اڄوڪو ڏينهن 28 نومبر تاريخ جي دري مان

'نومبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 28 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    28 نومبر 1786ع عالم دين ۽ مذهبي اسڪالر احمد شاهه بريلوي جو راء بريلي ۾ جنم ٿيو.
    28 نومبر 1887ع ڦلجي سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
    28 نومبر 1928ع اردو جي نامياري ليکڪا، ڊراما نگار ۽ ناول نگار بانو قدسيه جو جنم ڏينهن آهي.
    28 نومبر 1935ع شاعر ۽ اداڪار سڌارشن ”ناچيز“ (ڪراچي/ ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    28 نومبر 1975ع ڪامارو شريف سان تعلق رکندڙ شاعر ياسين بادل لاشاري جو جنم ڏينهن آهي.
    28 نومبر 1990ع بدين سان تعلق رکندڙ شاعر طارق چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    28 نومبر 1932ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر غلام سرور فقير جي وفات ٿي.
    28 نومبر 1938ع تي مسلم رهنما مولانا شوڪت علي جو وڇوڙو ٿيو.
    28 نومبر 1945ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر خوشي رام باشا رام جي ديهانت ٿي.
    28 نومبر 1983ع تي اردو جي مشھور اديب، مؤرخ ايم.اسلم جو وڇوڙو ٿيو.

    اڄوڪي ڏينهن 28 نومبر جا ڪجهه اهم واقعا

    28 نومبر 1902ع تي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽه جي قيام لاءِ فيصلو ڪيو ويو.
    28 نومبر 1908ع تي جمھوريه چاڊڪو کي داخلي خودمختياري ملي.
    28 نومبر 1915ع تي بلغاريه ۽ آسٽريليا، سروبا تي قبضو ڪيو.
    28 نومبر 1971ع تي اردن جي وزيراعظم و صفي التل کي قتل ڪيو ويو.
    28 نومبر 1972ع تي پاڪستان جي شھر ڪراچيءَ ۾ پھرين ايٽمي بجلي گهر جو افتتاح ٿيو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    28 نومبر 1960ع تي سنڌ کي انتظامي طور ٻن ڊويزنن خيرپور ۽ ڪراچي حيدرآباد ۾ ورهايو ويو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو