• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀرپور سمندر گرجي ٿو (مشتاق سعيد)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
mushtaq-saeed-jpg.1064


سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ستاويهون ڪتابڀرپور سمندر گرجي ٿو اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب سچائي اشاعتي گهر دڙوپاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.





____________________________​
مشتاق سعيد جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“
محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي لاڙ پٽ واري علائقي سجاول جي تخليقڪارن جو سنڌي شاعريء ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. انقلابي شاعري هجي يا وري مجازي عشق واري ڪيفيتن سان ڀرپور شاعري اسان کي سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، آپا مريم مجيدي جهڙا نالا ذهن تي تري ايندا. ساڳي ئي تر جي نوجوان شاعرن اياز امر شيخ ۽ سورج سجاولي سان گڏ هڪ اڀرندڙ نالو مشتاق سعيد جو به آهي. مشتاق سعيد جو 2012 جي شروع ۾ خوبصورت شاعريء جو مجموعو ڌيمي وهڪ درياء جي کان پوء هن ئي سال نئون مجموعو ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ منهنجي هٿن ۾ آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل سندس احساسن ۽ شاعريء کي پڙهي اها پروڙ پئي ته مشتاق سعيد جا خيال ڪيڏا سندر ۽ حسناڪين سان ڀرپور آهن. سندس شاعري هڪ اميد جو ڪرڻو ۽ حوصلو آهي:
ڦاهيء جي تختي تي بيٺي تو جو گيت جهونگاريو آ
ان جي سُر ۽ سازن منهنجي من ۾ ٻارڻ ٻاريو آ
مشتاق جي هر نظم ۾ هڪ نئون پيغام سمايل آهي. هر نظم ۾ هڪ نين ڪهاڻي ۽ الڳ احساس سمايل آهن، جيڪي روح کي تڙپائن ٿا:
سمنڊ جي سرگم ساز ۽ سر تي
راڳي ڪوئي راڳي ٿو پيو
جيڏي دل ڪويءَ جي آهي
ايڏو سمنڊ نه گهرو تون آ
مشتاق سعيد جي شاعري مون کي شيخ اياز کان اياز گُل ۽ اياز گُل کان مشتاق سعيد تائين جو تسلسل لڳي رهي آهي. مشتاق ٻوليء ۽ لفظن کي سهڻي نموني پوئي پيش ڪيو آهي جيئن ڪو گل فروش مختلف رنگن جي گلن کي پوئي هار ٺاهيندو آهي:
ايئن نه ڳوڙها ڳاڙ نه ڳائي
ٿر اتر ۽ لاڙ نه ڳائي
راڳي تنهنجا گيت غضب جا
هيڏا هنئين ڦاڙ نه ڳائي
مشتاق سعيد جي سوچ جو سفر کيس جلد ئي سنڌ جي مُک شاعرن واري ڌارا ۾ آڻي بيهاريندو، اهو مان نه پر سندس شاعري ٻڌائي رهي آهي. سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ڇپايل سندس شاعريء جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ 144 صفحن جو آهي، جنهن ۾ سندس غزل، نظم ۽ وايون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ اياز امر شيخ لکيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 160 رپيا آهي.
___​
 
ڪتابي سلسلي کي سنڌ سلامت تي آڻڻ لا دوستن جا لک ٿورا ، نه صرف ڪتابن جي ليکڪن تي ، پر سنڌي قوم تي ، علم ۽ ادب جي پڙهندڙن تي ۽ خود سنڌي زبان تي ۔ڇو ته پنهنجي سنڌي زبان جي علمي ،ادبي ۽ تاريخي سرمائي کي هر هڪ جي لا عام ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لا هن دوست کيرون لهڻن ۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔
 
Back
Top