اڃايل ڪانءُ

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    [​IMG]
    هڪ اڃايل ڪانوَ کي هڪ جاءِ تي پاڻيءَ جو مٽڪو پيل نظر آيو. ڏاڍو خوش ٿيو پر اهو ڏسي مايوسي ٿيس ته پاڻي هيٺ تري ۾ ٿورو ئي پيل هئو. سوال اهو هئو ته پاڻي کي ڪيئن مٿي کڻي اچي ۽ پنهنجي چنهنب کي آلو ڪري.
    اتفاق سان ان لقمان جي حڪايت پڙهي هئي، ويجهو ئي ڪجهه ڀتر رکيل هئا ان اهي ڀتر کڻي مٽڪي ۾ وجهڻ شروع ڪيا. وجهندي وجهندي صبح کان شام ٿي ويس. اڃايل ته اڳيئي هيو سو ساڻو ٿي ڪري پيو. مٽڪي ۾ نظر وجهي ڏٺائين ته رڳو ڀتر ئي ڀتر هئا. سمورو پاڻي ته ڀترن پي ختم ڪري ڇڏيو هئو. بي اختيار وات مان نڪتس.. ”ڀلا لقمان تنهنجي ته ...“ ۽ پوءِ بي ساهو ٿي زمين تي ڪري، مري ويو.

    جيڪڏهن اهو ڪانءُ ڪٿان ڪا نلڪي کنيو اچي ها ۽ مٽڪي جي ڪپ تي ويهي پاڻي کي چُوسيِ وٺي ها ته پنهنجو مطلب حاصل ٿي وڃيس ها. زندگي نه وڃائي ويهي ها.
    -------
    ابنِ انشا جي ڪتاب ”اردو ڪي آخري ڪتاب“ منجهان ترجمو
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڏاهي ڪانوَ جي آکاڻي سنڌي ادب ۾ ڪافي مشهور آهي ۔۔۔ ۽ اها آکاڻي اسانجي پرائمري ڪلاسن ۾ همٿ ۽ عقل جي نصيحت طور پڙهائي ويندي هئي ۔۔۔ جنهن ۾ ڪان ان ڏاهپ سبب پاڻي پيئڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۔۔۔ پر پو به جديد دور جو جديد ڳالهيون ۔۔۔ بيشڪ جيڪڏهن پراڻي دور ۾ اهڙا پيئڻ جا سوراخ وارا پائيپ ايجاد هجن ها ته شايد ائين ئي ڪري ها ۔۔۔ پر ڳوٺ ۾ رهندڙ ڪانوَ کي ان پائيپ لا شهر اچڻو پوي ها ۔۔۔

    خئير ڳالهيون سمجهه جون آهن ۔۔۔ لک قرب
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    بس رڳو ڀترن جي پاران جي ٿوري جاکوڙ ڪري پٿر هٿ ڪري جي مٽڪي ۾ وجهي ها ته به ڪم ٿي وڃيس ها۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو