ٽاڪ منجهند هئي. ڄامشوري جي پٿريلي زمين تپي ٽانڊو ٿي وئي هئي. سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي ڪلاسن جو ٽائيم پورو ٿيو هو ۽ جيڪي شاگرد پنهنجي ڪنوينس تي نه آيا هئا يا جيڪي اڳ هلندڙ شٽل ۾ نه نڪتا هئا سي انهي غلطي جي سزا ڀوڳڻ لاءِ کٽارا بسن ۾ گرمي ۾ شل ٿيا ويٺا هئا. هر ڪو پنهنجي ساهه مان بيزار هو ۽ اهو انتظار شدت سان پئي ٿيو ته ڪاش هي پنج ڏهه منٽ هڪ پل ۾ گذرن ته بسون هلن ۽ ڪا هوا لڳي. پر هميشه جيان اهي پنج ڏهه منٽ طويل ٿيندا پئي ويا. نيٺ خدا خدا ڪري بسون چنگهي چنگهي چُرڻ شروع ٿيون. بسن جي اڪثريت انهن مان هئي جن جا سائلينسر ڦاٽل هئا سو هڪ دم شور ٿيڻ لڳو ۽ گڏوگڏ دونهون جنهن ڄامشورو جي صاف آبهوا جي ستيا ناس ٿي ڪئي. انهي باوجود به شاگرد خوش هئا. هڪ اطمينان هو ته اڌ مُني ڪلاڪ ۾ پنهنجي گهر هونداسين. ۽ ٿڪ سبب ماني وڻي يا نه وڻي اها پڪ ناهي پر هڪ سٺي ننڊ ضرور ايندي. . . . . . . . پر. . . . . . . . . . .! اچانڪ بسون بيهڻ لڳيون ايئن جيئن واڳ ڇڪڻ سان ٻني کيڙيندڙ ڏاند زوري بيهجي ويندا آهن. ۽ شاگردن جون پهريون ۽ آخري خدشو صحيح ثابت ٿيو. . . . ڌرڻو. . . . . . . . .! ها ڌرڻو. جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي سُڃاڻ ٿي ويوآهي. هتي جيترا ڪلاس هلن ٿا اوترا ڌرڻا ضرور لڳن ٿا. ۽ الاءِ ڪيستائين لڳندا رهندا. ڪجهه ئي دير ۾ شاگرد بسن مان لهندا سينٽرل لائبريري جي اڳيان زيرو پوائنٽ وٽ پهتا جيڪا هميشه جيان ڌرڻي جو مرڪز هئي. سڀ کان پهرين بس جيڪا شاگردياڻين جي هئي تنهن اڳيان درجن کن شهپر وٽي بيٺل ڪامريڊ نعرا به هڻي رهيا هئا ۽ گڏوگڏ سندن ترڇين نظر جو مرڪز بس ۾ ويٺل شاگردياڻيون به هيون جيڪي گرمي جي ڪري پگهر ۾ شل هيون ۽ معصوميت سان بي وسي ۾ هيڏي هوڏي ڏسي رهيون هيون شايد انهي آس ۾ ته جلدي انتطاميه اچي ۽ هنن جا مطالبا ٻڌي ته هتان نڪرجي. ڪامريڊن جي ٽولي جي اڳواڻي ڪامريڊ جوشيلو سنڌي ڪري رهيو جنهن جو اصل نالو ته عنايت علي هو پر ٻه سال سنڌ يونيورسٽي ۾ رهڻ، سياست ۾ حصو وٺڻ ۽ ٽين سال ۾ پارٽي جو صدر منتخب ٿيڻ وچ ۾ پنهنجو سياسي نالو ڪامريڊ جوشيلو رکرائي ڇڏيائين. هو تازو ئي صدر چونديو ويو هو ۽ سندس چوٽي جي مخالف پارٽي سان ٽڪر ۾ رهڻ سندس اولين مقصد هو. اڄوڪو ڌرڻو هن جي صدارت کان پوءِ پهريون ڌرڻو هو. هن وٽ ڌرڻو هڻڻ لاءِ مهيني کن کان ته ڪو جواز ئي نه پئي مليو هو پر ڌرڻو هڻڻ لاءِ بي چيني هئس. ڇو ته سندس مخالف پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن مهينو اڳ ڪئنٽين ۾ گريبي ختم ٿيڻ تان ڪئنٽين اسٽاف کي مارڪٽ ڪئي ۽ پوليس کين گرفتار ڪيو ته هنن هڪ وڏو ڌرڻو هڻي پنهنجا همراهه هڪ ڏينهن ۾ آزاد ڪرايا ۽ شاهانه نمنوي هاسٽل وٺي آيا. انهي ڏينهن هر ڪنهن جي زبان تي انهي پارٽي جي اڳوڻن جو نالو هو. هر پاسي انهن تي تبصرا هئا. تڏنهن کان جوشيلو پريشان هو ته ڪجهه اهڙو ڪجي جو نالو ٿئي. پر سندس وڌندڙ بي چيني ۽ ڌرڻي لاءِ نه ملندڙ جواز کيس ڪافي پريشان ڪيو. نيٺ هن فيصلو ڪيو ته جيستائين ڪو وڏو جواز ملي. فل حال روايتي مطالبا رکي ڌرڻو هڻجي. هي اهي مطالبا آهن جيڪي شايد انتطاميه ڪڏهن به پورا نه ڪري. بلڪه انتظاميه کي به خبر پئجي وئي هئي ته غير ضروري مطالبن جو جواز ڄاڻائي ڌرڻو هنيو ويو آهي سو ڪنهن به ڪن نه ڏنو نه وري پوليس يا رينجرز ڪو ايڪشن ورتو. وقت گذرندي شام جا پنج ٿي ويا. ڏينهن ٺرڻ لڳو. ڪامريڊن جا نعرا زور ٽوڙڻ لڳا. اڪثر شاگرد رڪشا پڪڙي نڪري ويا ۽ ڪن جا مائٽ اچي کين وٺي ويا. جوشيلو ڌرڻي کي مڃتا نه ملڻ تي پريشان بيٺو سوچي رهيو هو ته هن غلطي ڪئي. کيس ڌرڻي هڻڻ لاءِ ڪو مضبوط جواز ڳولڻ کپندو هو. اڄ هي بي اثر ڌرڻو هن تان ڪيڏي کِل ڪرائيندو. صدارت کان پوءِ پهريون ناڪام ڌرڻي کي پنهنجي سياسي ڪيريئر جو ابتدائي داغ لڳڻ لڳو. سوچن ۾ گم سم ئي هو ته سندس نظر هڪ دفعو وري سڀني کان اڳيان بيٺل بس تي پئي. بس جي اڳين در مان هڪ ڇوڪري لٿي پئي. هن جو نظرون چاهيندي به هُن مٿان هٽي نه سگهيون هُيون. هو کيس چتائي ڏسندو رهيو. اوستائين جيستائين هو وڃي هڪ ڪار ۾ ويٺي جنهن کي يقينن سندس پيءُ ڊرائيو ٿي ڪيو. “ڇا ٿيو؟؟؟؟؟؟؟” جوشيلي جي ڪلهي تي سندس جگري يار يار محمد هٿ هڻندي چيس. “ڪجهه نه؟” جوشيلي جلدي ۾ وراڻيس. “ڪجهه نه وري ڪيئن وڏا! هي جو نظرن جو طواف ٿيو سو ڪنهن ڏٺو نه ڏٺو پر مون ته ضرور ڏٺو” يار محمد اهو چوندي کيس پُٺي تي زور زور سان ڌڪ به هڻندو رهيو. جوشيلي به سوچيو ته هرو ڀرو ڳالهه گهمائڻ بجاءِ سڌي ڳالهه ڪجي. “ها يار! اها ڇوڪري مون اڄ پهريون ڀيرو ڏٺي آهي. ڪيڏي نه معصوم هئي يار. ڪهڙي ڊيپارٽمينٽ جي آهي؟” “فرسٽ ايئر، زولاجي” “هممم!” جوشيلو ڄڻ ته مطمئن ٿي ويو. انهي ڏينهن شام جو ڇهين وڳي اسٽوڊنٽ افيئر جي ڊائريڪٽر آفيس مان سپرنٽنڊنٽ اچي ڌرڻو ختم ڪرايو. اها ڳالهه جيتوڻيڪ جوشيلي کي ته نه وڻي هئي جو هڪ بي معنيبڻجي ويل ڌرڻي جو ڏک هئس مٿان وري انتظاميه به ايترو اهميت ڏني جو ڪو ڊائريڪٽر ليول جو ماڻهو به نه آيو ۽ هڪ سپرنٽنڊنٽ اچي ڌرڻو ختم ڪرايو. جڏنهن پوائنٽ بسون روانيون ٿيو ته ايئن پئي لڳو ڄڻ شاگرد نه پر رڳو بسن وارن جي ئي ِرهائي ٿي آهي. ڪِن بسن ۾ ته هڪ به شاگرد نه ۽ ڪن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ. جوشيلو ڌرڻي جي ناڪامي جو افسوس ساڻ کڻي سينٽرل لائبريري کان هلندو هاسٽل تي پهتو. پر اڃان تائين سندس نظرن اڳيان هن ڇوڪري جي لهڻ ۽ وڃي ڪار ۾ ويهڻ جي منظر جو ايڪشن ريپلي هلي رهيو هو. هن ڌيان هٽائڻ جي خيال سان ڪمپيٽر آن ڪري سرمد سنڌي کي فُل آواز ۾ هلايو پر خيالن جو مرڪز اها ڇوڪري هئس. بار بار يار محمد جو فرسٽ ايئر زولاجي چوڻ ياد پئي آيس. ۽ ٻي لمحي دل اهو فيصلو ٿي ڪيو ته سڀاڻي زولاجي وڃبو. پر وري وري اهو به سوچيائين ٿي ته اها ته چريائي ئي چئبي. هو ڪير آهي؟ ڪهڙي نيچر جي ڇوڪري آهي. ايئن وڃي سامهون بيهڻ ته ڇيڳرائپ ئي ٿيندي. ۽ سڄي رات انهن سوچن ۾ رهندي کيس الاءِ ڪهڙي ويلي ننڊ اچي وئي. صبح دير سان سڄاڳي ٿيس. ۽ اٿندي ئي هڪ دفعو وري خيالن جو مرڪز راتوڪو ساڳي ٿي ويس. جلدي اٿي تيار ٿي. بنا ڪنهن سنگت ساٿ سان ملڻ يا پُڇا ڪرڻ جي هاسٽل کان ٻاهر اچي پهتو. نه ته هونئن سنگت مان هڪ ٻن کي گڏ کڻي هلڻ پارٽي صدارت جي عهدي جي ضرورت سمجهي پوري ڪندو هو. ۽ دير سوير ٿيڻ تي ٻاهر ئي نه ويندو هو يا سنگت جو انتظار ڪندو هو. پر اڄ ايئن نه هو. هاسٽل کان ٻاهر نڪرندي ئي ساڄي پاسي رُخ هئس. زولاجي ڊپارٽمينٽ پهتو ته ڪوريڊور ۾ چهل پهل گهٽ نظر آيس. ڪلاسز جو ٽائيم هو. هتي بيهي انتطار ڪرڻ به ڏُکيو هئس. ۽ ٻاهر وڃي اڪيلو ڪئنيٽين تي ويهڻ به هوئنن کني ڏکيو نه به هجي ها پر پارٽي جو صدر هوندي اها ڳالهه صحيح نه پئي سمجهيائين. اڃان انهي ٻڏتر ۾ هو ته ڇا ڪجي ته هڪ ڪلاس مان شاگردن جو وڏو تعداد ٻاهر نڪتو. هن کي اندازو ٿي ويو ته اهي فرسٽ ايئر جا ئي ٿي سگهن ٿا. ڇو جو ايتري تعداد پهرين سال ئي هوندي آهي. ٻي ٽين چوٿين سال شاگرد گهٽجڻ معمول آهي. جو هڪڙا ڇڏيو وڃن. ٻيا ڊپارٽمينٽ تبديل ڪن ۽ ٽيان وري گسائڻ جا گُر سکيو وڃن. پر پهرين سال وارن ۾ باقاعدگي سان ڪلاس وٺڻ جي عادت هجي ٿي. ڊگهي ڪوريڊور ۾ هن ايڏي وڏي ٽولي مان کيس ڳولا هئي انهي ڪلهه واري معصوم چهري جي مالڪه ڇوڪري جي. جنهن کيس هڪ نظر ۾ پاڻ ڏانهن مائل ڪري ورتو هو. هن جو نظرون ميلي ۾ وڃايل ڪنهن ٻار جي مائٽن جي نظرن جيان هيون. ۽ آخر ڪار هن جي نظرن هُن کي تلاش ڪري ورتو. هو سڀني سان گڏ هوندي به اڪيلي هئي. نطرون جهڪيل. قدم تيز هٿ ۾ رائٽنگ رجسٽر. هن رش ۾ جوشيلي کيس هيلو هاءِ ڪرڻ جي خواهش ته ضرور ڪئي پر اها خواهش صرف خواهش ئي رهي. ڇو ته شاگردن مان اڪثريت کيس سڃاتو پئي. ۽ هن پنهنجو ڀرم به رکڻ پئي چاهيو. فرسٽ ائير جي شاگردن جي ڪلاس شايد هاڻي دير سان هئي. سو اڪثريت جو رخ ڪئينٽين ڏي هو، ڪجهه ڇوڪريون گرلز ڪامن روم ڏي ويون. ۽ ڪي وري سيمينار لائبريري. هن جي نظرن جو مرڪز سيمينار لائبريري ڏي ويندي ڏسي هي به هتي پهتو. هن جي مرضي جي عين مطابق شاگردن جو تعداد صفا گهٽ هو لائبريري ۾. صرف هڪ ٻه گروپس پاڻ ۾ اسٽڊي ڪَم ڪچهري پئي ڪئي. لائبريرين نه هجڻ ڪري هوءَ هڪ پاسي ويهي منتظر نظرن سان لائبريريرن جو انتظار ڪري رهي هئي ته اچي کيس گهربل ڪتاب ڪڍي ڏي جيڪي هر وقت لاڪڊ الماڙين ۾ هجن ٿا. جوشيلو موقعو ڏسي وڃي هُن جي ويجهو پُهتو. هن هُن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ مناسب لفظ تلاش ئي پئي ڪيا ته هوءَ سمجهي وئي ته هي هُن وٽ ئي آيو آهي سو پاڻ ئي پڇي ورتائين “جي؟” هون جي اوچتي سوال تي جوشيلو ڪجهه پلن لاءِ منجهي ته ويو پر پاڻ سنڀاليندي چوڻ لڳو “آئون جوشيلو سنڌي. صدر. . . . . .” “ها مون کي خبر آ. . . . . ڪو ڪم؟؟؟؟؟؟” ايترو اعتماد؟ هُن جي چهري جي معصوميت سان تان ته بلڪل به تضاد ۾ آهي. جوشيلو سوچ ۾ پئجي ويو هو. هن سمجهيو ٿي ته فرسٽ ايئر جي ڇوڪري ڪنهن سينيئر ڇوڪري سان ڳالهائيندي ته ڊپ مان آواز ئي نه نڪرندس پر هي ته ائين ڳالهائي رهي هئي ڄڻ هو هتي سالن کان هجي ۽ ڪنهن پهريون ڀيرو آيل سان ڳالهائي رهي هجي. “اڇا! ڏاڍو سٺو. ڪلهه مون توهان کي سينٽرل لائبريري وٽ گاڏي مان لهندي ڏٺو ۽.. . . . . ” هڪ دفعو وري هُن سندس جملو پورو ٿيڻ بنا ڳالهايو “ها يقينن ڏٺو هوندئو. اسان سڀني به اوهان کي ڏٺو هو.” هن ڀيري جوشيلو ڳالهه اڳتي وڌائڻ لاءِ لفظن ۾ کُٽي پيو هو. ۽ وري به هُن ئي ڳالهه شروع ڪئي. “اوهان رڳو مون کي ڏٺو يا انهن سڀني کي به جن جا گرمي ۾ برا حال هئا.؟” “ظاهر آهي اسان سڀني کي ڏسي رهيا هئاسين. ۽ شاگردن جي پريشاني جو اندازو به هو پر حق وٺڻ لاءِ. اسان جو ايڏي جدوجهد ڪيو ٿا. شاگردن کي ايتري قرباني ته ڏيني پوندي نه؟ هڪ اڌ ڏينهن دير ٿي يا گرمي جي تڪيلف آئي ته ڪا وڏي ڳالهه ته ناهي.” جوشيلي ڳالهه پوري ڪئي ته کيس اطمنان هو ته هُن پنهنجو ڪيس مختصر پر جامع انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ۽ گڏو گڏ خوسي به هئس عام طرح هڪ ڇوڪرو ڇوڪري رڳو رواني سان گفتگو تي پهچڻ ۾ ئي ڏينهن لائيندا آهن پر هنن ۾ گهٽ ۾ گهٽ رواني سان ڳالهه ٻولهه واري حجاب جو پردو جلدي ٽُٽي پيو آهي. توڙي جو پهرين سال جي ڇوڪري ۾ ايڏو اعتماد کيس اڃان سمجهه ۾ نه آيو هئس. “اڇا! اهي ڪم ايئن ئي ٿيندا.!!!! ڀلا اهو ٻڌائيندؤ ته ساڳين مطالبن جي مڃتا لاءِ اڳي ڪيترا ڌرڻا ساڳي ڄڳهه تي لڳا آهن؟ ڇا ڪو نتيجو نڪتو؟ ڇا اسان اڃان به اهو ناهي سمجهيو ته هاڻي اهو عمل ڪارگر ناهي؟ اسان کي ڪا ٻي واٽ وٺڻ کپي” جوشيلو هُن جي جواب جي سحر ۾ ته آيو سو آيو پر هُن جو اسان چوڻ کيس ڏاڍو وڻيو. هُن اسان چئي ڄڻ ته اهو ڀرپور تاثر ڏنو ته جن کي هو عام ۽ سياست کان پري رهندڙ شاگرد سمجهن ٿا سي به ساڻن گڏ آهن. جوشيلو اڃان جواب ڏيئي هي ها ته لائبريرين پهچي ويو. “مون کي نيڪسٽ ڪلاس وٺڻ کان پهرين هڪ ٽاپڪ تي اسٽڊي ڪرڻي آهي. سو. . . . . . ” “بلڪل بلڪل. اوهان ضرور اسٽدي ڪيو. پر اوهان جي پختي لهجي ۽ وزني ڳالهين ٻڌڻ لاءِ اوهان وٽ وري ضرور ايندس. جي مائنڊ نه ڪيو ته مناسب ٽائيم ٻڌائيندؤ؟” ”ها ڇو نه؟ اوهان سڀاڻي ساڳي ٽائيم هتي اچجو. سڀاڻي اسان جي هڪڙي ئي ميجر ڪلاس آهي. پوءِ ٻپهري تائين فارغ آهيون. هڪ مائينر ڪلاس وٺڻ تائين. انهي وچ ۾ ڳپل ٽائيم هوندو ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين“ ”مهرباني.“ جوشيلو اهو چئي اٿيو ۽ هوءَ وڃي لائبريرن وٽ پهتي. لائبريرن نالو پُڇي رجسٽر کولي ڏسڻ چاهيو ته هن وٽ اڳ ۾ ڪو ڪتاب ته ناهي. ۽ هن نالو ٻڌايو رابعه. جيڪو جوشيلي به ٻڌي ورتو. جوشيلو خوش هو. هو ٻاهر آيو ته هن کي سڀ شيون مختلف لڳيون. هن کي ڄامشوري جو گرم هوائون ۽ خشڪ موسم به رومانس ۾ نظر اچڻ لڳو. جوشيلو کي پهريون ڀيرو لڳو هو ته هو ڪنهن غير معمولي احساس ۾ گُم آهي. ڪجهه الڳ ئي تصور آهي. انهي ڏينهن به جوشيلي جي ذهن جو مرڪزي خيال رابعه ئي رهي هئي جو هو هن جي توقع کان بلڪل مختلف ۽ تمام پُر اعتماد نڪتي هئي. بار بار ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ اندازا ته سڀاڻي هُو ڇا ڳالهائيندي. ڪهڙا موضوع هوندا. کيس اندازو ته ٿي ويو هو ته هُن جو موضوع سواءِ شاگرد سياست ٻيو نه هوندو پر پوءِ به الاءِ ڇو کيس گهڙي گهڙي اهو اندازو پئي ٿيو ته ڪٿي هو مون ۾ دلچسپي ته ناهي وٺڻ لڳي. ٻي ڏينهن صبح جو هو وقت تي لائبريري پُهتو. ڪجهه پل انتطار جا ۽ پوءِ هو اچي پُهتي. ڪلهي ۾ لٽڪايل بئگ سائيڊ ۾ رکندي پاڻي جي ننڍي بوتل ڪڍي پيئڻ کان پوءِ مخاطب ٿيس. ”ڇا حال آهن؟“ ”ٺيڪ ٺاڪ“ هن وراڻيس. ۽ پوءِ ڪجهه پل جي خاموشي. ”اوهان ڇا پئي چوڻ چاهيو؟“ خاموشي ٽوڙڻ جي جلدي جوشيلي کي ئي هئي. ”چوڻ ته چاهيان ٿي پر ڪٿي ايئن نه ٿئي جو توهان ناراض ٿي پئو“ ”نه نه مان ڇو ناراض ٿيندس. اوهان چئو نه ڇا پئي چوڻ چاهيؤ“ ”اڇا! ته اوهان ناراض ناهيو ٿيندا. اها ته حيرت جي ڳالهه آهي. مون کي خوشي ٿيندي جي اوهان منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ناراض نه ٿيو ڇو جو شاگرد سياست ۾ محرڪ نوجوانن جي ڪاوڙ ته بس دير ئي نه ٿي ڪري اچڻ ۾“ ”“هاهاهاهاهاهاها! لڳي ٿو اوهان ڪامريڊن کي ڪجهه گهڻو ئي سڃاڻو“ ”ها.“ رابعه ٿڌو ساهه ڀريندي چيس. ”معذرت سان مان انهن نام نهاد ڪامريڊن کي گهڻو ئي سڃاڻان. جن لفظ ڪامريڊ جي روح کي ڪڏهوڪو ماري ڦِٽي ڪيو هو. ڪامريڊ لفظ جي روح کي جِن سمجهيو تن انهي لفظ سان وفا ۾ جان ڏني هئي. حق ادا ڪيو هو. نه ڪي بسن تي بنا ڪراين جي سفر ڪيو يا هاسٽل تي مفت ۾ ماني کاڌي يا معصوم شاگردن لاءِ هر وقت ڊپ جو باعث ٿيا“. رابعه هڪ لمحي لاءِ جوشيلي کي غور سان ڏٺو. ڄڻ اها پڪ ڪرڻ لاءِ ته هو شروع ۾ توائي ۾ اچي ٻڌي اڻ ٻڌي ٿو ڪري يا سچ ٻڌڻ جي سڪت اٿس؟ پر جوشيلو بلڪل مطمئن ۽ پُرسڪون ويٺو هو. ڄڻ هو پنهنجي لاءِ نه پر ڪنهن ٽئين ماڻهو بابت ڪا ڳالهه ٻڌي رهيو هجي. رابعه کي به اندازو هو ته ڇوڪرا هونئن کڻي سچ نه به ٻڌن پر ڪا ڇوڪري کين آئينو ڏيکاري وڃي ته ايترو تڪڙو جوش ۾ نه ايندا. رابعه ڳالهه کي اڳتي وڌايو. ”مون کي سچ پچ ڏک ٿيندو آهي ته اسان جي مادر علمي جي ڏينهون ڏينهن ڪِرندڙ ساک ۾ اسان جا پنهنجا هٿ آهن. ڪنهن به يونيورسٽي جو نالو ٺاهڻ ۾ انهي جا شاگرد ئي انهي جو اصل اثاثو هوندا آهن. ۽ انهن شاگردن جي حقن ۽ صحيح تعليم لاءِ انهن جو تنظيمون پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون آهن. ڪيترا وڏا ۽ ناليورا سياستدان شاگرد سياست ۾ رهيا. مثلاً شهيد بينظير ڀٽو آڪسفورڊ ۾ شاگرد سياست ۾ رهي يا بنگلاديش جو الياس علي وغيره وغيره.“ پر افسوس سان اسان جا شاگرد جيڪي هن وقت تنظيمن جي عهدن تي آهن سي پنهنجو نظريو صرف تقريرن تائين محدود رکن ٿا. پنهنجي بقا هجڻ لاءِ دليل طور ته ڪامياب شاگرد تحريڪن جا ڏيندا آهن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هنن جا عمل قطعي به انهن تي پورو نه ٿا لهن. ڇو ته اسان جي يادگيري ۾ ڪڏنهن به ڪنهن سياسي تنطيم تعليمي موضوع تي ڪو ميڙاڪو نه ڪوٺايو. ڪڏنهن به بالا افسران سان تباهه ٿيندڙ تعليمي سيناريو تي وڃي نه ڳالهايو. ڪڏنهن اهو نه چيو ته يونيورسٽي مهينو ليٽ ڇو ٿي کُلي. ٻن مهينن جي وئڪيشن چار مهينن جي ڇو ٿي ٿئي؟ ڪڏنهن اهو نه ڪيو ته وڃي انهن استادن کان پُڇن ته اوهان شاگردن کي سيلف ليو (پاڻ مرادو موڪل ڪرڻ) تي ڇو ٿا همٿايو ٻه ڪلاس وٺي ڇو ٿا هليا وڃو؟ تحقيق تي ڪم ڇو نه ٿا ڪريو؟. تحقيقي ڪمن جي اهميت تي ڪو سيمينار اڄ تائين ڪنهن شاگرد تنظيم ڇو نه ڪرايو؟ جڏنهن ته هو پنهنجن ڪجهه ماڻهن جي انفرادي فائدي لاءِ به زوري چندو ٿا ڪن ته سڀ شاگرد کين پئسا ٿا ڏين. جيڪر هو تعليمي پهلوئن کي مدِ نظر رکن ته کين هر ڪو خوشي سان پئسا ڏيندو جيڪي هو زوري وٺي عياشيون ٿا ڪن ۽ بد دعائون ٿا کڻن.“ رابعه کي لڳو ته هو گهڻو ڳالهائي وئي آهي. سو بس ڪري پُڇڻ لڳي. ”ڪهڙي سوچ ۾ آهيو؟“ ”هــــــان؟“ ڇرڪجي جواب ڏنائين. ”ها ٻه سوچون آهن“ ”ڪهڙيون؟“ ”هڪ اهو ته هڪ فرسٽ ايئر جي ڇوڪري ايترو ڪيئن ٿي سمجهي سگهي هنن ڳالهين کي“ ”ڪتاب منهنجا دوست آهن. مطالعو منهنجو مشغلو. ۽ ڇهه اٺ مهينا وڏا هوندا آهن ڪٿي ڪنهن ماحول کي سمجهڻ لاءِ. . . . . ٻي سوچ ٻڌايو“ رابعه جي ٺهه پهه جواب هن کي ويتر کيرو ڪري وڌو. ”ها. ٻيو اهو ٿو سوچيان ته اوهان جو ڳالهيون ٻڌي پنهنجي هنن ڪم تي پاڻ کي ئي پڇتاءُ پيو ٿئي. سوچيان ٿو ته اسان واقعي به صحيح دڳ تي هوندي به غلط پيا وڃون“ ڪافي دير جي خاموشي هئي. ۽ پوءِ رابعه چيس. ”هاڻي مان هلان ٿي سينٽرل لائبريري. مس مس هُتي منهنجي ميمبر شپ جا ڪارڊ ٺهيا آهن. سو اڄ کان هُتي اورينٽل سيڪشن مان ڪجهه ڪتاب اشو ڪرائي گهر وڃي پڙهي سگهان ٿي. نه ته اڳي رڳو هُتي رفرنس طور پڙهڻ لاءِ ملندا هئا. اوهان منهنجين ڳالهين کي تي ضرور غور ڪجو. پنهنجي عقل جي زور تي پرکجو. ۽ پوءِ ضروري سمجهو ته ڪنهن نتيجي تي پهچي مناسب تبديلي سان ڪم کي اڳتي وڌائجو“. ان ڏينهن جوشيلو سڄو ڏينهن سوچيندو رهيو ته ڇا ۽ ڪٿي ڪٿي غلط آهي. ڇا ۽ ڪيئن صحيح ٿي سگهي ٿو؟ ۽ ايئن ڏينهن ۽ پوءِ رات گذري وئي. ٻي ڏينهن جڏنهن هو زولاجي ڊپارٽمينٽ جي سيمنار لائبريري ۾ پُهتو ته هن جو ذهن ڪالهه واري جاءِ تي نه هو پر رابعه اڳ ۾ هُتي ئي موجود هئي. هن کي ڏسي ڪتاب ۾ ننڍي پرچي ڦاسائي بند ڪيائين ته ياد رهي ته ڪهڙي پيج تي هئي. ”ڇا حال آهن“ رابعه پُڇيس. ”ٺيڪ آهن. پر هڪ نتيجي تي پُهتو آهيان.“ هنِ چيس. ته رابعه جلدي پُڇيس ”ڪهڙو؟؟“ ”اهو ته هتي جي ماحول ۾ سياست ايئن ئي ٿي سگهي ٿي جيئن ٿئي پئي. مون جيڪڏنهن پنهنجي طور تي اهي ڪم شروع ڪيا جيڪي اوهان ڪلهه چيا ۽ ٿيڻ به کپن ته مون وٽ اهو عهدو چار ڏينهن به نه هلندو. سو رات سوچي سوچي انهي نتيجي تي پُهتو آهيان ته آئون سياست کان ڪناره ڪشي ٿو ڪيا. گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو من ته مطمئن هوندو“ ”اها ته غلط ڳالهه آهي. سسٽم خراب هجڻ تي هٿيار ڦٽا ڪري ٻين کي موقعو ڏيڻ ۽ پاڻ کي انهن جي رحم و ڪرم تي ڇڏڻ ڪٿان جي دانشمندي چئبي.“ ”ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هن ماحول ۾ اها سياست ڪجي جيڪا اوهان ٿا چئو. ۽ ڪجي به ته ڪيترا ڏينهن هلندي“ ”ڏسو. اوهان جو من ته هٿيار ڦٽا ڪري به مطمئن آهي نه. . . . . ته پوءِ ڇو نه چار ڏينهن ئي سهي پر اصولي ڪم ڪجي. ڪنهن تبديلي جي ڪوشش ڪجي. ۽ ايئن ٻه ٽي دفعا ٿيو ته عام شاگرد جيڪو شاگرد سياست کان بيزار آهي. اهو به اوهان ۾ ۽ اوهان جي ڪم ۾ دلچسپي وٺندو. ٻيو نه ته وؤٽ ڏيندو جيڪو وٺڻ لاءِ به هن وقت زوري زبردستي ڪرڻي ٿي پئي. ۽ جڏنهن اهو وؤٽ ڏيندو ته تبديلي پسند کي چونڊيندو ۽ تبديلي ايندي. آئون ڏاڍي آپٽيمسٽ آهيان. پر مون کي ڪلهه ئي لڳو پئي ته اوهان کي جي ڳالهه دل سان لڳي ته جلدي هٿيار ڦٽا ڪندؤ. سو اوهان لاءِ اڳواٽ ئي هڪ گفٽ آندو اٿم“ ۽ پوءِ هڪ پيڪٽ جوشيلي کي ڏنائين. ”هن ۾ ڇا آهي“ ”سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ“ ”پر ڇو؟ اهي ته مون وٽ اڳي ئي آهن“ ”ها! ضرور هوندا. پر اڄ توهان انهن کي ڇڏڻ جو سوچيو آهي. اهي پنهنجي ميراث آهن. اهي ناهن ڇڏڻا. ۽ اڄ کان اهي نئين سر اپنايو. ۽ نئين سوچ سان ڪم ڪريو.“ ”اها اوهان جي وڏائي آهي. پر اوهان ڪهڙا آپٽيمسٽ آهيو جنهن اڳ ئي اهو سوچي ورتو ته آئون هٿيار ڦِٽا ڪري ايندس“ ”ها مان آپٽيمسٽ ته آهيان پر اوهان جي برادري جا ڪم ڏسي ڏسي اهو ته سُجهي ويندو اٿم ته ڇا ڪندؤ“ ”نه بس هاڻي تبديلي اچي نه اچي پر پنهنجا قِبلا ضرور درست ڪبا“ ۽ پوءِ ٻئي وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا هئا.!
مضمون وقتائتو ۽ ڪارائتو آهي ۔اصلاح ۽ ٻولي جي لحاظ کان بهترين ۔ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي ماحول جي عڪاسي ،جهڙي نموني ۽ جنهن انداز ۾، محترم عبدالحفيظ لغاريڪئي آهي ۽ ان سڄي مضمون ۾ جيڪا سادي ،آسان ۽ ٺيٺ ٻولي استعمال ڪئي آهي ۔ان لاجس لهڻن۔ ڪاش حفيظ جهڙا سمجهدار شاگرد ، رابعه جو روپ وٺي ،وقت آهر اهڙا ڪارائتا مضمون لکندا رهن ها ، ته اسان جي مستقبل جا معمار ۽ آئيندي جا ابا ، جوشيلي جهڙا ڪيترائي ڪامريڊ سڌري پون ها ،۽ اسان علمي ،عقلي،معاشي ، ڪاروباري ۽ سياسي ميدان ۾ ڀڙ هجون ها ۔پر هن وقت به وقت هٿن مان ناهي ويو، جيڪڏهين اسان جي تعليمي ، ڪاروباري ، سماجي ۽ سياسي ادارن پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو ته پنهنجو قومي وجود بچائي وجهنداسين ۔
يار! شابس هجي اهڙين نياڻين کي جيڪي جوشيلن ڪامريڊن کي صحي دڳ لائين ۔۔۔ بيشڪ اسانجون ڇوڪريون چاهن ته پنهنجي ڏات ۽ ذات جي زور تي مرد جون واڳون موڙي سگهن ٿيون ۔۔۔ الله ڪري ته اهڙيون دلير ۽ سانڃهه رکندڙ ادڙيون گهڙيون ٿي پون، جيئن گهڻا ڪامريڊ صحي ٿي سگهن ۔۔۔ افساني يا مختصر ڪهاڻيءَ جا اصول پورا ڪندي اسانجي دوست هڪ نصيحت آموز آکاڻي لکي آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌيت ۽ سنڌين جي تعليم جو اونو واضح آهي ۔۔۔ دنيا سموريءَ ۾ شاگرد سياست ڪئي ويندي آهي پر اسان وٽ قومي حالتن جيئان تعليمي ادارن جي حالت به ڪرپشن جي ور چڙهيل هجڻ سبب گندگي وڌيڪ آهي ۔۔۔ اسان سڀني جو گڏيل مقصد آهي ۽ گڏيل طور ئي ان سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔۔۔
حفيظ جي لکڻي جو انداز ته اڳ ئي وڻندو هو پر هن دفعي اهم موضوع تي لکيو اٿس ۔۔۔ هڪ اهڙي ڪهاڻي جنهن جو شايد پاڻ به هڪ ڪردار هوندو، هڪ بيوس ۽ لاچار ڪردار، جيڪو پنهنجن ئي ماڻهن جي افعالن سبب مجبور آهي۔ سنڌ جي گهڻو ڪري سڀني مادر علمين جي ساڳي صورتحال آهي، پر سنڌ يونيورسٽي وڌيڪ ستايل آهي۔ خير هي ڪردار به وڻيا ۽ سنڌ جي نوجوان ڇوڪري، ايڏي گهڻي ڪانفيڊنس سان ڳالهائي، اهو به الائي واقعي آهي الائي ڪهاڻي آهي۔ ڪاش ايئن هجي ۔۔۔۔۔۔ ڪاش اسان جا قومپرست ۽ سنڌ پرست، شاگرد ۽ استاد علم جي اهميت کي سمجهن ۽ چٽاڀيٽي جي هن دور ۾ پنهنجو پاڻ مڃائين ۔۔۔