1348 اٽيچمينٽ ڏسو سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو ناميارو ليکڪ ۽ اداڪار رشيد صابر لاڏاڻو ڪري ويو ڪراچي (رپورٽ: مصطفيٰ ملاح) فلم، ٽي وي، اسٽيج، ريڊيو جو صداڪار ۽ اداڪار، رائيٽر رشيد صابر مقامي اسپتال ۾ گڙدن جي ناڪاره ٿيڻ، دل ۽ شگر جي تڪليف سبب 5 ڏينهن کان ڪسمپرسي جي حالت ۾ 67 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي تدفين ڪراچي جي شيرشاهه قبرستان ۾ آلين اکين سان ڪئي وئي. رشيد صابر سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه، 3 پٽ ۽ 5 ڌيئرون ڇڏيون آهن. رشيد صابر جو اصل نالو عبدالرشيد ۽ سندس والد جو نالو عبدالله مينڌرو هو. هن 10 جنوري 1945ع تي ٺٽي جي جاتي شهر ۾ اک کولي. هن تعليم ۾ اديب فاضل مولوي فاضل جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ 1966ع ۾ هن پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪئي. ان کانپوءِ 1972ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ڪئي. هن پهرين ملازمت 1960ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول عربي استاد جي نوڪري کان شروعات ڪئي ۽ 1986ع ۾ 17 اسڪيل جي نوڪريءَ تان رٽائرمنٽ وٺي ۽ ڪراچي ۾ گهر خريد ڪيو. 1962ع کان علمي، ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. پهريون افسانو لکيو جيڪو بادل رسالي ۾ شايع ٿيو. پوءِ ڪهاڻيڪار امر جليل جي افسانن جو اردو ترجمو ڪيو. ريڊيو لاءِ هن 300 اردو ۽ سنڌي ڊراما لکيا. پهريون ريڊيو لاءِ هن سنڌي ڊرامو ”منزل“ لکيو جنهن کي سيد منظور نقوي پروڊيوس ڪيو. ريڊيو پاڪستان پاران مڃتا طور رائيٽرز ايوارڊ 2001ع ۾ ۽ 2002ع ۾ مليا. 46 سال فن کي ڏيندڙ رشيد صابر 12 سنڌي فلمون به لکيون، جن ۾ ڦل ماڇي، طوفان، گهاتو گهر نه آيا، ٽي قيدي، هو جمالو ۽ برسات جي رات لاءِ پڻ مڪالما لکيا. اردو فلم ”آخري گولي“ به لکي. هن اردو فلم ”سهاري“ ۾ ماستر جو ڪردار ادا ڪيو. مرحوم اداڪار رشيد صابر 1975ع ۾ ڪراچي آيو. پي ٽي وي جو پروگرام رتي رهاڻ لکندو رهيو ۽ پروڊيوسر بيدل مسرور هن کي اداڪار طور ڊرامو ”اونداهي ۽ لاٽ“ ۾ آندو. ان کانپوءِ هن پي ٽي وي جي جن ڊرامن ۾ ڪم ڪيو انهن ۾ ماروي، ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن. جڏهن ڪي ٽي اين چئنل آيو ته هن پهريون ڊرامو منزل، ڄار، سنگرام، ڪونج، آئينو ۽ ٻين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. جڏهن ته هن ڪي ٽي اين جا جيڪي ڊراما لکيا انهن ۾ عيد ڪارڊ ”مارو مون مڃيا“ شامل آهن. بابا 5 ڏينهن اسپتال ۾ رهيو، ثقافت کاتي وارن فون به نه ڪئي، هڪ لک رپين جو چيڪ هاڻ مليو آهي:رشيد صابر جو پٽ ڪراچي: مرحوم اداڪار رشيد صابر جي پٽ شهزاد ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته بابا 5 ڏينهن اسپتال ۾ پيل رهيو پر ثقافت کاتي پاران ڪنهن به عملدار بابا جي طبيعت پڇا ڪرڻ لاءِ اسپتال اچڻ ته پري جي ڳالهه پر فون ڪري به طبيعت ڪو نه پڇا ڪئي، جيڪڏهن ثقافت کاتي وارا بابا جي علاج ۾ مدد ڪن ها ته بهتر علاج ٿي سگهيو پئي، اسان بابا جو وس آهر علاج ڪرايو، اداڪار رسول بخش ڏاهري ٻڌايو ته رشيد صابر بهترين آرٽسٽ سان گڏوگڏ پيار ڪندڙ انسان به هو، هن کان فن جي حوالي سان گهڻو ڪجهه سکيو پر افسوس ثقافت کاتي وارن تي ٿئي ٿو جن رشيد صابر جي لاڏاڻي کانپوءِ علاج لاءِ پئسا ڏنا آهن، هوڏانهن ڪالهه ثقافت کاتي پاران هڪ لک جو چيڪ ڏيڻ لاءِ اسپتال پهچڻ جي به زحمت ڪو نه ڪئي پر رشيد صابر جي وارثن کي فون ڪري چيو ويو ته ثقافت کاتي جي آفيس مان اداڪار رشيد صابر جو چيڪ ورتو وڃي جيڪو چيڪ رشيد صابر جو پٽ رضوان ثقافت کاتي مان وٺي آيو. رشيد صابر 3 ڪتاب لکيا، سندس ڊرامن ايڪ ٿي مهرو، دشت ۽ دوسري عورت مشهوري ماڻي ڪراچي: اداڪار رشيد صابر شاعري ڪندو هو، سندس شاعري ۽ تخلص ”صابر“ هو جيڪو تخلص غلام محمد گرامي هن مٿان رکيو هو، هن 3 ڪتاب لکيا جن ۾ ٻارهين جماعت ڪورس، ”تاريخ اسلام“، عربي اٺين ڪلاس جو ڪتاب جديد عربي گرامر، ان کانسواءِ هڪ يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب لکي رهيو هو، رشيد صابر 35 کان مٿي سنڌي ۽ اردو ٽي وي ڊراما لکيا، انهن ۾ ايڪ ٿي مهرو، دوسري عورت، چودوين رات، دشت ۽ ٻيا شامل آهن، ان کانسواءِ اسٽيج ڊراما لکيا ۽ انهن ۾ پاڻ اداڪاري ڪئي ۽ هدايتڪاري پڻ ڏني، جيڪي اسٽيج ڊراما لکيا انهن ۾ شادي يا تادي، شادي شان وارن جي، هل پنهل هل ۽ ٻيا شامل آهن، ٻِئي پاسي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران اداڪار رشيد صابر جي لاڏاڻي تي 10 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. _____________ڪاوش اخبار جي ٿورن سان
ناليواري اداڪار رشيد صابر جو وڇوڙو سرد هوائون شروع ٿيندي ئي، سنڌ اندر وڇوڙن جي موسم پنهنجو واسو ڄمايو آهي. گذريل هفتي کان سنڌ جا ڀلوڙ سينيئر فنڪار اسان کان وڇڙي رهيا آهن، پهرين هن هفتي ۾ مشهور لوڪ گلوڪاره زينت شيخ، پوءِ ناليوارو الغوزي نواز الهه بچايو کوسو ۽ هاڻي اداڪار رشيد صابر به اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي، ٻئي پار هليو ويو. اسان پنهنجن اهڙن عظيم ڪلاڪارن کي جيئري شوق سان ٻڌندا ۽ ڏسندا آهيون ۽ تعريفون به ڪندا آهيون پر جڏهن اهي بيماري جي بستري حوالي ٿين ٿا ته اسان انهن کان منهن موڙي ڇڏيون ٿا، جنهن جو تازو مثال، گلوڪاره زينت شيخ آهي، جيڪا ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ زينت شيخ ٺٽي جي رستن تي هٿ ڦهلائڻ تي مجبور ٿي پئي ۽ پيٽ مشڪل سان پالڻ لڳي هئي. اهڙيءَ طرح مشهور الغوزي نواز الهه بچايو کوسو پڻ آخري ڏهاڙن ۾ سنڌ حڪومت کان توڙي دوستن کان به وسري ويو ۽ لاچاريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، وارثن وٽ ايترا پئسا به نه هئا، جو هو ان کي ڪراچي کڻائي علاج ڪرائي سگهن ۽ سينيئر اداڪار رشيد صابر جنهن فن کي 45 سال ڏنا، هن نه صرف اداڪاري ڪئي پر ڊراما به ليکا، ريڊيو ۽ اسٽيج لاءِ پڻ ڊراما لکيا ۽ انهن ۾ ڪم به ڪيو پر سومر ڏهاڙي کان گڙدن جي ناڪاره ٿي وڃڻ کانپوءِ پاڻ مقامي اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ داخل هو پر ان جي پرگهور ثقافت کاتي کانسواءِ ڪنهن ڪو نه لڌي، رشيد صابر، جيڪو هڪ مذهبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو پر جڏهن شوبز ۾ آيو ته هن جو والد هن کان ناراض ٿيو، رشيد صابر جو والد ديني مدرسي ۾ پڙهائيندو هو ۽ رشيد صابر به مولوي فاضل جو امتحان ڏئي عربي استاد مقرر ٿيو هو پر هن حيدر آباد ۾ اديبن ۽ شاعرن سان اٿڻ ويهڻ ڪري لکڻ پڙهڻ جو ڪم 1960ع کان شروع ڪيو، هن کي ريڊيو پاڪستان حيدر آباد تي استاد مخدوم امير احمد وٺي آيو، ۽ 1964ع ۾ هن پهريون ڀيرو تقرير ڪئي، هن کي 15 رپيا معاوضو مليو، اهڙي طرح رشيد صابر ريڊيو پاڪستان حيدر آباد لاءِ مذهبي پروگرام، ڊاڪيومينٽري لکڻ شروع ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي آواز ۾ پڻ پيش ڪيو، رشيد صابر گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائبريري پڻ ٺاهي هئي، جنهن ۾ اٺ هزار کان مٿي ڪتاب رکيل آهن، انهن لاءِ پڻ پريشان رهندو هو ته انهن ڪتابن جو ڇا ٿيندو، 300 کان وڌيڪ اردو، سنڌي ريڊيو لاءِ ڊراما لکيا، جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هن جا لکيل ڊراما مشهور ويا، انهن ۾ قرباني، گلن جي راڻي ۽ گلدستو شامل آهن. مرحوم رشيد صابر اسٽيج لاءِ پڻ وڏو ڪم ڪيو، هن اسٽيج ڊرامن جي هڪ سوسائٽي ٺاهي هئي، جنهن ۾ نورمحمد لاشاري، يوسف علي ساقي، منظور مراد، آفتاب عالم، لياقت سولجر، نسرين ناز شامل هئا ۽ اڪثر ڪري جيڪب آباد ۾ هارس اينڊ3 ڪيٽل شو ۾ اسٽيج ڊراما ڪندا هئا، ان کانسواءِ پوري ٽيم حيدر آباد، بدين، ڪراچي، سيوهڻ شريف ۽ اسلام آباد ۾ پڻ اسٽيج ڊراما ڪيا، رشيد صابر ٻوليءَ جو ماهر هو، جيڪو به سندس سامهون سنڌي لفط صحيح نه اچاريندو هو، ان جي وضاحت پڻ ڪندو هو. وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ اهڙن عظيم ڪلاڪارن جو قدر سندن زندگيءَ ۾ نٿو ڪيو وڃي. مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
زندگي جي اسٽيج تان هڪ ڪردار جي موڪلاڻي امير منڌرو هن جي ڳوٺ جا رستا هاڻي سندس واپسي جو اوسئيڙو نه ڪندا. اڄ کان اڌ صدي پهرين، هو پنهجي ڳوٺ جي گهٽين تي آخري نظر وجهي، پنهنجي سفر تي روانو ٿيو هو. هو ان ارادي سان پنڌ پيو هو ته هڪ ڏينهن هو انهن پَٽن ۽ پڊن ڏانهن موٽ ضرور کائيندو، پر حالتن جي واچوڙي هن جي منزل ڪجهه ڊگهي ڪري ڇڏي. اڻ کٽ مفاصلن ۽ اڻ ورچ طبيعت ڪارڻ هن جي وري واپسي نه ٿي ۽ سندس اهو سفر نيٺ پڄاڻيءَ تي پهتو .سنڌ جو ناليوارو ليکڪ، اداڪار، فلمساز ۽ صداڪار رشيد صابر هن جهان مان موڪلائي ويو. هن شخص پنهنجي سموري حياتي علم ۽ ادب جي ڀرپور خدمت ڪندي گذاري ۽ عمر جي آخري گهڙين تائين هو زنده دل ماڻهو سراپا زندگيءَ جي علامت بڻيل رهيو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هئي ته رشيد صابر ذات جو منڌرو هو ۽ سندس تعلق بدين جي ان مذهبي گهراڻي سان هو، جنهن جون شاخون وقت جي نهايت ئي جيد عالم ۽ ’ڪنزت العبرت‘ سميت انيڪ ڪتابن جي ليکڪ مخدوم عبدالله نرئي واري سان ملن ٿيون. هي ئي اهو خاندان آهي، جيڪو ابوالحسن جي سنڌي (نور نامي) جهڙي ڪتاب وسيلي هر هنڌ معروف آهي. رشيد صابر هڪ مذهبي گهراڻي سان تعلق رکندو هو، جتي ساز سرود، ڊرامي ۽ فلم نالي ڪا به شئي وجود نه رکندي هئي، پر پوءِ هي شخص ان پاسي ڪيئن آيو؟ اها هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن جي هاڻي پڄاڻي ٿي وئي آهي. اسان هن کان جڏهن اهو سوال پڇندا هئاسين ته هو پنهنجي ڄمڻ واري ڳوٺ مڻڪي (جاتي) ۽ ٻاروتڻ واري مائٽاڻي ڳوٺ اڪريءَ جي مٽيءَ هاڻي رستي کان ساروڻين جو سفر شروع ڪندي، وڃي نور محمد هاءِ اسڪول جي ان ڪلاس روم ۾ دنگ ڪندو هو، جتي هو عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو. هي ان دور جي ڳالهه آهي، جڏهن اڪريءَ جي ڳوٺ متاري منڌري کان بدين شهر تائين به ڍڳي گاڏين وسيلي پهچبو هو ۽ سفر ڏاڍو اڙانگو هوندو هو. غربت ۽ علم جي اڻاٺ هئي. ۱۹۶۰ع ڌاري هي ٻهراڙيءَ جو ٻار پنهنجي پيءُ ميانجي عبدالله کان دعا وٺي نه رڳو حيدرآباد وڃي پهتو پر هن اتي اچي اهو ثابت به ڪيو ته هن جي اندر ۾ ڏات جا اڻ کٽ خزانا موجود آهن. هن کي ’صابر‘ جو تخلص مولانا غلام محمد گراميءَ ڏنو ۽ سموري حياتي هن ان تخلص کي پنهنجي سڃاڻپ بڻائي رکيو. جيتوڻيڪ هن گهڻي شاعري ته ڪانه ڪئي پر هن ڪافي ڪتاب ضرور لکيا ۽ ترجمو ڪيا. سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسيءَ تي هن کي ڪمال جي دسترس هوندي هئي. هن جي زندگيءَ ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار مخدوم امير احمد جو هو، جيڪو هن کي ادبي دنيا طرف وٺي آيو. اتان کان هو ريڊيو طرف مڙيو ۽ هن فن ۽ ڪلا جي دنيا ۾ جتي ريڊيو کي ’قرباني‘، ’گلن جي راڻي‘، ’گلدستو‘ ۽ ’منزل‘ جهڙا ڊراما ڏنا، اتي هن بطور اداڪار ۽ ليکڪ ٽي وي جي لاءِ ’ايک تهي مهرو‘، ’دوسري عورت‘، ’چودهوين رات‘، ’دشت‘، ’اونداهي لاٽ‘، ’ماروي‘، ’ڪونج‘، ’آئينو‘ ۽ ٻيا انيڪ يادگار ڊراما ۽ سيريل ڏنا. سنڌي فلم کي متعارف ڪرائڻ رشيد صابر جو هڪ پراڻو خواب هوندوهو. هن ’ڦل ماڇي‘، ’طوفان‘، ’گهاتو گهر نه آيا‘، ’ٽي قيدي‘ ۽ ’هوجمالو‘ سميت ۱۲سنڌي فلمون ۽ انهن جي لاءِ مڪالما به لکيا. سندس لکيل اردو فلم ’آخري گولي‘ گهڻي مقبوليت ماڻي. نه رڳو اهو پر هو ته اسٽيج ڊرامي جو به بادشاهه ايڪٽر، ليکڪ ۽ هدايتڪار هو. ’شادي شان واري‘، ’شادي يا تعدي‘ ۽ ’هل پنهل هل‘ سندس ڪجهه اهڙا اسٽيج ڊراما آهن، جن جو ذڪر ڪندي هو اڪثر ٽڙي پوندو هو. هن کي حيدرآباد واري گذاريل وقت سان تمام گهڻو جذباتي لڳاءُ هوندو هو. اسان جي پڇڻ تي اڪثر سائين رشيد صابر ان دور جي حيدرآباد جا نهايت ئي دلچسبپ قصا ٻڌائيندو هو.هي اهو دور هو، جڏهن امر جليل جو ٿاڪ به حيدرآباد ۾ هوندو هو. امر جليل سان تمام گهڻي مشابهت رکڻ جي ڪري، اڪثر ماڻهو هن تي ڀلجي کيس امر جليل سمجهندا هئا. هن امرجليل جي ڪهاڻين جو اردو ترجمو ڪيو ته کيس ادبي حلقن ۾ گهڻي مڃتا ملي. پاڻ ٻڌائيندو هو ته، ”انهن ڏينهن ۾ آئون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مذهبي پروگرام جا سوال جواب لکندو هئس ۽ ٿيو ايئن جو اتي ئي هڪ ڏينهن مونکي هڪ ڊرامي ۾ صداڪاري ڪرڻ جي آڇ ٿي ۽ مون به کڻي ’ها‘ ڪئي......“ ايئن هو صداڪاريءَ طرف آيو ۽ پوءِ اهو سلسلو ڊراما لکڻ، فلم ڊائريڪشن کان ٿيندو ٽي وي ۽ فلم جي اداڪاريءَ تائين اچي پهتو. آرٽ جي دنيا ۾ هن جو اچڻ سندس خاندان جي لاءِ هڪ ڏکيو مرحلو هو. مذهبي گهراڻي جا ماڻهو سندس مخالف ٿي بيٺا ۽ هن جو سماجي بائيڪاٽ ڪيو ويو. نهايت مضبوط حوصلو رکندڙ هن شخص ثابت قدميءَ سان پنهنجو ڪم جاري رکيو. جيئن جيئن مخالفتون وڌنديون رهيون، تيئن تيئن هو پنهنجي ڪم کي تيز ڪندو رهيو. هن جي آرٽ طرف اچڻ جي شروعات به اتان کان ٿئي ٿي ۽ پوءِ هن تمام گهڻن ريڊيو ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هو ريڊيو لاءِ مذهبي ڏهاڙن تي جتي شاندار مضمون لکندو هو، اتي ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکندو به هو، انهن جي هدايتڪاري ۽ انهن ۾ صداڪاري به ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ رشيد صابر صحافت طرف به آيو ۽ هن جا لکيل ڪالم پنهنجي دور ۾ نهايت پسند ڪيا ويندا هئا. هڪ دور پوءِ اهڙو به آيو، جو سنڌي اداڪارن جي پي ٽي وي جي اردو ڊرامن ۾ ڪاسٽ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ۱۹۷۵ع وارن ڏينهن ۾، رشيد صابر پنهنجن دوستن نور محمد لاشاري ۽ ٻين سان گڏ ڪراچي سينٽر جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، جڏهن ته هن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ سان به پنهنجو سلسلو آخر تائين ڳنڍي رکيو. هو علم ادب ۽ تاريخ سان تمام گهڻو چاهه رکندو هو. ڪجهه مهينا پهرين ڪراچيءَ ۾ سندس لياريءَ واري گهر جو سوين ڪتابن سان ڀريل ڪمرو ڏسي، منهنجي ننڍڙي پٽ شهمير نهايت معصوم انداز ۾ کانئس سوال ڪيو هو ته، ”سائين هي سڀ ڪتاب اوهان پڙهيا آهن؟“ ۽ هن مرڪندي معصوم ٻار جي سوال جو نهايت خوبصورت جواب ڏنو هو ته، ”پٽ، مون انهن ڪتابن سان گڏ پنڌ ڪيو آهي، هي منهنجا دوست آهن.“ هن جي وڇوڙي کان پوءِ هن جا اهي پراڻا دوست اداس ۽ اڪيلا آهن. هو ڪراچيءَ جي ماحول ۾ ڪجهه وقت نهايت اڪيلو رهڻ لڳو هو. پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جڏهن ڪي ٽي اين جي شروع ٿيڻ تي مون کيس نهايت خوش ٿيندي ڏٺو. هو، جنهن پي ٽي وي تي ڊائريڪٽرن اڳيان بيوس سنڌي آرٽسٽن جي اداس اکين جا منظر ڏٺا هئا، تنهن جي لاءِ سنڌين جو پنهنجو چينل هڪ وڏي خوشخبري هو. هن ڪي ٽي اين جي ڊراما سيريل ”سنگرام“ ۾جيڪو ڪردار نڀايو، اهو ته نه وسرندڙ آهي، پر ڊرامي جي رڪارڊنگ دوران هن جيڪو قرب ۽ محبت جو رشتو ڊرامي جي ليکڪ شاهنواز ڀٽي ۽ سندس ڀائرن اشفاق، ارشاد ۽ جيمس آباد واسين سان جوڙيو، اهو بيمثال آهي. هو جتي جتي به ويو، هن اتي محفلون مچايون ۽ محبتون پوکيون. هو هڪ عربي ڪهاڻي اڪثر ٻڌائيندو هو، جنهن ۾ هڪ لومڙ کي سندس دوست گدڙ بيوفائي ڪرڻ ۽ راز فاش ڪرڻ تي اهو گفتو ٻڌائيندو آهي ته، ”دوستن جون مجلسون امانتون آهن ۽ انهن ۾ جيڪي خيانتون ٿا ڪن، سي نيٺ ذلالتون ڏسندا“. رشيد صابر جيتوڻيڪ بدين سان تعلق رکندو هو پر هن سڄي زندگيءَ ۾ بدين ۾ صرف ٻه پروگرام اٽينڊ ڪيا، هڪ دفعو هن اسٽيج ڊرامو ڪيو ۽ ٻئي دفعي هن فنڪار بادل راهي ۽ شاعر ادريس نهڙئي جي پرڏيهه وڃڻ بابت هڪ پروگرام ۾ اڄ کان ٻارنهن تيرهن سال پهرين نثار کوکر ۽ شڪيل بچاڻيءَ سان گڏ اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي هئي. خير ادريس ۽ بادل ته ڪن سببن جي ڪري پرڏيهه وڃي نه سگهيا پر سائين رشيد اڪثر مونکي چوندو هو ته، ”ڀلا همراهن کي ميرواهه گورچاڻي ئي موڪليو ته منهنجو ۽ نثار کوکر جو پنڌ سجايو ٿئي.“ ماڻهو کانئس جڏهن ذات پڇندا هئا ته هو کلندي چوندو هو ته، ”بابا آئون آهيان ته منڌرو پر منهنجي ذات ’صبر‘ کائي ويو ۽ آئون ’صابر‘ بڻجي ويس.“ سندس اها شديد خواهش هئي ته هو پنهنجي عمر جا آخري ڏينهن پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ گذاري ۽ پنهنجي سوانح عمري لکي، پر هو چاهڻ جي باوجود به پنهنجي ان خواهش کي عملي جامو پهرائي نه سگهيو. هاڻي جڏهن هو پنهنجي هڪ ڀرپور حياتي گذاري، دارالبقا جو راهي ٿي ويو آهي، تڏهن سندس ڏاهپ سان ڀريل ڳالهيون ياد ڪري، دل هن جون اهي سڀ مجلسون پاڻ وٽ امانتون سمجهي، محفوظ ڪرڻ ٿي چاهي.
نامياري اداڪار ۽ صداڪار رشيد صابر جي ياد ۾ رفيق عيساڻي ميمڻ سنڌ جي سونهاري سرزمين سدائين اهڙن عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي ذهانت، ڏاهپ علم ۽ فن جي بدولت پنهنجو ۽ پنهنجي ديس جو وقار بُلند ڪيو آهي. اهڙين عظيم شخصيتن ۾ هڪ نالو مرحوم رشيد صابر جو پڻ آهي. رشيد صابر 10 جنوري 1945ع ۾ ٺٽي ضلعي جي جاتي شهر جي ڳوٺ مڻڪي متارو مينڌرو ۾ عالم دين عبدالله مينڌرو جي گهر ۾ جنم ورتو. کيس پڙهڻ جو شوق ته ننڍپڻ کان ئي هو. شروع ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪجهه مذهبي پروگرام ڪيا ۽ ڊاڪيومينٽريز لکيون ۽ انهن ۾ صداڪاري پڻ شروع ڪئي. رشيد صابر 1975ع ۾ حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيو، جتي هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ پاڪستان ٽيليويزن کان ڪئي. رشيد صابر کي سنڌي، اردو عربي ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. هن وڏي اسڪرين لاءِ 12 سنڌي فلمون پڻ تحرير ڪيون، جن ۾، گهاتو گهر نه آيا، طوفان، ڦُل ماڇي، برسات جي رات، سهڻا سائين، هو جمالو، ٽي قيدي، مهراڻ جا موتي، ان کانسواءِ اردو فلم ’آخري گولي‘ به سندس لکيل هئي. مرحوم رشيد صابر جن ڊرامن ۾ پاڻ اداڪاري ڪئي، انهن ۾، اونداهيءَ ۾ لاٽ، مارئي، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، ايڪ ٿي مهرو، چودهوين رات، دوسري عورت، دهشت، ڪونج، آئينو، اعتماد، آڏي پُڇا، تماشو، هڪ ڪنوار جو سوال آهي، شادي شان وارن جي ۽ آيا اڱڻ عجيب شامل آهن. ان کانسواءِ هن ٻين لاتعداد ڊارمن ۾ به ڪم ڪيو. سندس گفتگوءَ ۾ اڪثر پنهنجي وڇڙي ويل آرٽسٽن، جنهن ۾ مرحوم انور سولنگي، نور محمد لاشاري، مشتاق جسڪاڻي، شمشير الحيدري ۽ پنهنجي استاد مولانا غلام محمد گراميءَ جو ذڪر ڪندو رهندو هو، جنهن کيس ”صابر“ جو لقب ڏنو هو. رشيد صابر اسان ۾ موجود ناهي پر سندس علم، ادب، فن ۽ فڪر سنڌي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ سندس ادا ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.
رشيد صابر : هڪ سحر انگيز شخصيت شاهنواز ڀٽي انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ خبر ناهي ڪيترن ماڻهن سان ملندو رهندو آهي. ڪي ته کَن پَل ۾ وسري ويندا آهن، ته ڪي وري پنهنجي شخصيت جو اثر ڇڏي ويندا آهن، جو کين هميشه پيو ياد ڪبو آهي. رشيد صابر به اهڙين شخصيتن مان هڪ هو، جنهن جو احساس ڪڏهن چپن تي مسڪراهٽ ته ڪڏهن آهه جي اولڙي ۾ ڪِريل ڪو ڳوڙهو آهي. سندس شخصيت جو سڄو سحر سندس چپن تي ايندڙ مسڪراهٽ ۽ اکين ۾ چمڪ تي هو. ڇا کاڌو، ڇا پيتو، سمهڻ لاءِ هنڌ بسترو ڪيئن آهي، سِيءُ آهي اوڍڻ لاءِ ڪمبل آهي يا ناهي؟ بس کلندي کلندي سمهڻ ۽ وري سڀني کان سوير کلندي کلندي اُٿڻ. نه چهري تي ٿَڪ، نه ڪاوڙ ۽ نه ئي ڪا شڪايت. هن شخص نه ڪا فرمائش ڪئي ۽ نه ئي ڪا شڪايت. رشيد صابر ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪندو هو جو ڪنهن جي دل آزاري ٿئي. حالانڪ مزاح ڪرڻ سندس خاص ۽ پسنديده مشغلو هو. ڪنهن به موضوع تي ترت ۽ حاضر جوابيءَ سان ايترو ته سٺو مزاح چوندو هو، جو ماحول ۾ خوشگواري اچي ويندي هئي. سندس قد علم ۽ ادب جي حوالي سان تمام اوچو هو. سندس پروفائيل تي هڪ ليکڪ طور ٻه سئو کان وڌيڪ ڊراما آهن. مونکي موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا ”بُک، عشق ۽ ادب“ جون هِي سِٽون ياد ٿيون اچن، جنهن ۾ هو ڪنهن کي ياد ڪندي چوي ٿو ته، هاڻ آئون ڪجھه دير لکڻ بند ٿو ڪريان ۽ هُن کي ياد ڪري روئڻ ٿو چاهيان. سچ پُڇو ته هن وقت منهنجي به اهائي ڪيفيت آهي.