اڄوڪو ڏينهن 23 نومبر تاريخ جي دري مان

'نومبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 23 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    23 نومبر 1908ع ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ قاضي فيض محمد جو جنم ڏينهن آهي.
    23 نومبر 1912ع ليکڪ ۽ پبلشر پارو مل ڪيولراماڻي (حيدر آباد) جو
    جنم ڏينهن آهي.
    23 نومبر 1912ع شاعر محمد خان مخمور جو جنم ڏينهن آهي.
    23 نومبر 1924ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد پريل سولنگي جوجنم ڏينهن آهي.
    23 نومبر 1926ع ليکڪ ٽڪلو بي اي جوجنم ڏينهن آهي.
    23 نومبر 1931ع سياستدان اميرالدين شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    23 نومبر 1934ع سماجي اڳواڻ ايشور منگهاڻي (حيدر آباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    23 نومبر 1957ع ليکڪ سوسان مرزا جو جنم ڏينهن آهي.
    23 نومبر 1957ع گلوڪار ڪمار سانو جو جنم ڏينهن آهي.
    23 نومبر 1993ع جوهي سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر شهزاد علي لاشاريجو جنم ڏينهن آهي
    .


    وڇوڙو:

    23 نومبر 1934ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر نور محمد نظاماڻي جي وفات ٿي.
    23 نومبر 1983ع پاڪستان فلم انڊسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد مراد جي وفات ٿي.
    23 نومبر 1998ع موسيقار ۽ شرنائي نواز آچر فقير مڱڻهار جي وفات ٿي.
    23 نومبر 2015ع اردو جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ جميل الدين عالي جي وفات ٿي.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 23 نومبر جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]


    ____
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    چئبو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان کان وڇڙي ويلن جو تعداد گهٽ آهي۔ سٺو ڏينهن چئبو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    محرم ۾ سمائيل پيغام۔۔تحرير،شاهين سنڌي
    محرم مهيني جو چنڊ ڏسندي ئي دنيا حضرت اِمام حسين رضه جي شهادت ۽اُن جي خاندان تي ڪيل سختين جو غم اچي هرحساس دل ۾ ويهيي رهندو آهي
    حضرت امام حسين رضه جيڪوپوري دنيا لاءِانقلاب جو سرواڻ آهي جنهن حق۽سچ خاطررڳو پنهنجي جان ئي نه پر پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري تاريخ ۾ پاڻ کي سدا جي لاءِ امر ڪري دنيا لاءِ مثال قائم ڪيو ته ظالم ڪيڏو به طاقتورڇو نه هجي پر جيڪڏهن اسان وٽ سچن جذبن سان ڀريل دل آهي ته هر اُن ظالم کي مٽي چٽائي سگهجي ٿي جيڪو سدائين حق۽سچ جي سدا کي دٻائڻ چاهي ٿو جيڪوناحق تي هوندي پاڻ کي حق تي تسليم ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ڪڏي پوي ٿو
    پرسچ جا پوئلڳ سچ خاطرپنهنجو سڀُ ڪجھُ لٽُائڻ کان پوءِ به فاتح هوندا آهن۽تاريخ ۾دنيا وارن لاءِ رھبربڻجي ويندا آهن
    اِهڙن ئي سورهين جي ڪري اڄ به سچ جو ڳاٽ اوچو آهي
    اڄ به ساري دنيا ۾ سچ جا ساٿاري حضرت اِمام حسين رضه جي سرواڻي کي سلام پيش ڪن ٿا[​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مهراڻ ڪٽپر

    مهراڻ ڪٽپر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 نومبر 2012
    تحريرون:
    81
    ورتل پسنديدگيون:
    230
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Larkana
    بهترين پيغام۔۔۔جيڪو سمجهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو