1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سلطانه وقاصي : سنڌ جي سڄاڻ سرتي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    629
    ورتل پسنديدگيون:
    1,760
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي

    1324 اٽيچمينٽ ڏسو

    سلطانه وقاصي : سنڌي ساهت جي سڄاڻ ساهتڪار
    جهر جهنگ جهاڳي هلندو هلُ
    ڪير آ پنهنجو ڪير آ پرايو
    سڀني کي پرکيندو هلُ
    ڏيئي مان ڏيئو ٻاريندو هلندو هلُ

    اڳتي وڌڻ جي چاهنا ساڻ ڪري، عمل لاءِ همٿائڻ جو اتساهه پيدا ڪرڻ واري، شيخ اياز کي مرشد مڃيندڙ سلطانه وقاصي، جنهن جو اصل نالو اڪرام سلطانه آهي، 20 مئي 1951ع تي سنڌي ساهت سان سينگاريل شهر لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٽنڊي آدم مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان بي اي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ سنڌ مان ٽين پوزيشن کڻي ايم اي پاس ڪيائين.
    سلطانه وقاصيء 77ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس نثري نظمن جو ڳٽڪو ”دونهاٽيل درشن“ آگم پبليڪشن ايجنسيءَ پاران پڌرو ٿيل آهي. ان کانسواءِ 5-6 ڪهاڻيون ۽ ٻيا بيشمار ليک / تحقيقي مقالا لکي ساهتي سنسار ۾ چوڦير سڳنڌ ڦهلائي آهي. هن وقت روزانو عوامي آواز ڪراچي جي ڀينرن واري ڀاڱي ”سورمي“ جي انچارج سان گڏ ڪراچي جي هڪ ڪاليج ۾ ٻاجهاري ٻوليءَ جي استاد به پڻ آهي.
    سلطانه جي شاعري عورت جي مسئلن، انهن جي خوشين، ڏکن پيڙائن سان سٿي پئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ اسانکي پنهنجون پاڻ ملي ٿو. پنهنجو عڪس پسي سگهجي ٿو، پنهنجو خوشيون، پنهنجون پيڙائون ملن ٿيون. هن جي ڪوتائن ۾ اسان کي سنڌي سماج ۾ گهُٽ ۽ ٻوساٽ واري ماحول ۾ ساهه کڻندڙ، ذهني طور مفلوج ۽ قيدي عورت به ملي ٿي ته سماج جي سختين آڏو بهادر ٿي بيهندڙ عورت جو روپ به ملي ٿو. هن اهڙي عورت کي به بحث هيٺ آندو آهي جيڪا پڙهيل هجڻ جي باوجود به ٻٽي غلاميءَ جو شڪار آهي. پڙهيل ۽ باشعور عورت لاءِ سختيون ڏسي هڪ اهڙي عورت سان ريس ٿا ڪرڻ لڳنس سندس جذبا. جيڪا عقل کان خالي ۽ سوچ ۽ ساڃاهه کان سُڃي هجي، اهڙين حالتن تي هن جو قلم ڪهڙي تڙپي اٿي ٿو:

    ”ان عورت جي نالي
    جنهن جي سوچ ڏاڍي محدود آ
    هن گهر جي چؤديواري کانسواءِ
    نه ڪجهه ڏٺو آ ٻيو جڳ ۾
    ڪجهه نه سوچيندي آ اها
    ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪُٽبي آ
    پئسن تي ڳنهل هوندي آ
    يا وري بَدي تي ڏنل هوندي آ
    رات جو جڏهن مڙس سان سمهندي آ
    ته کيس اهو ياد نه هوندو آ ته
    انهن پيار ڪندڙ هٿن
    کيس سڄو ڏينهن ڪٽيو آ
    ڏاڍي سک محسوسو ڪندي آ
    مڙس جي هنج ۾
    ان عظيم عورت کي منهنجو سلام،
    جيڪا ڪجهه به نه ٿي سوچي،
    رات جا چار پهر
    سُک جون ننڊون ٿي ڪري.“
    سلطانه پنهنجي ڪوتائن ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته هوءَ سنڌ جي سماجي قدرن سان بغاوت ڪري ٿي، پنهنجي اصولن تي قائم رهڻ جو عزم سلطانه جي شاعريءَ ۾ جهجهو ملندو. ورائي ورائي چوي ٿي:
    ”ڏنگيو منهنجي ڏات کي،
    ڇليو منهنجو ماههُ
    پر اٿم جيستائين
    نڙيءَ منجهه ساههُ
    نه مڃينديس اوهان جي ڳالهه.“
    هن پنهنجي سوچ نگر ۾ عورت کي اها آزادي ڏئي ڇڏي آهي ته هوءَ جيئن محسوس ڪري تيئن چئي سگهڻ جي صلاحيت به ڌاري...!! پنهنجي هر جذبي، هر اُڌمي ۾ احساس جو اظهار ڪري ڇڏي ڀلي پوءِ اهڙي جرئت ڀري اظهار سماج جي روائتي ٺيڪيدارن کي برو محسوس ٿئي چوي ٿي:
    ڪوريئڙي جي ڄار سان
    ڀريل هن بي رنگ
    پراڻي در کي
    هڪ ڌڪ سان کولڻ چاهين ٿو.
    پر اياڻا!
    ڪجهه منهنجي به ٻُڌ،
    مون هن در کي
    ٻاهران نه پر
    اندرئين پاسي کان بند ڪيو آهي.
    سلطانه سنڌي ساهت کيتر ۾ ڪافي نوان رجحان متعارف ڪرايا آهن، نيون روايتون قائم ڪيون آهن، رسمي ٺاهه جوڙ کان پاسيري ٿي پنهنجين امنگن، پيار ۽ نفرت جي احساسن کي اهڙن لفظن جو لباس پارايو آهي، جيڪو هر عام ماڻهو سولائي سان استعمال ڪندو رهندو آهي.
    ڪجهه روايت پسند برک دانشور، شاعرن ۽ نقادن آزاد نظم کي رد ڪري توڙي جو ان کي شاعريءَ جي صنف مڃڻ کان ئي ماڳهين انڪار ڪيو آهي پر سلطانه ڪنهن جي ڳالهه تي ڪَنُ ڌرڻ بنان اڳتي وڌندي رهي آ، پنهنجن احساسن کي اظهار جو روپ بخشيندي رهي آهي....
    سلطانه وٽ حقيقتن کي نروار ڪرڻ لاءِ چند رٽيل نعري بازيءَ وارا لفظ ڪونهن، هن جيئن ڏٺو آ، تئين لکيو آ، جيئن محسوس ڪيو آ، تئين بيان ڪيو آ.
    پر خلوص، پنهنجائپ واري، مشڪ ڀريل روشن چمڪندڙ اکين واري سنڌي ساهت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هردم، هر پل ڪم لاءِ تيار رهندڙ سلطانه وقاصيءَ وٽ احساسن جا انبار سٿيا پيا آهن، جي هر گهڙيءَ اظهار بڻجڻ لاءِ اُتاولا آهن.
    1975ع وارو سال سنڌي ساهت ۾ شاعريءَ جي حوالي سان گهڻو ترقي ڪندڙ سمجهيو ويندو آهي. ان عرصي ۾ ڪيتريون ئي ڀينرون ادب جي ميدان ۾ لٿيون ۽ پنهنجي شاعراڻن احساسن ۽ اُڌمن جي اظهار سان سنڌي ادب جي ڪوتا کيتر ۾ نوان رنگ روپ ڀري ڇڏيا. انهن ۾ سحر امداد ۽ ج-ع منگهاڻي کي وڏي فخر سان شمار ڪري سگهجي ٿو، نه رڳو ڪوتا کيتر، پر ڪهاڻيءَ واري حصي ۾ به ان دؤر ۾ خوب رونق نظر اچي ٿي، ان دؤر ۾ ئي ڀيڻ نورالهديٰ شاهه ۽ خيرالنساءِ جعفريءَ جهڙيون بهادر ۽ ڇرڪائيندڙ خيال پيش ڪندڙ ڪهاڻيڪارائون ادبي ميدان ۾ ظاهر ٿيون.
    سنڌو ماٿر جي مٺڙي ٻاجهاري ٻوليءَ جي سٻاجهي ساهت کي نئون سَتُ پيئاريندڙن ۾ سانئڻ نذير ناز به اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ هڪ طرف ته پنهنجي ڪهاڻين ۽ ڪوتائن جي وسيلي سنڌي ساهت کيتر کي نوان رنگ روپ بخشي اضافو آڻيندي رهي آهي ته ٻئي طرف وري انهن سنڌي سرتين کي ادب جي ميدان ۾ آڻي سندن رهبري ڪندي رهي، جن ۾ ڪي نه ڪي ڏات جا ڪڻا موجود هجن، ڀيڻ نذير ناز انهن ڪوششن کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ ناري پبليڪيشن جي پليٽ فارم ذريعي انهن ڏات جي ڪڻن کي چمڪائي، پالش ڪري سدا جرڪندڙ روپ ڏيئي ساهتي سٿ کي سونهن ۽ سندرتا بخشيندي رهي آهي.
    70ع کان 80ع وارو دؤر سنڌي ساهت ۾ سرتين جي ساٿ جي حوالي سان سوچ، شعور ۽ جاڳرتا جي اوسر جو دؤر چيو وڃي ٿو، وقتي تبديلين، معاشرتي جهالت وارين رسمن جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ تعليم جي زيور سان سينگارجڻ سان گڏوگڏ ساهتي سوچ ۾ به نوان لاڙا پيدا ٿيا. سنڌي رسالن، مخزنن، اخباري پرچن سرتين ۾ لکڻ لاءِ نئون اُتساهه پئدا ڪيو، هن دؤر ۾ ڪيتريون ئي ساهتڪار سرتيون پنهنجين قلمي ڪاوشن سان سنڌي ادب جي خزاني کي مالا مال ڪنديون رهيون، هن دؤر ۾ ڀيڻ ماهتاب محبوب، مهتاب راشدي، نورالهديٰ شاهه، خيرالنساءِ جعفري، ادي نذير ناز، فهميده حُسين، جيجي زرينا بلوچ، ڀيڻ مريم مجيدي، تنوير جوڻيجو، ثريا سوز ڏيپلائي، نعيمه جمع تيجاڻي، ليليٰ بانا، رضيه کوکر، نور شاهين، سوسن مرزا، سحر امداد، سلطانه وقاضي ، رعنا شفيق وغيره وڌيڪ نمايان ٿي اُڀريون انهن سان گڏوگڏ نين سرتين ۾ ساهتي سُونهن پکيڙي.
    1980ع کانپوءِ واري دؤر ۾ ماهوار نئين زندگي، ٽماهي مهراڻ، نئون نياپو، اديون ٽماهي سنڌ، ماهوار لطيف (ڪراچي)، سنڌ سجاڳ (جيڪب آباد) پارس، برسات، پيغام، عبرت مئگزين، هلال مئگزين، پرهه ڦٽي (سکر) پروڙ، ماهوار چانڊڪا (لاڙڪاڻو) ۽ سُگهڙين سٿ کانسواءِ مختلف پبليڪيشن جهڙوڪر، ناري پبليڪيشن، کاهوڙي پبليڪيشن، وينگس پبليڪيشن، ناٽڪ پبليڪيشن، ڪنول پبليڪيشن، رابيل پبليڪيشن (مورو) ۽ هفتيوار سنڌ وغيره سنڌي ساهتڪار سرتين جي ساهتي سفر کي اڳڀرو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هن سجاڳيءَ واري انقلابي دؤر ۾ ڪٿي به ڀينرن کي اهو احساس نه ڏياريو ويو آهي ته هو ڪو پنهنجن ڀائرن ليکڪن کان انفرادي صلاحيت يا خوبي نٿيون رکن! ان سماجي وهنوار ۽ سهڪار سبب ئي سرتين جي ساهتي ساٿ جو ساهه ڪٿي به اڌ ۾ ٽٽي ڇڄي ڌار نه ٿيو آهي پر هلندو رهيو آهي، هلندو رهي ٿو.
    سال 1982ع سنڌي قوم جي جاڳرتا جو دؤر ليکيو وڃي ٿو. سنڌ جي ارڏي قوم، تاريخ جي ڪنهن به موقعي تي، ڪنهن به جبر ۽ ڏاڍ جي آڏو سِرُ نه نوايو آهي، پهنجي عظيم روايت کي برقرار رکندي سنڌي قوم پنهنجي سياسي ۽ علمي شعور جو عملي ثبوت ڏيندي رهي. ذهني سجاڳيءَ جي اِن دؤر ۾ جتي پراڻا رسالا، مخزنون ۽ اخبارون پنهنجو سفر جاري رکنديون آيون، اتي ڪجهه ٻيا به نوان سلسلا ڳنڍجي ويا ته جيئن ذهني جاڳرتا جي عمل کي گهڻي کان گهڻا وسيلا هجن ۽ اهڙا پيغام گهڻن ماڻهن تائين پهچن، انهن نون سلسلن ۾ جتي سنڌي ساهت جي سدا جرڪندڙ روشن سج جهڙن قلمڪارن کي جڳهه ملڻ سان گڏوگڏ نون ٽمڪندڙ تارن کي به روشن رکڻ لاءِ همٿايو ويو.
    سلطانه وقاصي، فهميده حسين، سحر امداد، زبيده ميتلو، عطيه دائود، نذير ناز پشپا ولڀ، سلميٰ سومرو، بلقيس عارباڻي، گوري ولڀ، تانيا ٿيٻو، ارم محبوب، سلميٰ پنهور، نجمه نور ڦلپوٽو، فرزانا شاهين مڱڻيجو وغيره هن دؤر جا اهم نالا آهن جن پنهنجي قلم جي پورهئي سان سنڌي ادب کي نئون روپ بخشيو.
    سال 80ع کانپوءِ واري دؤر کان وٺي اڄ تائين واري عرصي ۾ قلمڪار ڀينرن جي قلمي ڪاوشن / ادبي خدمتن تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته هن دؤر ۾ وقت بوقت ساهتڪار سرتين وِکَ، وِکَ سان ملائي ساهت جو سُندر مَنَ موهڻو ۽ زور وارو اهڙو زنجير اڏيو آهي، جنهن کي ڪابه وقتي طوفان جي ڪا تيزي ٽوڙي نه ٿي سگهي.
    سنڌي ساهتڪار سرتين پنهنجي سفر جي دوران جيترو به قدم کنيو آهي، جا به وک وڌائي آهي، ان وک وک تي هن سنڌ ڌرتيءَ جي خوددار ذهين عورت کي ئي موضوع بڻايو آهي، ان عورت جوئي ذڪر ڪيو آهي، جيڪا صدين کان معاشرتي ڏاڍ جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهي آهي، انهن ساهتي ساٿارين جي ڏنل عقل، سوچ، شعور ۽ ساڃاهه جي ڪري ئي هوءَ سطحي ڳالهين تي ڌيان نٿي ڌري، هر چمڪندڙ چيز کي ئي سون نٿي سمجهي.

    موجوده دؤر ۾ اسان جون سڄاڻ سرتيون جيڪو به ڪجهه لکن ٿيون، اهو اسان جي عورت جو بدلجندڙ ذهن ۽ مزاج آهي، اسانجي پوري قوم جي ذهني سجاڳيءَ جو نشان آهي. اهڃاڻ آهي هڪ نئين، روشن ۽ اميدن ڀرئي انقلاب جو! ساهت جي ساٿياڻين جهڙي طرح پنهنجي سوچ، مشاهدي ۽ تجربن کي کولي نروار ڪيو آهي، اهو ردعمل آهي ان نظام جو، ان رويي جو، ان تلخ ۽ گهٽيل ماحول جو، جيڪا هوءَ صدين کان ڏسندي / سهندي آئي آهي، سرتيون وقت جي رفتار سان گڏوگڏ هلندي پنهنجي ڌرتيءَ جي ادبي خزاني کي پنهنجن سوچن / صلاحيتن ۽ لکڻين سان مالا مال ڪنديون رهن ٿيون.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 مارچ 2014
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,662
    ورتل پسنديدگيون:
    3,901
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    معصوم سائين هي اڄ منهنجي لاءِ نئين ڄاڻ آهي ته سلطانه وقاصي لاڙڪاڻي ڄائي آهي ۔ جي هن جي والدين جي باري ۾ ڪا ڄاڻ آهي ته ونڊ ڪيو ، جنهن مان وڌيڪ ڄاڻ ملي ۔ مان ته سلطانه وقاصي صاحبه کي اردو ڳالهائيندڙ سمجهيو هو ۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,381
    ورتل پسنديدگيون:
    26,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سلطانه وقاصي سنڌ جو درد رکندڙ ۽ معشري سان بغاوت رکندڙ سوچ جي مالڪ آهي، سندس شاعري ۽ سندس لکڻيون ان جو ثبوت آهن۔ سنڌ جي هن سڄاڻ ليکڪا سان ملاقات ان ڏينهن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سائين شمشيرالحيدري جي تعزيتي پروگرام ٿي هئي۔ جتي اسان اهڙين ئي حالتن تي ڳالهايو هو پر وقت جي گهٽتائي سبب تفصيلي ڪچهري ڪانه ٿي سگهي هئي۔
     
  4. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    629
    ورتل پسنديدگيون:
    1,760
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سلطانا وقاصي علمي ادبي گهراڻي جي ڄائي آهي۔جمال ابڙو سنڌ جو عظيم ڪهاڻيڪار هو،هي ان جي شايد ويجهي ئي ڪنهن عزيز جي نياڻي آهي۔مان خانداني ڄاڻڪاري حاصل ڪري پو ونڊ ڪندس
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,381
    ورتل پسنديدگيون:
    26,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت سٿ پاران محترمه سلطانه وقاصي کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪيون ٿا۔​
    [​IMG]
     
  6. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    جنم ڏينهن جون واڌايون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سهيل احمد سومرو

    سهيل احمد سومرو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2013
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,381
    ورتل پسنديدگيون:
    26,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سلطانا وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انهن چند عورت ليکڪائن مان هڪ آهي جن پنهنجي قلم جي نوڪ ذريعي معاشري جي نا انصافين، ڏاڍاين ۽ نا مناسب حالتن تي بي باڪي ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. هوءَ جنهن جو تعلق سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي سان رهيو آهي ۽ لاڏ ڪوڏ سان پڙهي آهي، سندس گهر ۾ ادبي ماحول رهيو ۽ سڀ ڪتاب کيس دستياب مليا. ڳوٺ ۾ رهندي به هن علم حاصل ڪيو جنهن جو سهرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانهن وڃي ٿو جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سندس ناناڻي خاندان جو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ وڏو نالو رهيو آهي. ناميارو عالم علامه علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,381
    ورتل پسنديدگيون:
    26,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاعره ۽ ليکڪا
    محترمه سلطانه وقاصي
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو