو توانو ٿي گهُمجي. پر ڪم اُلٽو ٿيو. اسان مان گهڻا ورانڊي ۾ ئي سُتا پر مرتضى ۽ سليمان وساڻ الاءِ ڇو ڪمري اندر وڃي پير ڊگها ڪيا. پر هتي سنگت ۾ هر ڪو پنهنجي الله جي ڏِني مان پيو ٻڌائي ته ڳالهه ۽ وقت وڃن وڌندا. سليمان کي ڏسان پيو ته منٽ اڌ ۾ درجن کن ڀيرا پاسا ورائي وري اچي اسان وٽ ٻاهر ويهي. ننڊ جي ڪوشش سڀني کي هجي پر سمهي ڪوئي نه پيو سگهي جو ڀوڳ ٺڪاءَ ۾ کِل ايتري جو ننڊ جا نازڪ پکي اکين جي آکيرن تي ويهڻ کان اڳ ئي اڏاميو وڃن ۽ جو انهي وچ ۾ مرتضى جو ڪو سڄڻ دُشمن فون ڪري ته سائين قائم علي شاهه (المعروف دبنگ) جن ڪوئي چار هزار نوان ڀرتي ٿيل ماستر لاهي ڇڏيا آهن. مرتضى جي هاءِ گهوڙا هجي ته هاڻي اهي حوال ڇڏيو. مون کي پريشاني ۾ کِلڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئي. مرتضى جيڪو اڃان ٻه مهينا اڳ ئي سنڌي لئنگويج ٽيچر طور ڀرتي ٿيو آهي تنهن کي فڪر اها ته سائين قائم علي شاهه صاحب الاءِ ڇو هن مهل آڌي جو هوش سنڀاليندي آرڊر رد ڪيا آهن. هاڻي الاءِ ليڪچرارن جي ڦِٽي، الاءِ پرائمري وارن جو ڀاڳ اڀاڳ ٿيو، الاءِ ايس ايل ٽي کي رڳڙو آيو. سو نه سڄي رات انهي خبر جي ڪا تصديق ٿي نه ڪو وري مرتضى کي ئي ننڊ آئي. پُنهل لاکو چئي پيو ڇوڪرن بجلي جي فٽنگ سان الاءِ ڪهڙي هٿ چُراند ڪئي آهي جو مئن سوئچ سان به بجلي بند نه ٿي ٿئي. پر مرتضى واري ڪمري ۾ لڳل بلب جي بٽڻ آف ڪرڻ سان سڄو مُلڪ بليڪ آئوٽ ٿيو وڃي. مون فورن چيو يار اهو همراهه وٺي ته اچو جنهن اهو ڪم ڪيو آهي. شاباس ته ڏيانس. ڇو ته هلڪي روشني ۾ به ننڊ نه اچڻ جي منهنجي پراڻي ۽ بيڪار عادت آهي. سليمان به انهي خيال جو هو. خير روشني جو مسئلو ته حل ٿيو. ڇو جو مرتضى جي من ۾ روشني بجاءِ اُلڪي جو انڌيرو هو سو هن به اهو بٽڻ دٻاءِ سڄو ماحول انڌيرو ڪري ڇڏيو. پر اسان جي هڪ ساٿي جي کونگهرن کان ڪو سڄي سنگت واقف هئي. سڀ چون ته اهو اسان جي پاسي ۾ نه سمهي. اتفاق سان سندس کٽ سليمان واري پاسي ويجهي هئي. خيال ته سڀني جو کڻي هو ته اهو همراهه پري هُجي پر سليمان ته حد ڪندي اهو ڪيو جو همراهه کي کٽ سوڌو کڻائي وڃي پريان رکرايائين جتي وارا همراهه اڳ ۾ سُمهي رهيا هئا. نه ته قطعي اهو نه قبولين ها ته اها کٽ سندس پاسي ۾ اچي. شابس ميزبانن کي هُجي جن اهو ڪم ڪري ڏنو. مستفيد ته کڻي اسان سڀ ٿياسين جو هُن جي کٽ ايترو پري هوندي به سندس کونگهرن جي فريڪوئينسي ۾ ايترو دم هو جو اسان تائين آواز آيو پئي. پر ڪم جي همت لاءِ سليمان کي داد ڏبي. ڇو ته هُو همراهه جو هتي پاسي ۾ هجي ها ته اصل ئي نه سمهي سگهجي ها. خير سمهڻ ته وري به هُن سؤلو نه ڏنو جو فجر نماز کان ڪلاڪ اڳ ئي اٿي سڀني کي اٿارڻ لڳو ته جلدي ڪيو. تياري ڪريو. فجر پڙهندي ئي هلي قلعي تي پهچجي جو جيئن جيئن ڏينهن چڙهندو ته هُتي هلڻ ڏکيو ٿيندو. ڳالهه ته سندس صحيح هئي پر سمجهه ۾ وڃي هُتي ئي آئي هئي. هن جي هتي ايتري تڪڙ باوجود اڌ سنگت نه اٿي. هڪڙي ته اهو عُذر به پيش ڪيو ته سڄي رات اهڙا حوال ڪيا آهن سو هاڻي ڪهڙي منهن سان مسجد هلجي. هتي ئي نماز پڙهو. پر هُن همراهه ته مسجد وڃي مسجد جي روزاني واري ٽائيم کان به اڌ ڪلاڪ اڳ جماعت ڪرائي. اسان مان جيڪي پُهتا انهن ته کڻي با جماعت نماز جو ثواب ڪمايو پر ڳوٺ وارن جي نماز پڪ قضا ٿي هوندي يا متان ٻي جماعت ڪئي هجين. باقي ٽائيم کان اڳ ڏياريل اذان تي ڳوٺ جا ماڻهو ته ڇا ڪُڪڙ به پريشان هئا ته اڄ مولوي اسان کان اڳ ڇو پيو ٻانگ ڏي؟

    صبح جو ناشتو پُنهل لاکو پاران هو جيڪو نج ڳوٺاڻي روايت موجب هو. مکڻ جو ڏونگهو ڀريل ۽ نِج ماکي جو شيشو گڏ ديسي گيهه ۾ تريل اُڦراٽا. پوءِ ته ظاهر آهي اهو ڪير ٻُڌي ته هلڪو ناشتو ڪريو نه ته جبلن تي هلڻ ۾ اوکا ٿيندا. ناشتو ڪندي ئي گاڏين تي پنهنجون سيٽون سنڀاليوسين ۽ سن شهر کان اولهه طرف 32 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سنڌ جي تاريخي ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي قلعي رني ڪوٽ طرف هلياسين. ايئن پئي لڳو ته سنڌ جي ميداني پٽن تان نڪري ڪنهن پهاڙي ملڪ ۾ اچي ويا هجون. مون کي اهو علائقو بلڪل افغانستان جيان لڳو. جبل جي اکين جي ڏسڻ جي حد کان وڏي سلسلي ۾ ٺهيل روڊ تي گاڏي هلندي وڃي رني ڪوٽ جي مُک داخلي گيٽ تي پُهتي. هتان کان پوءِ جيتوڻيڪ رستو ته هُيو پر نه هجڻ جهڙو. هنڌ هنڌ تي گاڏي مان لهڻو پيو پوي ۽ خالي گاڏي به مشڪل سان اهو هنڌ اُڪريو ٿي. هڪ هنڌ ته ٽُٽل پُل ڏسي اسان همت هاري ويٺاسين ته ڪو اڳتي به وڃي سگهبو. پر هتي موجود ماڻهن (جن جي هُتي موجود هجڻ تي حيرت هئي ته هتي سندن مائٽ رهن، جن سان هو ملڻ آيا آهن) ٻڌايو ته اوهان ڀلي پنڌ اڳتي هلو. گاڏي لاءِ متبادل پيچرو آهي. خير ائين لهندا چڙهندا قلعي اندر موجود مکيه جڳهه ميري ڪوٽ (ريسٽ هائوس) پهچي وياسين. جتي گاڏين اسان کي ڇڏيو، هتان ڪو فرلانگ کن پنڌ تي ميري ڪوٽ نظر پئي آيو. ٻنهي پاسي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل هو. جنهن جي چوٽي تي قلعي جي ديوار نظر پئي آئي. پاڻ سان آندل فروٽ پاڻي ۽ گِلم کڻي اچي ميري ڪوٽ پهتاسين. هتي پهچندي ئي اڳي موجود سوال وڌيڪ تجسس پئدا ڪرڻ لڳو ته آخر هي قلعو ڪنهن ٺهرايو؟ هنن پهاڙن تي (ڏند ڪٿائن موجب ڪوئي 150 سال قبل مسيح) اڄ به عقل کي دنگ ڪندڙ هي شاهڪار آخر ڪهڙي مقصد تحت تعمير ڪيو ويو؟ هُتي موجود هڪ گائيڊ توڙي جو پنهنجي پر ۾ وڏي اعتماد سان اهو چيو ته هي قلعو ايران جي بادشاهه ٺهرايو. پر وٽس دليل طور صرف هڪ ئي ڳالهه هئي ته قلعي ۾ ڪجهه هنڌن تي سورج مُکي جو گُل تراشيل آهي. جيڪو ايران جو قومي گُل هو. (اُن وقت به ته اڄ به.) پر صحيح خبر اڄ به ڪنهن کي ناهي ته اهو ڇو ٺاهيو ويو؟ ميري ڪوٽ ۾ ٻن ڪمرن جو هڪ زبون حال گهر پئي لڳو. هڪ فرش تي مسجد جا آثار. هڪ پراڻو کوهه ۽ مٿي مورچا ٺهيل. اهو ته بهرحال چئي پيو سگهجي ته هي قلعو سنڌ جي ٻين قلعن جو بنيادي نقش آهي. ايئن پئي لڳو ته هي قلعو ئي ماڊل بڻائي ٻيا قلعا ٺاهيا ويا. پر سنڌ جي ٻين عظيم قديم قلعن وانگر هن قلعي جي مستند تاريخ ڇو ناهي؟ سڀني وٽ اهو سوال به هو ۽ سڀني جي زبان تي اهي ئي جملا به ته جيئن به ٺهيو پر هي هڪ وڏو شاهڪار آهي. ٻيو ته ٺهيو اڄ تائين هن جي صحيح ماپ به شايد ناهي ٿي سگهي. ڀلي کڻي ڪجهه محققن هتي اچي ڪوشش ڪري پنهنجا انگ اکر ڏيئي هن جي ماپ 25 ميل ٻڌائي آهي پر متفقه راءِ اڃان به ناهي آئي.ميري ڪوٽ ۾ گائيڊ کان معلومات وٺندي ۽ ڪجهه فروٽ کائيندي وقت گذري ويو ۽ سج پنهنجي ڏينهن جي مقرر سفر جو چوٿائي حصو پورو ڪري چُڪو. هاڻي ويهن ڄڻن مان ڪُل سورهن ڄڻن هن قلعي ۾ موجود لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار فُٽن جي بلندي تي موجود شير ڳڙهه قلعي کي سَر ڪرڻ جو عزم ڪيو. سامهون جبل جي چوٽي تي ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل شير ڳڙهه جو مقام به هڪ ننڍو قلعو هو، پر سفر جي شروع ۾ ئي اندازو ٿيو ته ڳالهه تصور کان گهڻي ڏکي آهي. اسان ميري ڪوٽ کان هيٺ لهي قلعي جي مشهور نهر تي آباد ٿيندڙ زمينن جو پاسو وٺي مٿي چڙهڻ لڳاسين جيڪو انتهائي غلط فيصلو هو. اسان مان ڪجهه ساٿي قلعي اندر موجود آبادي (جتي هڪ کليل پٽ تي اسڪول به آهي) وٽان ڪجهه سڻائي طريقي سان مٿي هليا. ۽ اهو ئي پاسو صحيح آهي. اسان جنهن پاسي هلياسين اهو اسان جو تڪڙ ۾ ڪيل فيصلو هو. بهرحال جيئن جيئن مٿي هلون پيا ته ايئن پئي لڳو ته لِڱن مان ساهه ۽ ماحول مان آڪسيجن ختم ٿيڻ لڳي آهي. پهريان ٻه ٽي سؤ قدم پر پوءِ ته آهستي آهستي ڏهه قدم هلي به ساهي پيا پٽيون. ايترو به نه پيو ٿئي جو ڪجهه پنڌ اڳيان هلي ڪنهن پٿر يا ڪنڊي جي ڇانؤ ۾ ويهجي. تتل اُس ۾ ويهي پيا رهون. پاڻ سان کنيل پاڻي جو بوتلون هن سفر جي اڃ اجهائڻ لاءِ بلڪل ٿوريون ثابت ٿيون. مون سان گڏ نواز سانگي ۽ مرتضى هئا. مرتضى جي راءِ بلڪه رڙ هئي ته سڀ گڏجي هلندؤ ته همت ايوريج ٿي ويندي ۽ نتيجو دم ٽٽڻ هوندو. ايئن ڪريو جيڪي گهڻا سَگها ۽ تڪڙا آهن سي اڳتي ٿين. انهن کي ڏسي اسان به همت ٻڌنداسين ۽ پوئتي جيڪي جهونا هلن ٿا سي به اڳتي هلندا. پر اهو فارمولو به گهڻي دير جٽاءُ نه ڪري سگهيو. اسان سان گڏ هڪ جهوني حاجي صاحبڏنو ارباب توڙي جو هِن ڪوهه پيمائي جي اڻانگي انگل ڪرڻ مهل اها به پئي شرط رکي ته جيڪڏهن آئون شير ڳڙهه پُهتس ته پوءِ مون کي اڄ کان وٺي ٻي شادي ڪرڻ جي شؤق تي نه ٽوڪجو، پر جڏهن اڌ تي پُهتاسين ته همراهه چوڻ لڳو، “لڳي ٿو ٻي شادي جي ته همت وئي پر جيڪا هڪ ڪئي اٿم اها به الاءِ سنڀالي سگهان الاءِ نه.” ۽ ايئن ڪيڏي مهل کِلائيندي ڪيڏي مهل همت ڏيندي هن ناداني واري شؤق کي ڦاسڻ کان پوءِ اهُو لڏون پئي سمجهيوسين جيڪو کائي نه کائي ٻنهي صورتن ۾ پڇتائبو آهي. پر همت ان مهل صفا ٽُٽي پئي جڏهن اسان جا ٻه ساٿي رب نواز ڀُٽو ۽ رفيق ڀُٽو همت هاري موٽي ويا ۽ جيڪي اسان کان اڳ پئي هليا (قربان ڪلوڙ فوڊ انسپيڪٽر ۽ ثناءُالله راڄڙ ڊائريڪر انفارميشن) انهن مٿي وڃي ٻڌايو ته هن پاسي کان شيرڳڙهه ۾ داخل ٿيڻ مشڪل آهي، پاڻ غلطي سان شير ڳڙهه جي پوئين پاسي کان اچي نڪتا آهيون. ان مهل اهو ٻُڌي مرتضى جو وس پُڄي ها ته شايد سڀني کي شوٽ ڪري پاڻ به خودڪشي ڪري ها. اصل ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي. هڪ ايترو وئيل ۾ پئي پهتاسين ۽ جيڪا شئي ڏسڻ آياسين سا به نه پيا ڏسي سگهون. اسان اڃان هڪ ڪنڊي هيٺ ويهي اهي سور پٽيا ئي ويٺي ته اچانڪ ٽڪري پريان اسان جي ٻين ساٿين جا آواز آيا. جيڪي نه رڳو صحيح رستي کان آيا پر پاڻ سان گڏ هڪ گبول ڇوڪر کي گائيڊ طور به وٺي آيا. ان مهل مون کي مشهور ڪتابWe are Aliveپئي ياد آيو جنهن جو سنڌي ترجمو محمود مغل پاران ڪيو ويو “اسين جيئرا آهيون” نالي سان. انهي ۾ 70 جي ڏهاڪي ۾ هڪ برفاني جبلن ۾ ڪِرڻ جو ذڪر آهي ۽ ستر ڄڻن مان ڪو وڃي 14 ڄڻن جي بچڻ جي سچي ڪهاڻي آهي. هو يوراگوئي جا رانديگر هئا جيڪي چلي ۾ وڃي راند کيڏڻا هئا. انهن تي هڪ فلم به ٺهيAliveنالي سان. جيڪا ڏسڻ وٽان آهي. اسان جلدي ئي انهن سان وڃي ملياسين ۽ گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته اوهان بلڪل غلط پاسي کان اچي پاڻ کي آزار ۾ وِڌو آهي. ۽ پوءِ واقعي به لڳو ته اسان غلط سائيڊ کان آيا آهيون. غلط ته خير اسان کي شير ڳڙهه پُهچي به لڳو ۽ هاڻ به اها راءِ آهي ته رني ڪوٽ وڃي ميري ڪوٽ ڏسڻ ڪافي آهي. ۽ انهي کان پوءِ جيڪا ٻي شئي ڏسڻ وٽان آهي سان ان ۾ موجود آباد زمينن کان ڪوئي چار پنج ڪلوميٽر جي فاصلي اولهه پاسي موجود آبشار جهڙا منظر. جتان سوين ميل پنڌ جهاڳي ايندڙ ٿڌو پاڻي رني ڪوٽ جي نهر ۾ ڪري ٿو. چون ٿا ته هتي ڪنهن دؤر ۾ پريون وهنجنديون هيون. اهو هڪ دلڪش منظر آهي جيڪو نه رڳو ڏسڻ وٽان به آهي ۽ ڏسڻ لاءِ سڌو پنڌ ڪري پُهچڻ به سؤلو آهي. نه ڪي شير ڳڙهه جيان جتي پُهچڻ به جان جو جوکو ۽ ڏسڻ لاءِ به ڪجهه نه. جهڙو ميري ڪوٽ تهڙو شير ڳڙهه. اڃان به ميري ڪوٽ ٺيڪ پر شيرڳڙهه زبون حال. هُتي پُهچي جيڪا شئي مٿي چڙهڻ لاءِ ڪا مناسب وجه ڏيئي سگهي ٿي سا آهي قلعي جو هڪ نظر ۾ نظارو. ڇو ته هي قلعو ايترو مٿي ۽ پکيڙ ۾ وڏو آهي جو هيٺ بيهي ورلي ئي ڪا ديوار نظر ايندي آهي. رڳو جبل ئي جبل آهن. پر اهو ڪم به شير ڳڙهه تي سُر سان نه ٿيو جو هڪ ته ٿڪاوٽ صفا چُور ڪري وِڌو هو ۽ اکين اڳيان هونئن ئي اوندهه هئي مٿان وري ڌنڌ سبب ڪجهه نظر به نه پيو اچي. ها باقي هڪ ڳالهه آهي ته هُتي جيڪو ڪجهه ٿي پئي سگهيو يا هلي پئي سگهيو ته اُهي موبائيل هئا. قلعي اندر ڪٿي به ڪنهن به نيٽ ورڪ جا سگنل نه پئي آيا پر شير ڳڙهه سَر ڪرڻ جي مُبارڪي اسان موبائيل تي ويهي پنهنجن کي ڏني. هو به خوش ته سندن جوڌن وڃي چوٽي سَر ڪئي آهي پر اها خبر ته اسان کي آهي نه ته اسان ڪيڏي ناداني ڪئي. واپسي ۾ سڌو رستو، لاهي ۽ گائيڊ جي هوندي جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ واري ڪار ڪندي دير ئي نه ڪئي اچي هيٺ پُهتاسين. آباد زمينن وِچان هلندا اچي نهر وٽ نڪتاسين جِتي صاف شفاف پاڻي پي جهڙو بدن ۾ جان اچي وئي. اسان مان جيڪي چار پنج خوشنصيب (سراج الدين ميمڻ، تاج محمد وساڻ، سليمان وساڻ، پُنهل لاکو ۽ گاڏي جو ڊرائيور) نه هليا هئا سي به آبشار جا منظر ڏسي ان ۾ تڙڳي هاڻي ئي کليل پٽ تي ڄار جي وڻ هيٺ اسڪول ۾ اچي ويٺا هئا. وٽن فروٽ اڃان به ڪافي پيو هو جيڪو هو متاثرينِ شير ڳڙهه جي ڪوهه پيمائن لاءِ رکيو ويٺا هئا. اسان جا جيڪي ٻه جهونا ساٿي واپس موٽيا انهن کان به عمر ۾ وڏا شير ڳڙهه سَر ڪري آيل هجڻ ڪري لَت ڳري ڪري ويٺا ڳالهائين. سليمان چئي يار سلو موشن ۾ قسطن ۾ احوال ڇو ٿا ڏيو؟ ان تي جيڪي مرتضى چيس سو هتي لکڻ مناسب ٿيندو. “يار ڳالهه ٻُڌ! اسان جو ٿو وڃي ســـــــــــــــــــــــــــــاههُ. توهان کي حوالن جي لڳي آهي. هلو ها ته خبر پئيو ها نه. لِڱ لِڱ لوهه جو ٿي ويو آهي. هٿ لائي ڏسون ٿا ته سلامت به آهي يا ڪٿي ڇڏي آيا آهيون. هڪ ساهه ٿا کڻون ته ٻي لاءِ همت نه ٿي ٿئي. پاڻ ته وڃي پرين جي وهنجڻ جي جڳهه تان پاڻ پُسائي آيا آهيو اسان کي نه ٿا ڏسو ته سڄي نمڪيات ٻمڪيات ڪڏوهڪي نڪري وئي آهي. هاڻي وارو ڪريو اسان کي به پرين واري تلاءُ ۾ وهنجڻ لاءِ وٺي هلو ته ڪو ساهه ۾ ساهه پئي متان ڪنهن پري جي روح سان ملاقات ٿي وڃي. جيڏا خوش لڳو ٿا ته لڳي ٿو ته اهو مزو اوهان ته پڪ وٺي آيا آهيو. اسان کي شير ڳڙهه جي تڪليف ته جيڪا ٿي سا ٿي پر سليمان وساڻ جيڪي هيٺ تصويرون ڏيندو يا ڏنيون اٿس انهي ۾ ڏسجو ته اسان ڪيڏو خوبصورت منظر ڇڏي وڃي هڪ زبون حال عمارت ڏسڻ جي چڪر ۾ پاڻ وڃايو. نه رڳو اهو پر هُتي ان ٿڌي صاف شفاف پاڻي ۾ وهنجڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين. ڪجهه ساهي پٽي گاڏي تي چڙهي واپسي لاءِ نڪتاسين ته اسان جو حال ڏسي خوشنصيبن کڻي پرين جي روحن سان گڏ وهنجڻ وارو مزو ته نه وٺرايو پر اهو رحم ڪيو جو کڻي آبشار تي نه وٺي هليا جو ٽائيم نه هو پر اهو ڪيائون جو نهر جتي وڏي ويڪري ۽ ڪجهه گهري هئي هُتي اسان کي لاهي پاڻي ۾ ٻه ٽي شپڪا هڻڻ جو موقعو ڏنائون. اسان ته انهي لاءِ صفا مئاسين ٿي. سو ڪن ته پاند پُسڻ کان بچائڻ لاءِ ڪمال ڪاريگري سان گنجين جا ڪڇا ٺاهيا ڪِن ته ڪپڙن سوڌو پاڻي ۾ ٽِپ ڏنا. هڪ اڌ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته صفا اَلِف ٿي نعرو هڻي به پاڻي ۾ جلدي انٽري ڏني. اهو ڏسي سوچيم خوشنصيبن ڀلو ڪيو جو اوڏانهن نه وٺي ويا نه ته هي حال ڏسي پرين جا روح شرمائي هتان منهن ڪري وڃن ها. پاڻي ۾ پُهچي اصل ڪرار ٿي ويا. ايستائين جو مرتضى به سُرت ۾ اچي ويو ۽ پُنهل لاکي سان ڪيل ڊگهي ٽُٻي جو مقابلو مٿو مٿي تي ماري ويو. ۽ موقعي جو فائدو وٺندي وس وارن جي ڪنن تي اها دانهن به پهچايائين ته اها خام خيالي اٿؤ ته هاڻي دم ناهي. شادي نه ڪرايو ته ڀلي نه ڪرايو باقي جواني جي جوش ۾ جهڪائي جو شڪ متان ڪيو اٿؤ. ڪجهه دير ۾ واپس اچي پُهتاسين وري پُنهل لاکي جي گهر. جتي ڇيلي ۾ تيار ڪيل سنڌي برياني جو انتطار هو. برياني کائيندي، فريش ٿيندي ۽ نمازون پڙهندي سج لهي ويو. تڙ تڪڙ ۾ سائين جي ايم سيد جي آخري آرامگاهه جو ڀيرو ڀڃيندي قُل پڙهياسين. اهو ڏسي خوشي ٿي ته جنهن ڀلي ماڻهو وٽ اسان رات کان مهمان هئاسين انهي ئي سائين جي ايم سيد جي هن آرامگاهه تي سنگ مر مر جو ڪم ڪرايو. ۽ هڪ ڪتاب جو ڏيک ڏيئي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سائين جو نظريو کليل ڪتاب وانگر آهي. واپسي مهل گاڏي ۾ پاسي ۾ ويٺل سليمان سان جڏهن قلعي متعلق حال اورڻ شروع ڪيم ته حيران رهجي ويس. ڇو؟؟؟؟؟؟ انهي ڪري ته هُن جا خيال انتهائي منفرد ۽ مَٽ هئا. اسان جنهن قلعي جي اندر لاڦون هڻي ميلن جا ميل پنڌ ڪري ڏسي آياسين سي سڀ ته هن کي هڪ شاهڪار پيا چئون پر الاءِ ڇو سواءِ سليمان وساڻ جي اها شئي ڪو به نه ڏسي سگهيو ته هن شاهڪار پويان ڪهڙا راز آهن. سليمان وساڻ چوڻ لڳو “اسان کي ته ظاهري طور هي حيران ڪندڙ شاهڪار نظر اچي ٿو پر انهي شاهڪار ۾ موجود اهي درد اهي پيڙائون ۽ اهي زندگيون ڇو نه ٿيون ڏسجن جيڪي هن شاهڪار جي تعمير ۾ هتي ئي بنا ڪفن ۽ دفن جي رهجي ويون. هنن جي رت ست عيوض کڻي هي قلعو ته ٺهي ويو ۽ اڄ به موجود آهي پر هو ڪٿي رهجي ويا، ڪا خبر ناهي. وقت به ته وقت آهي نه، چڱن ڀلن جا نالا نشان مِٽايو ڇڏي. پر هتي جن ڪم ڪيو انهن جو پورهئو لڪي به نه ٿو لڪي. ايئن ٿو لڳي ته انهن جا روح اڄ به هڪ پاسو وٺي ڳَلن تي هٿ رکيو هتي اچي هن قلعي ٺهرائيندڙ کي سلام ڪندڙن کي ڏسن ٿا ويٺا. هو اڄ به ويهي اهو ٻڌن ٿا ته ڇا ته ڪمال ڪيو آهي هي قلعو ٺهرائڻ واري. جتي اسان اڄ جي جديد دؤر ۾ ايتري مشڪل سان ٿا پُهچون ۽ هُن ان وقت هتي پُهچي هن عظيم الشان قلعي جي تعمير لاءِ همت ٻڌي.پر لڳي ٿو سندن بي آواز آنهن دانهن ڪي تمام ٿورا ئي حساس ماڻهو ٻُڌي سگهن ٿا جن مان هڪ سليمان وساڻ جي گواهي آئون پاڻ ڏيندس. سليمان بار بار انهن ماڻهن جو درد سمجهي پيو ۽ چوي پيو ته “ڇا ته ظلم ٿيو هوندو انهن سان. سوين مڻن جا لکين پٿر ڍوئيندي ڪيترين ونين پنهنجا ور وڃايا هوندا؟ ڪيترن مائرن پنهنجا جوان پٽ هنن ڀتين جي تعمير جي جدوجهد ۾ هميشه لاءِ ڏيئي ڇڏيا هوندا. هڪ پل لاءِ ته مون کي قلعي جو ديوارن ۾ ساهه پيل لڳو ٿي. ايئن پئي لڳو ته هڪ هڪ ديوار جي هڪ هڪ پٿر ۾ هڪ ماڻهو جو ساهه آهي. جيڪي اڄ به ساهه کڻن ٿا پر ڪُڇن نه ٿا. بس خاموش ٿي صدين کان هن قلعي ۾ ويهي رهيا آهن. هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسن ٿا پر کين ڪو ورلي ئي ڏسي ٿو. سليمان جي ڳالهين ۾ گُم سُم اها خبر ئي نه پئي ته گاڏي ۾ وڻندڙ انڌيرو، اي سي جي ٿڌاڻ ۽ سِڌي روٽ جي سفر ۾ هي گاڏي ڪيڏو تيز هلي جو سن کان ڪراچي سوا ٻه ڪلاڪ ۾ اچي پُهتي جِتي ساڳيو سچل ڳوٺ ساڳيا قرب ساڳي زندگي. رني ڪوٽ ڪجهه خوبصورت يادن ۾ هڪ ياد جو اضافو ٿي رهجي ويو. ايئن جيئن هو سنڌ جي پهاڙن ۾ رهجي ويو آهي.


    تصويرن ڏسڻ لاءِ هنن لنڪس تي ڪلڪ ڪريو
     
    19 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    زبر دست ادا پڙهي تمام ۽ فوٽو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي۔ پڙهڻ سان ائين لڳي رهيو هو تۡه سڄي سنگت سان پوري وزٽ ۾ گڏ هئاسين۔ تمام بهترين وڻندڙ
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حفيظ جي مهرباني جنهن هن يادگار سفر جو تفصيلي احوال پيش ڪيو۔ شير ڳڙهه ويندي مان هنن دوستن سان گڏ ته ڪونه هيس پر مان چشمن جي سير تي نڪتو هوس۔ اهو احوال به اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو۔​
    رني ڪوٽ جي راهن تي
    محمد سليمان وساڻ
    مان ننڍي هوندي کان ئي رني ڪوٽ بابت مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙهندو رهيو آهيان پر الائي ڇو مونکي لڳندو هو ته هي سڀ مفروضا آهن ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو ڪو ڪوٽ 30 ڪلوميٽرن جي پسگردائي ۾ هجي. شايد ان جو هڪ سبب اسڪولي زماني کان ڪوٽڏجي جي قلعي جا چڪر هڻڻ به هو. جيڪو سولو، سهڻو ۽ رني ڪوٽ جي مقابلي ۾ گهٽ ايراضي تي اڏيل آهي. پوء وقت جي حساب سان رني ڪوٽ گهمڻ جو شوق وڌندو رهيو. ڪجهه سال اڳ جڏهن سچل ڳوٺ مان دوستن جو قافلو رني ڪوٽ گهمڻ لاء تيار ٿيو ته ڪجهه ذاتي ڪمن سبب چاهيندي به نه وڃي سگهيس، پر چاهت ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه آئي. واپسي تي دوستن جڏهن شير ڳڙهه تي چڙهڻ جي ڳالهه ڪئي ته ايئن لڳو ڄڻ اهوئي رني ڪوٽ آهي ۽ ان تي چڙهڻ جي ڏکيائن جو ٻڌي دل لاهي ويٺس. پر هڪ دفعو وري نثار کوکر جي ڪاوش ۾ ڇپيل رني ڪوٽ واري ڪالم پڙهڻ کانپوء ٻيهر تجسس وڌيو. ڪجهه ڏينهن اڳ سچل ڳوٺ جي روح روان سراج ميمڻ، تاج محمد وساڻ ۽ ٻين دوستن رني ڪوٽ گهمڻ جي چاهت ڏيکاري ته تيار ٿي وياسين. هتان 20 دوستن جو قافلو هڪ ڪار ۽ هڪ مزدا ۾ سوار ٿي روانو ٿيو. جيڪي دوست تيار ٿيا انهن ۾ تاج محمد وساڻ، سراج الدين ميمڻ،الهداد گوپانگ، ربنواز ڀٽو، سراج احمد ڀٽو، اعجاز احمد ڀٽو، محمد سليمان آگرو، ثناء الله راڄڙ، محمد سليمان وساڻ، عبدالحفيظ لغاري، غلام مرتضى وساڻ، پنهل لاکو، قربان ڪلوڙ، علي حسن رند، رفيق احمد ڀٽو، صاحبڏنو ارباب، نعيم ميمڻ، انور ميمڻ، لياقت بليدي ۽ نواز سانگي شامل هئا.

    نومبر 16، 2012ع تي ڪراچي مان نڪرندي ڪافي دير ٿي، ان جو هڪ سبب ان ڏينهن پهرين محرم جو هجڻ به هيو. جنهن سبب ڪراچي ۾ موبائل فون تي پيل پابندي به هئي. پُر لطف ڪچهري ڪندا پوڻين 10 بجي رات جو ڄامشوري پهتاسين جتي سنڌ يونيورسٽي جي ايڪسيلينس سينٽر جي هاسٽل ۾ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ پاران رات جي ماني جو بندوبست ٿيل هو. اتي پهچڻ تي ڊاڪٽر صاحب ڀليڪار ڪئي ۽ اتان ئي ڪافي دوست علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي فاتح خواني لاء ويا ۽ پوء ماني کائي سن روانا ٿياسين. رستي ۾ موضوع ته رني ڪوٽ هجڻ گهربو هو پر الائي ڇو هر دفعي اهو موضوع مٽجي مزاحيه ڪچهري تي وڃي پيو دنگ ڪري. مون جهڙو سنجيده ماڻهو به ان ڪچهري ۾ شامل ٿي ويو. رات دير سان سن کان ٿورو پرتي ڳوٺ گائنچا ۾ پنهل لاکي جي گهر تي رهائش جو انتظام هو. پنهل لاکو ڪافي سالن کان ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي ۽ واڍڪي ڪم جو ٽاپ جو ڪاريگر آهي. ڳوٺ وارن دلي ڀليڪار ڪئي ۽ چانهه جو انتظام ڪيو. آرام لاء ستاسين پر هاء ڙي دوستو اوهان جا ڪم ڪي فون تي سڄي رات ڳالهائيندا رهيا ته ڪي ڪچهريون ڪندا رهيا، اهڙي صورتحال ۾ مون جهڙي ماڻهوء جي ننڊ ته ڪوهين ڏور اڏامي وئي. خير 17 نومبر 2012ع جي صبح جو ساڍي پنجين بجي همراهه پاڻ ته اٿيا پر اسان کي به اٿاريائون. بي دليا اٿي هٿ منهن ڌوئي ڪچهري ۾ لڳي وياسين. ناشتي ۾ پنهل لاکي پاران مکڻ. ماکي ۽ ديسي انڊن جو انتظام ڪيل هو پر اسان جي رهبر سراج ميمڻ جي دانهن اصل ماني جو مزو ئي وڃائي ڇڏيو. چئي جنهن ناشتو ڪيو اهو گهمي ڪونه سگهندو، چئي گهمڻ جو مزو بکي پيٽ آهي. کائي پي الٽيون ڪندا رهندا. ان ڊڄ سبب مان ته ناشتو ڪونه ڪيو يا بنهه ٻه ٽي گرهه کاڌا پر ڪجه دوستن ته اصل رڄ تي کاڌو. صبح جو ساڍي ستين بجي اسان گاڏين ۾ ويهي رني ڪوٽ جي راهن تي روانا ٿياسين.

    رني ڪوٽ سن کان اولهه طرف 32 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، رستو قلعي جي مک دروازي تائين بهتر هو. رني ڪوٽ جيڪو ٽيهه ڪلوميٽرن جي ريڊيس تي مشتمل آهي جيڪو ٻن جابلوسلسلن ذريعي لڪي ۽ کيرٿر سان ملي ٿو. هي قلعو اهڙي ته انداز سان جڙيل آهي جو ان کي ٽن پاسن کان پهاڙي ديوارون آهن، جتي ديوار ناهي يا ننڍي آهي اتي پٿرن جي هٿرادو ديوار ٺاهي حفاظت ڪئي وئي آهي. ديوارون چن جي پٿرن جون ٺهيل آهن. ديوارن تي ۽ جبلن تي ڪل 43 حفاظتي برج آهن. جڏهن ته مِيري ڪوٽ ۽ شير ڳڙهه تي به 10 حفاظتي برج ٺهيل آهن. جابلو ديوارون اڀيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي 3000 فٽ جي بلندي تي لڳيون. هن قلعي جي ٺهڻ جي ڪابه پڪي تاريخ موجود ناهي صرف مفروضا لڳايا ويا آهن. ڪي چون ٿا ته هي ڏيڍ صدي قبل مسيح جو ٺهيل آهي، ڪي هن کي عربن جو ٺهرايل چون ٿا ته وري ڪي هن کي ميرن کان اڳ 17 هين صدي جو تصور ڪن ٿا. ڪي وري هن کي ايران جي بادشاهن جو ٺهرايل سمجهن ٿا، ڇو ته مِيري ڪوٽ جي ديوارن تي سورج مکي جا گل ٺهيل آهن ۽ سورج مکي ايران جو قومي گل آهي. رني ڪوٽ جي نالي بابت به مختلف رايا آهن. ڪي چون ٿا ته رني ڪوٽ جو نالو قلعي مان وهندڙ ناز ۽ نخرا ڪندڙ نئن سبب پيو آهي جنهن کي رني نئن سڏجي ٿو. رني جي معنى پاڻيء جو وهندڙ قدرتي وهڪرو آهي پر ڪجهه هنڌن روايتن ۾ آهي ته هي ڪوٽ سنڌ جي مهان حڪمران ۽ مهاڀارت جي جوڌي بادشاهه راجا جئدرٿ جي زال راڻي دوشالا ٺهرايو هيو، ان ڪري راڻي ڪوٽ سڏبو هو ۽ پوء ان مان بدلجي رني ڪوٽ ٿيو هجي. حفاظتي لحاظ کان هي جڳهه ڪمال جي جڳهه آهي، هي قلعو اڏيندڙ ڪهڙن سببن ڪري پهاڙي علائقن ۾ اچي پناهه ورتي اهي سوال به اڃان سوال آهن.

    اسان جڏهن گاڏين سان گڏ مُک سن دروازي تي پهتاسين ته لنگهه جي ٻنهي پاسن کان ڇهه کان ست فوٽ ويڪريون ديوارون کنيل هيون جيڪي مٿي وڃي پهاڙي ديوارن سان مليون پئي. مٿي چڙهڻ لاء ٻنهي پاسي ڏاڪڻيون هيون ۽ ڇيڙن تي حفاظتي برج ٺهيل هيا. اڳتي وڌياسين ته رستو خراب هو ۽ گاڏي جي ڊرائيور چيو ته هتان پنڌ هلڻو پوندو، اتان مِيري ڪوٽ 5 ڪلوميٽر اندر هو. ڊرائيور کي ايلاز منٿون ڪري اڳي هلياسين ته هڪ پل اچي وئي جيڪا نئن جي مٿان هئي. ان پل جي گهڻي حصي جو ڪم ته ٿي ويو هو پر صرف ٿوري ڪم سبب ڪم رڪجي ويو ۽ ڪير به سار لهڻ وارو ناهي. اتان اسان پنڌ نئن ۾ لٿاسين ته هڪ ڪراڙو شخص مليو جنهن چيو ته جبل جي پويان واري رستي تان اچو جيڪو رستو نئن مان اندران هو. اسان ته پل وٽان ئي هيٺ لٿاسين ۽ گاڏيون ڦري آيون پر نئن مان پار پوڻ به ڪو آسان ڪونه هو. اڀن ڪپرن هجڻ ڪري ڏکيو سُکيو پار پياسين ۽ وري گاڏين ۾ روانا ٿياسين. روڊ جي ٻنهي پاسي رني ڪوٽ جا لڪ، ماٿريون ۽ نيون هيون. حيرت سان ڏسندا اڳي وڌياسون ته پراڻي زماني جو قبرستان نظر آيو. چئن ڪلوميٽرن کانپوء ٻيهر هڪ پل آئي پر ان سان به ساڳيو حشر هيو. اڳتي گاڏين جو رستو نئن مان به نه هيو. سامهون مِيري ڪوٽ نظر اچي رهيو هو. نئن ٽپي سامان کڻي سڀ دوست ٽولين جي شڪل ۾ مِيري ڪوٽ ڏانهن وياسين. روڊ جي پاسن کان ڊگها ، اتاهان ۽ اڀا پهاڙ هيا. روڊ جي ٻنهي پاسي مختلف جڙي ٻوٽيون، ڪانهن، اڪن جا ٻوٽا نظر اچي رهيا هيا. مِيري ڪوٽ رني ڪوٽ جي وچ ۾ هڪ قلعو آهي. جنهن کي پنج حفاظتي برج آهن. اندر کوهه پڻ آهي ۽ فرش تي مسجد جا آثار نظر آيا. ڀتيون پٿر جون آهن ۽ مٿي 6 کان 8 فوٽ ويڪريون آهن. اتي ئي اسان جي ملاقات صادق گبول سان ٿي جيڪو سياحت کاتي جو پراڻوملازم ۽ گائيڊ لڳو. اتي دوستن آندل فروٽ کاڌو پر اسان حفيظ، مرتضى ۽ سليمان آگرو قلعي تي چڙهي فوٽو گرافي ڪرڻ لڳاسين ۽ قلعي بابت ڳالهائيندا رهياسين. مِيري ڪوٽ جي ديوارن تان اولهه طرف سن نئن وهي ٿي ۽ نئن جي هن پار ڪجهه گهر آهن جڏهن ته اتان ئي فصل پڻ نظر آيا، جنهن ۾ بصرن جو فصل هيو. اتان ئي شير ڳڙهه جبل جي چوٽيء تي نظر اچي رهيو هو. مِيري ڪوٽ جي ڪجهه ديوارن مان لڳو ته اهي پوء مرمت ڪرايل آهن. مِيري ڪوٽ جي ڪجهه جاين تي جيڪي ونگ ٺهيل هئا انهن تي سورج مکي جي گلن جهڙي ڊزائن ٺهيل هئي. اتان ئي دوستن جي تڪڙ سبب ٻه ٽولا ٺهي ويا ۽ ڪافي دوست مِيري ڪوٽ کان پهاڙ جي ڪڙ وٺي شير ڳڙهه تي چڙهڻ لاء تيار ٿيا. جڏهن ته ڪجهه ساٿي گاڏين کي نئن کان ٻئي طرف ڪاهي انهن گهرن طرف بيهارڻ ويا. مٿي چڙهڻ لاء رستو ناهموار، سخت پٿرائون هيو ۽ اڀيون ڀتيون هيون. دوست جلدي ۾ غلط رخ کان چڙهڻ لڳا. سڀ دوست مٿي روانا ٿيا ۽ مان ڇو ته وڃڻ مناسب ڪونه سمجهيو جو ڏکيي سفر ڪرڻ جا عادي ناهيون ۽ سوچڻ لڳس ته شايد شير ڳڙهه ئي رني ڪوٽ آهي، بي دليو نئن طرف روانو ٿيس.

    مان، ماما تاج محمد ۽ پنهل لاکو هيٺ لهڻ لاء رستو ڳولڻ لڳاسين پر ڪافي وقت تائين هلڻ بعد به شايد ڪنهن غلط جاء تان لهڻ لڳاسين ته هيٺان ٻنين مان ڪنهن جو آواز آيو ته واپس ورو ۽ ساڄي پاسي واري لنگهه مان اچو. ايئن هيٺ لٿاسين ته صادق گبول جو پُٽ مليو ۽ اسان جي رهنمائي ڪندو ٻنين مان وچان، پاڻي جي چشمن، ساون وڻن مان اندران لنگهياسين جتي ڀنڀيرين ۽ رنگ برنگي پوپٽن جي جهلڪار هئي. هيٺ صاف ۽ شفاف پاڻي هيو جنهن ۾ هلندڙ ننڍيون مڇيون ۽ رنگين پٿر به نظر ايندا رهيا. اتي ئي مون سِڪو پاڻئَ اندر اڇليو ته اهو به صاف نظر آيو. پاڻي مٺو ۽ ٿڌو هيو. مونسان وڏي جُٺ اها ٿي جو ٻئي ڪيمرائون حفيظ ۽ مرتضى مٿي شير ڳڙهه تي کڻي ويا ۽ مان اهڙن خوبصورت نظارن جون تصويرون ڪڍڻ کان محروم رهيس. پوء به موبائل سان ڪجهه تصويرون ڪڍي ورتم پر ٻن ڏينهن کان موبائل چارج نه هجڻ سبب بيٽري به ڪم ڇڏڻ لڳي. مونکي اهو احساس ٿيو ته نه ٻيلي رني ڪوٽ ۾ گهمڻ لاءِ شير ڳڙهه کان علاوه به گهڻو ڪجهه آهي. اتان ٿيندا نئن مان نڪري گهرن طرف آياسين جتي گاڏيون به اچي ويون هيون. صادق چوڻ لڳو ته اوهان جا ساٿي جلد بازيء ۾ غلط رخ کان چڙهيا آهن ۽ گهڻي تڪليف ۾ پوندا، پر هاڻي نه ته آواز پئي پهچي سگهيو ۽ نه ئي فون جا سگنل ڪم ڪري رهيا هئا. اتان گاڏي تي آيل نعيم ميمڻ ۽ اعجاز چيو ته اسان کي به مٿي وڃڻو آهي، اسان صادق جي پُٽ کي گائيڊ طور انهن سان گڏ مٿي موڪليو ۽ انهن جي هٿان پاڻيءَ جون بوتلون به موڪليون. هاڻي شير ڳڙهه طرف چڙهندڙ دوستن جو تعداد سورنهن هيو. اتان شير ڳڙهه اسان جي ساڄي پاسي تي 1600 کان 2000 فٽ جي بلندي تي هيو، جڏهن ته اسان جي کاٻي طرف هڪ ٻيو جبل نظر اچي رهيو هو جيڪو به گهڻو اڀو هيو. جڏهن ته اولهه طرف کان موهن جو گيٽ هيو، جتان پاڻي اچي رهيو هو. اسان کي انتظار ڪرڻ ڏکيو پئي لڳو تنهنڪري اسان هيٺ رهندڙ دوست سراج ميمڻ، گاڏي جو ڊرائيور، ماما تاج، پنهل ۽ مان اتان چشمن جي طرف روانا ٿياسين جيڪي اتان کان ساڍن ٽن کان چار ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اولهه طرف هئا.

    ڪنهن به انساني آبادي جو دارومدار پاڻيءَ تي هوندو آهي، جتي پاڻي هوندو اتي جيوت ۽ انساني آبادي به هوندي ۽ رني ڪوٽ سنڌ جو واحد قلعو آهي جنهن ۾ پاڻي چوويهه ئي ڪلاڪ هلندو رهي ٿو. ان ئي پاڻيء تي ويهه کن ايڪڙ زمين پڻ آباد ٿئي ٿي. پاڻي چشمن مان اچي ٿو، اسان پاڻيء جي لنگهه سان گڏ هلندا رهياسين. واٽ تي ٻنهي پاسي ڊگهيون پٿرائون ديوارو هيون جن تي چڙهڻ ڪنهن به طرف قابل عمل ڪونه هيو. اسان قلعي جي اولهه طرف موهن در ڏانهن وڌي رهيا هئاسين. پاڻي مختلف جاين تان پٿرن تان ڪري شور ۽ آواز ڪري رهيو هو. اسان ان ئي پاڻيء مان پيئندا به رهياسين ۽ وڻن جي ساوڪ ۽ سونهن به ڏسندا رهياسين. اڳتي هلي پيچري جو پاسو پاڻيء جي لنگهه کان ٻئي طرف ٿيو ۽ هاڻي اسان نئن جي ساڄي پاسي هلندا رهياسين. اتي اسان ان هنڌ پهتاسين جتي ٻئي جبل الڳ الڳ آهن ۽ وچان ديوار نظر آئي ۽ ٻنهي جبلن جي ڇيڙن تي حفاظتي برج نظر آيا. اسان هاڻي گهڻو ٿڪجي پيا هئاسين ۽ مان ته بلڪل پاڻ کي بي ساهو محسوس ڪرڻ لڳس. اسان ان طرف وڃي رهيا هئاسين جتان چشما وهن ٿا ۽ مشهور آهي ته اهو پرين جو آستان يا پرين جو تڙ آهي. آخر ڪار اسان اتي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. سامهون اڇا پٿر نظر اچي رهيا هئا، جنهن لاء اها روايت مشهور آهي ته اتي چانڊوڪي راتين ۾ پريون وهجنديون آهن ۽ انهن اڇن پٿرن تي ويهنديون آهن. الائي ڇو مونکي ان وقت اها جاء ڪوهه قاف لڳي رهي هئي ۽ مان پاڻ کي سنڌ بجاء ڪوهه قاف جي ڪنهن علائقي ۾ موجود سمجهڻ لڳس. صاف ۽ شفاف پاڻي ڪجهه هنڌن تان پٿرن مان رستو ٺاهي ڪڙڪاٽ ڪري وهي رهيو هو. ٻئي طرف پربت جيڏو جبل هيو ۽ سج ان جبل جي اوٽ هيو. مان سوچي رهيو هوس ته ڪاش هتي راتيون ٽڪجن ۽ سج جي اڀرڻ ۽ سج جي لهڻ جا نظارا ڏسجن پر اهو سڀ سولو ۽ آسان ناهي. ڇو ته مٿي چڙهڻ لاء ڪي به سهولتون ناهن. مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن اهڙا سياحتي منظر يورپ يا ٻين سڌريل ملڪن ۾ هجن ها ته جيڪر چيئر لفٽ لڳائي سڄي رني ڪوٽ جو سير ڪرائن ها. اڃان به منهنجي ذهن ۾ اهڙا خاڪا اڀري رهيا آهن. اسان شفاف پاڻي ۾ لهي وهنجڻ شروع ڪيو. پاڻي ٿڌو ۽ مٺو هيو، شفاف پاڻيءَ ۾ مڇيون صاف نظر اچي رهيون هيون. اتان ئي ويٺي اسان جبلن جو نظارو به ڪندا رهياسين، اڌ ڪلاڪ اتي رهڻ کانپوء اسان واپسي جو سفر شروع ڪيو. رستي تي ڪجهه ٻڪريون چرندي نظر آيون ۽ ان سان گڏ ساڳي پيچري تان ڳئون پڻ گذرندي نظر آيون.

    شير ڳڙهه چڙهندڙ سورنهن دوستن جڏهن مٿي چڙهڻ شروع ڪيو ته هو مختلف ٽولين ۾ ورهائجي مٿي چڙهڻ لڳا. ڇو ته هو غلط رخ کان مٿي چڙهڻ لڳا هئا تنهنڪري کين گهڻي پريشاني ٿي. هنن کي ڪجهه اهڙا به پيچرا مليا جتي هوا جو گذر بنهه ڪونه هيو ۽ اتي اڀيون ڀٿرايون ديوارون هيون. اڌ رستي تان ربنواز ڀٽو ۽ رفيق ڀٽو اڳتي وڌڻ جو ست نه ساري واپس وريا جڏهن ته باقي چوڏهن دوست آخرڪار شير ڳڙهه تي مٿي پهچي ويا. هنن ٻڌايو ته مٿي چڙهڻ لاء ڪنهن به قسم جو ڪو صحيح گس يا پيچرو موجود ناهي. شير ڳڙهه پٿرن جي ديوارن جو ٺهيل آهي. ديوارون ڇهه کان اٺ فوٽ ويڪريون آهن. مٿي هڪ حوض نما به ٺهيل آهي، جڏهن تي شير ڳڙهه تي مختلف طرفن کان پنج حفاظتي برج به ٺهيل آهن. شير ڳڙهه رني ڪوٽ جي اها جڳهه آهي جتان قلعي جو مڪمل نظارو ڪري سگهجي ٿو پر ان ڏينهن ڌنڌ ڇانيل هجڻ سبب دوست بهتر تصويرون ڪٺڻ ۾ به ناڪام رهيا. اڌ ڪلاڪ کن مٿي ساهه پٽڻ کانپوء دوستن جي واپسي شروع ٿي ۽ هيڏانهن اسان جي به چشمن کان واپسي ٿي، اسان ڏٺو ته دوست شير ڳڙهه جي مک دروازي تي مٿي موجود نظر آيا ۽ واپسي شروع ڪين. اسان گاڏين تائين واپس آياسين ته اتي. اسان گاڏين مان گِلم لاهي ڪجهه وڻن جي ڇانو ۾ ويٺاسين ته دوستن جي مختلف ٽولين ۾ واپسي شروع ٿي. گهڻن جو حال بيحال هيو، گهڻو ٿڪل لڳي رهيا هئا ۽ گهڻن ۾ ته ڳالهائڻ جي سگهه به نه رهي هئي. دوستن جي ڪيلن ۽ ٻئي فروٽ سان تواضع ڪئيسين ۽ پاڻي پياريوسين. هاڻي ڪافي دير ٿي چڪي هئي ۽ اسان کي ڪراچي ڏانهن واپس به ورڻو هو، تنهنڪري گاڏين ۾ چڙهي واپسي شروع ڪئيسين. ٿورو اڳتي هلي سڀني دوستن وهنجڻ جي فرمائش ڪئي. ٿورو اڳيان هلي مِيري ڪوٽ جي ويجهو نئن ۾ گهڻي پاڻي واري جڳهه تي شير ڳڙهه ڏانهن ويندڙ دوستن خوب وهنجي ٿڪ لاٿا ۽ مان مٿان ئي فوٽوگرافي ڪندو رهيس. الائي ڇو اهو لڳي رهيو هو ته اسان رني ڪوٽ جي ٿوري ئي حصي کي گهميو آهي. ڪجهه دير بعد وري گاڏين ۾ سوار ٿي واپس ورياسين. رني ڪوٽ جي مک دروازي يعني سن گيٽ تي پهچي تصويرون ڪڍيوسين. پر اهو محسوس ڪيم ته دوستن ۾ هاڻي پهريان واري ڦڙتي ناهي رهي. وري گاڏين ۾ ويهي واپس ورياسين ۽ پنهل لاکي جي ڳوٺ پهتاسين. جتي ڪي کٽن تي ڪِري آرام ڪرڻ لڳا ته ڪي وهنجڻ لڳا. ايئن شام جو ماني کائي ڳوٺ وارن کان موڪلائي سڌو سن جي سيد سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀريسين. فاتح خواني ڪري وري سفر شروع ٿيو، هاڻي رات ٿي چڪي هئي، ڪي سمهي پيا ته ڪي شير ڳڙهه جي تڪليفن جا سور سليندا رهيا. گاڏي ۾ ڪوشش ڪيم ته موضوع کي مزاح ڏانهن کڻي وڃجي پر دوست بلڪل ٿڪل هجڻ ڪري خاموش هيا. حفيظ مونکان هن شاهڪار بابت پڇي رهيو هو، منهنجا منتشر خيال هن قلعي جي اڏيندڙ ۽ ٺاهڻ وارن کي داد ڏيڻ سان گڏ انهن بيقصور ۽ مظلوم ماڻهن ڏانهن به وڃي رهيا هئا جن هن قلعي جي تعمير ۾ پنهنجون جوانيون برباد ڪيون هونديون. الائي ڪيترا ماڻهو سوين مڻ وزني پٿرن کي تراشيندي ۽ ڍوئيندي قلعي جي ديوارن ۾ بي ڪفن دفن ٿيا هوندا. وقت به ڪيڏو نه مغرور آهي جو اڄ نه ته قلعي کي ٺاهيندڙن جو ڪو نالو نشان موجود آهي ۽ نه ئي انهن هزارين ماڻهن جي ڪنهن کي ياد آهي جيڪي قلعي کي قائم ڪرڻ لاء پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن. مان سوچي رهيو هوس ته ڪاش هي سڀ ڪجهه ڪندڙ بادشاهه ڪنهن پٿر تي يا ڪنهن ديوار تي پنهنجي نالي جو ڪو نشان ته ڇڏي وڃي ها .... ايئن رني ڪوٽ جي راهن کان ٿيندي، سن کان سچل ڳوٺ ڪراچي واپسي ٿي ۽ هي سفر اسان لاء زندگيء جي يادگار واقعن سان گڏ ڊائريء جي ورقن ۾ سمائجي ويو.

    ڪاش هن قلعي تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيڪر هي هنڌ سنڌ جي تاريخي سياحتي جڳهه بڻجي وڃي، جتي پرڏيهي ۽ ڏيهي سياحن جا ڪٽڪ اچڻ شروع ڪن. هي ساڳيو سلسلو آهي جتي اوهان کي اڳتي گورک هِل اسٽيشن جهڙو سياحتي مرڪز به ملي سگهي ٿو. پر ضروري آهي ته گهربل سهولتون، آسان ۽ محفوظ رستو فراهم ڪيو وڃي. رني ڪوٽ ۾ بجلي جي سهولت هجڻ گهرجي. رني ڪوٽ ۾ هڪ اهڙي ريسٽ هائوس جي ضرورت آهي جنهن ۾ رهڻ جون سڀ سهولتون مهيا هجن. رني ڪوٽ ۾ گائيڊ ۽ رهنما هجڻ گهرجن جيڪي رستن جي صحيح رهنمائي ڪن. رني ڪوٽ ۾ اندر موجود شير ڳڙهه ۽ ٻين مٿاهين وارين جاين تائين ڪي آسان پيچرا ٺاهيا وڃن جيئن پهچ سولي بڻجي سگهي.


    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    رني ڪوٽ جو سفر عبدالحفيظ لغاري ء سليمان وساڻ سان گڏ ڪيو سين معلومات سان گڏ ائين پئي لڳو ڄڻ مان به هنن ساڻ هجان حفيظ جي تحرير اهڙي آهي جو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺيو هلي۔ مرتضي واري ڳالهه پڙهي ٽهڪ نڪري ويو۔
    هون به مرتضي جا ٽوٽڪا وکري ٽائيب هوندا آهن محفل ۾ کلائي کيرو ڪندو آهي۔ سفر سان گڏ رني ڪوٽ جي قلعي جي بابت معلومات م به اضافو ٿيو۔ سليمان کي شابس آهي جو پيرائتي موضوع تصويرن سان گڏ پيش ڪيو جيڪا هن جي بهترين خوبي آهي۔

    حفيظ جي آپبيتي ته تمام گهڻو متاثر ڪيو بلڪل انهن ليکڪن وانگر لکيو آهي جيڪو پڙهندڙ کي ڪٿي به بور نه ڪندا آهن، تفريح سان گڏ تنذ مزاح جو دلچسپ مرحلو ڳنڍيو پئي آيو۔
    لاجواب بهترين ونڊ
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ”يار ڳالهه ٻُڌ! اسان جو ٿو وڃي ســـــــــــــــــــــــــــــاههُ. توهان کي حوالن جي لڳي آهي. هلو ها ته خبر پئيو ها نه. لِڱ لِڱ لوهه جو ٿي ويو آهي. هٿ لاهي ڏسون ٿا ته سلامت به آهي يا ڪٿي ڇڏي آيا آهيون. هڪ ساهه ٿا کڻون ته ٻي لاءِ همت نه ٿي ٿئي. پاڻ ته وڃي پرين جي وهنجڻ جي ڄڳهه تان پاڻ پُسائي آيا آهيو اسان کي نه ٿا ڏسو ته سڄي نمڪيات ٻمڪيات ڪڏوهڪي نڪري وئي آهي. هاڻي وارو ڪريو اسان کي به پرين واري تلاءُ ۾ وهنجڻ لاءِ وٺي هلو ته ڪو ساهه ۾ ساهه پئي متان ڪنهن پري جي روح سان ملاقات ٿي وڃي. جيڏا خوش لڳو ٿا ته لڳي ٿو ته اهو مزو اوهان ته پڪ وٺي آيا آهيو“

    هي ته هيو دوست عبدالحفيظ جو احوال جنهن مرتضا وساڻ جي لفظن ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه پڻ ڪري ورتي ۔۔۔ سندس ليک ۾ سفر جو ترنم، تڙپ ۽ احوال پڙهي واه واه ۽ واڇون کنڊريل رهيون ۔۔۔۔

    انکانپو معلوماتي ليک سليمان جو پڙهي ائين لڳو ته ڪافي حد تائين رني ڪوٽ کي ڏسي يا گهمي ورتو هجي ۔۔۔۔ پر پو به اهو لڏون کائڻ جي آس آهي، جيڪا پوري ڪبي ۔۔۔ جيئن ته آ سياحتي اداري سان تعلق رکانٿو انڪري احساس آهي ته سنڌ جي تاريخي ۽ سياحتي مقامن سان ڪهڙا مسئلا آهن ۽ جيئن ته سليمان جيئان ڪئي صلاحون به آهن پر ڪنهن لا ۔۔۔؟؟؟

    اوهان ٻنهي دوستن جا ليک سنڌ سلامت لا اثاثو آهن ۽ دوست جيڪي رني ڪوٽ گهمڻ جي آس رکنٿا انهن لئه گائيڊ لائين ۔۔۔

    لک قرب ۔۔۔ اوهان سان گڏ اسان به گهمي ورتو ۔۔۔ پر جيئن ته چوندا آهن ته ” ڳالهين سان پٽ ناهن ٿيندا“ سو ان عمل ڪرڻ جي خواهش آهي ۔۔۔ مطلب پاڻ پٽ پئدا ڪنداسون ۔۔۔!!!

    جڙيا هجو شال ۔۔۔
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    واه لکڻي ته ٻنهي سڄڻن جي قهر جي لکڻي آهي احوال ته نومبر 2012ع جو آهي پر يقين ڪريو مون 24 فيبروري 1982ع جو مزو نئين سِر ورتو آهي ، اوهان دوست ته خوش نصيب آهيو ، جو يادگيرين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هر دوست وٽ جي ڪا خاص ڪئيميرا نه هئي ته موبائيل فون سيٽ سڀني وٽ موجود هوندا۔ ۽ سڀ دوست عُمر جي ان حصي ۾ آهيو جنهن ۾ سنجيدگي سونهين ٿي اسانجو شاگردي وارو دور هو نه ڦوٽو ڇِڪڻ واريومشينون هيون نه گهمڻ ڦرڻ واريون ڦونون هنيون ۽ نه ئي ڪو سفري سامان هو ، جي هيو ته صرف ئي صرف جواني جي جوت ۽ شوق بس بک تي وياسين ۽ بک تي ئي شيران ڳڙه ( شيرڳڙه) ميري ڪوٽ ڏسي واپس وريا هياسين۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    لغاري صاحب ۽ وساڻ صاحب جا سفر نامه پڙهي ڄڻ ويٺي ويٺي گهمي آياسين۔ سائين وساڻ صاحب جي لکڻ واري اندز جملن جي جوڙ جڪ سونهن مان اڄ مون پنهنجي پياري دوست استاد قابل احترام سليم حيدري وارا لفظن واري خوشبو اچي رهي آهي۔ سليم بۡه اڪثر ائين لکندو آهي۔
    تمام بهترين ونڊ آهي پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهرباني

    حيرت تڏهن ٿي جڏهن رني ڪوٽ ويندي عرس پريو کي فون ڪري پڇيم ته دادو جو آهين ڪا رهبري ته ڪر، ۽ جواب مليو ته يار مان ته ڪڏهن رني ڪوٽ ويو ئي ناهيان ۔۔۔۔۔۔ جڏهن پنهنجن ورثن کي اسان ئي ڪونه ڏسون ته ٻين ٺيڪو کنيو آهي ڇا ؟ پر شير ڳڙهه وارن دوستن جا احوال ٻڌي سوچيم ته عرس جو فيصلو صحيح ئي آهي۔

    پر پوء به سوچيان پيو ته اهڙي تاريخي جاء جي سير لاء ڇو نه سنڌ سلامت جي دوستن سان گڏيل ڪو سير رکجي ۔۔۔۔۔ !!!! دادوء جا دوست ته ضرور تيار ٿين۔۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي سونهن آهن سڀ سياحتي مرڪز ۔۔۔۔۔ پر افسوس جو ادارا ته ناهن رهيا پر اسان به ته سار نه لڌي آهي نه وري چڪر ٿا هڻون۔ خير هن دفعو اچو ته ضرور گڏجي چڪر هڻنداسين۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عبدالحفيظ ۽ محمد سليمان وساڻ جون مهربانيون جو گهر ويٺي رني ڪوٽ جو سير ڪرايائون ،ڪن سببن جي ڪري اسان ان سهڻي سفر کان محروم ٿياسون ، نه رڳو محروم ٿياسون ،پر حادثاتي طور محروم ڪيا وياسون ۔ان جو ڏک سدائين رهندو ۔ ان جي باوجود ،بغير ڪنهن تڪليف جي رني ڪوٽ جو سير ڪيو سين ۔ زندگي رهي ته اکين سان به گهمي ڏسبو ۔
    مان وڌيڪ ڪو به تبصرو ڪو نه ٿو ڪريان پر هڪڙي ڳالھ ضرور چوندس۔ انهن ماڻهن لا جيڪي سنڌي قوم کي نان مارشل ريس ( غير فوجي قوم) چئي فوج ۾ ڀرتي نه ٿا ڪن ۔
    رني ڪوٽ جو قلعو، حيدرآباد جو قلعو ۽ ڪوٽ ڏجي جو قلعو جيڪي هن وقت ڀي ڳاٽ اونچو ڪري شاهدي ڏيئي رهيا آهن ته سنڌي قوم جا ماڻهو نان مارشل ريس ناهن رهيا، بلڪ اهو انهن تي الظام لڳائي فوج جهڙي اهم شعبي کان انهن کي محروم رکيو ويو آهي ۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    [quote="عبدالڪريم چانڊيو, post: 114268, member: 1520" اسان ان سهڻي سفر کان محروم ٿياسون ، نه رڳو محروم ٿياسون ،پر حادثاتي طور محروم ڪيا وياسون
    [/quote]
    هن جي وضاحت ٿيڻ کپي
    پر حادثاتي طور محروم ڪيا وياسون ڪنهن ڪيو ۽ ڇو ڪيو ؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن جي وضاحت ٿيڻ کپي
    پر حادثاتي طور محروم ڪيا وياسون ڪنهن ڪيو ۽ ڇو ڪيو ؟؟؟[/quote]

    اها وضاحت چاچي ڪريم کي ئي ڪرڻي آهي۔ اسان ته آخر تائين کيس چوندا رهياسين ته هلو ۔۔۔۔ پر ظاهري آهي مسئلو ڪهڙو هيو ؟ ۽ ڪنهن ڪيو ۔۔۔۔ ان جو جواب هو ئي ڏيندو ۔۔۔ ها پر جي هوم منسٽر پاران ڪا پابندي لڳي اٿس ته ۔۔۔۔ ان معاملي ۾ اسان جا هٿ مٿي آهن۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اها وضاحت چاچي ڪريم کي ئي ڪرڻي آهي۔ اسان ته آخر تائين کيس چوندا رهياسين ته هلو ۔۔۔۔ پر ظاهري آهي مسئلو ڪهڙو هيو ؟ ۽ ڪنهن ڪيو ۔۔۔۔ ان جو جواب هو ئي ڏيندو ۔۔۔ ها پر جي هوم منسٽر پاران ڪا پابندي لڳي اٿس ته ۔۔۔۔ ان معاملي ۾ اسان جا هٿ مٿي آهن۔[/quote]
    سڀني دوستن جون تفصيلي تحريرون پڙهي دل خوش ٿي ، اگر قسمت ۾ هوندو ۽ زندگي ساٿ ڏنو ته اکين سان به ان شا الله ڏسبو ۔ باقي ڳالھ چاچي عبدالڪريم واري ته حقيقت ته چاچو پاڻ ئي ٻڌائيندو ته ڪيئن حادثاتي طور محروم ڪيو ويو ، بس يار هوم منسٽر واري اگر ڳالھ آهي ته ان ۾ چاچا جو ڪوبه ڏوھ ڪونهي !
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سليمان وساڻ يار اهڙو ڪو ڪم ٿي وڃي رني ڪوٽ واري وڏي اوچي قلعي شير ڳڙهه تي ته هوند غلام مرتضى وساڻ ايڏيون رڙيون نه ڪري ها۔ نه ڪو سڀ ايئن وئيل ۾ پَون۔

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    حفيظ جي لکڻي جي اسٽائيل ۽ سائين سليمان وساڻ جي پرائتي احوال جي مُهابي اسان به رني ڪوٽ تان ڄڻ ته ڦيرو ڀري آياسين، مزو ساڳيو آيو جيڪو هنن ادڙن کي آيو هوندو، گهر ويٺي اهڙو سفر ڪرائڻ جا وڏا وڙ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هن لنڪ تي وڃي وڪي ميپيا ۾ ڏسبو ته ڪافي سُٽ سلجهي پوندا ته رني ڪوٽ جي ماپ ڪيتري آهي؟ پاڻي جي نئين (نهر) ڪٿان ٿي اچي؟ ڪاريگر شايد شير ڳڙهه جي اوچائي به معلوم ڪري وجهن۔

    سليمان وساڻ
    ذيشان رشيد
    نثارابڙو

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    دوست گورڌن ولاسائي جي مدد سان سيٽلائيٽ تان معلوم ٿيو آهي ته رني ڪوٽ ۾ ميري ڪوٽ 200 ميٽر اوچائي تي آهي ۽ شير ڳڙهه 400 ميٽر تي آهي

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    اوھان ٻنھي سڄڻن جي مھرباني جو ھن مھانگائي جي دور ۾ گھر ويٺي سو به بلڪل مفت ۾ رني ڪوٽ جو سير ڪرايو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    واهه واهه۔۔اوهان جو انداز بهترين اسان جو ڪهڙو مقابلو اوهان سان۔۔بهترين تصويرون بهترين لکڻي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا مقابلا وري ڪهڙا؟ بس هر ڪو دِل جو حال اوري ٿو. . . .۽ ٻيا ٻُڌن ٿا.. . . .سنڌ سلامت آ ته ساٿ سلامت آ. . . .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو