بلاگر ۾ بلاگ کي ٽيمپليٽ ڊزائنر سان سينگارڻ

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سلام دوستو۔۔۔سنڌي بلاگنگ جي سلسلي جي هڪ ٻي ڪڙي بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ جي نئين سبق سان حاضر آهيان۔۔۔ ڪجهه دوست سوال ڪن ٿا ته بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ سولو آهي يا ڏکيو۔۔ منهنجو جواب هوندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بالڪل ائين سولو آهي جيئن ون، ٽو، ٿري۔۔۔۔ يعني هڪ، ٻه ٽي:
    بلاگ رجسٽر ڪريو،
    بلاگ تي تحرير پوسٽ ڪريو،
    سنڌي بلاگنگ لاءِ بلاگ جي ترتيب ٺاهيو ،
    بلاگ تي پيج يا لنڪ لڳايو

    انهي ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته بلاگ تي پڙهندڙن کي موهڻ لاءِ بلاگ جو ڏيکاءُ پڻ خوبصورت هجڻ ضروري آهي۔ هن تحرير ۾ انهي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي مان چاهيان ٿو ته بلاگر جي ٽيمپليٽ ڊزائنر جي باري ۾ ڪجهه ڳالهائجي۔

    ٽيمپليٽ ڊزائنر تي بلاگ جي هر حصي جي ڏيکاءَ کي اوهان پنهنجي مرضي سان مٽائي سگهو ٿو۔

    بلاگر (blogger.com) تي لاگ ان ٿي گهربل بلاگ جي ڊيش بورڊ تان ٽيمپلٽ واري حصي تان ڪسٽمائيز Customize کي ڪلڪ ڪري ٽيمپليٽ ڊزائنر تي اچو۔

    [​IMG]
    ٽيمپليٽ ڊزائنر ۾ وري هيٺيان اوزار آهن، جن جي مدد سان بلاگ جي خوبصورتي ۾ پنهنجي پسند موجب واڌارو آڻي سگهو ٿا۔
    [​IMG]

    (1) ٽيمپليٽ: هن حصي مان اوهان پنهنجي مرضي موجب ڪو به ٽيمپليٽ ڊزائن منتخب ڪري سگهو ٿا۔۔ جن کي بعد ۾ سوچ مطابق ٿوري گهڻي تبديلي پڻ ڪري سگهو ٿا۔

    (2) بيڪ گرائونڊ: دوستو هن حصي مان بلاگ جي پس منظر جو رنگ پنهنجي پسند موجب منتخب ڪري سگهو ٿا۔

    (3) Adjust Width : دوستو هن حصي مان پنهنجي بلاگ جي ويڪر ۽ پاسي واري پٽي جي ويڪر جي ماپ پنهنجي مرضي سان سيٽ ڪري سگهو ٿا۔



    (4) لي آئوٽ (Layout): اوهان پنهنجي سان پنهنجي بلاگ جو خاڪو چونڊي سگهو ٿا: اوهان جي بلاگ جو ڏيکاء ڪيئن هجڻ گهرجي، مختلف وِڊجيٽ (Widget) لاء پٽيون ڪهڙي ترتيب ۾ رکڻ چاهيو ٿا وغيره وغيره۔

    (5) ايڊوانسڊ (Advanced): ٽيمپليٽ ڊزائنر جو هي حصو اوهان جي بلاگ جي نماءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ هن حصي مان اوهان پنهنجي بلاگ تي ظاهر ٿيندڙ تحريرن جي رنگن، اکرن، فونٽس وغيره جي تبديلي ڪري سگهو ٿا۔

    هن تحرير کان پوء مونکي يقين آهي ته اوهان ٽيمپليٽ ڊزائنر جي مٿي بيان ڪيل حصن کي ڏوريندئو، تجربا ڪندئو۽ پاڻ ئي ڪجهه سکي سنڌي بلاگنگ جي سلسلي کي اڳتي وڌائي انٽرنيٽ تي پنهنجي ٻولي جي واڌاري لاءِ وس آهر پنهنجو حصو شامل ڪندئو۔ مونکي پوري پڪ آهي ته اوهان هي تحرير پڙهي ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندئو۔۔۔ تحرير ۾ اڻائين کان پڻ آگاه ڪجو ته جيئن مستقبل ۾ ايندڙ تحريرن کي سولي طرح سمجهائڻ ۾ مدد ملي۔
    اوهان جي راين سان منهنجي دل کي آٿت ملندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن دوست جي رهنمائي ٿئي پئي۔



    سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو