سنڌي بلاگنگ لاء هڪ ٻيو بلاگر ٽيمپليٽ

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    چوندا آهن ته ڪنهن کي مڇي ڏئي کارڻ کان بهتر آهي ته ان کي مڇي پڪڙن سيکارجي۔ هاڻي اوهان پڇندا ته ڪٿي بلاگنگ ڪٿي مڇي! هههه۔۔۔ مڇي پڪڙڻ سيکارڻ مان منهنجي مراد آهي پنهنجو بلاگ پاڻ ٺاهي ان ۾ پنهنجي ضرورت موجب تبديليون ڪرڻ جڏهن ته مڇي پڪڙي ڏيڻ مان منهنجو ٺهيل ٺڪيل بلاگ جو ٽيمپليٽ پيش ڪرڻ آهي جنهن کي صرف اپلوڊ ڪري سنڌي بلاگنگ شروع ڪجي۔ بلاگنگ سيکارڻ وارو عمل اڃان جاري آهي ۽ نيون نيون شيون سکڻيون آهن. پر دوستن جي بلاگنگ ۾ دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته وقت سان گڏو گڏ ٽيمپليٽ پڻ پيش ڪجن.

    سنڌي بلاگنگ لاءِ بلاگر جو پهريون سنڌي ٽيمپليٽ سائين ذيشان رشيد جن اڳيئي پيش ڪري چڪا آهي. جنهن کي شاندار موٽ ملي هي ٻي ننڍڙي ڪوشش منهنجي طرفان. اميد سٺي موٽ جي آهي. بلاگر جو هي ٽيمپليٽ پڻ بلاگر جي ويب سائيٽ تي موجود هڪ بلاگ ٽيمپليٽ Ethereal کي سنڌي ترتيب ڏئي ٺاهيو ويو آهي. هن ٽيمپليٽ ۾ تبديلي جي گهڻي گنجائش آهي، اميد ته دوست استعمال ڪري هن ٽيمپليٽ ۾ سامهون ايندڙخامين کان آگاه ڪندا. هن ٽيمپليٽ ۾ هيٺيون خصوصيتون شامل ڪيون ويون آهن.

    * سنڌي بلاگنگ لاءِ تحريرن توڙي تبصرن جو رخ ساڄي کان کاٻي پاسي ڪيو ويو آهي
    * گوگل ڪروم، اوپيرا ۽ سفاري ويب برائوزر ۾ سنڌي فونٽس ڪنهن به قسم جي انسٽاليشن کان سواءِ نظر ايندا. فونٽس ۾ ايم بي لجپت راءِ، شبير ڪنڀار ايم بي سوکڙي، ايم بي سپرين بولڊ شامل آهي.
    * سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هڪ نئي پاپ اپ ونڊو ۾ سائين ماجد ڀرڳڙي جو سنڌي نويس شامل ڪيو ويو آهي.
    * بلاگر جي نيويگيشن بار مائوس جي ڪرسر رکڻ پاڻمرادو ظاهر ٿي ويندي، ٻي صورت ۾ غائب رهندي
    اسڪرين شاٽ
    [​IMG]




    انسٽاليشن جو طريقو مان سائين ذيشان رشيد رشيد جي مٿي بيان ڪيل تحرير مان جيئن جو تيئن پيش ڪري رهيو آهيان:

    انسٽاليشن جو طريقي ڪار۔۔۔
    موضوع سان منسلڪ زپ فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪري ايڪس ايم ايل فائيل حاصل ڪريو۔۔۔
    ڊيش بورڊ تي سائن ان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو بلاگ چونڊيو۔۔۔ ۽ کاٻي پاسي موجود انگريزي لفظ Template تي ڪلڪ ڪريو۔۔ هاڻي ساڄي پاسي موجود Backup / Restore لفظن تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي چاهيو ته پنهنجي موجوده ٽيمپليٽ جو بيڪ اپ وٺي رکو ۔۔ ان کانپوءِ برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ايڪسٽريڪٽ ڪيل ايڪس ايم ايل فائيل جي لوڪيشن ڏيو ۽ اپلوڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    ۽ ڪم مڪمل ٿيو۔۔۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    تازا ترين: (ڊسمبر 12، 2012)
    پهريان اپلوڊ ڪيل بلاگر ٽيمپليٽ ۾ ڪجهه نقص هجڻ ڪري نئون ٽيمپليٽ اپلوڊ ڪيو اٿم۔ هن ٽيمپليٽ ۾ بنيادي فونٽ ”عوامي“ ۽ ”سارم سامي“ استعمال ڪيا ويا آهن۔
    هاڻي اوهان ڪنهن به ويب برائوزر ۾ فونٽ انسٽال ڪرڻ کان سواءِ سنڌي تحريرون بالڪل ٺيڪ طرح سان ڏسي سگهو ٿا۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ۔۔۔۔ مطلب ته هاڻي سنڌي بلاگنگ ۾ اسان خود ڪفيل ٿي وينداسين۔ اوهان دوستن کي جس هجي جن سهڻا ٽيمپليٽ ۽ ترجما اسان جي سهولت لاء آندا آهن۔

    مون پنهنجي بلاگ تي تجربو ڪيو ۔۔۔۔۔ هي ڏسو

    تاريخ جي ورقن مان
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه سائين۔توهان به معني ماهر آهيو ني۔تمام سٺو ڪم ڪيوآهي جو ٻيو سنڌي ٽيمپليٽ آيو آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تازا ترين: (ڊسمبر 12، 2012)
    پهريان اپلوڊ ڪيل بلاگر ٽيمپليٽ ۾ ڪجهه نقص هجڻ ڪري نئون ٽيمپليٽ اپلوڊ ڪيو اٿم۔ هن ٽيمپليٽ ۾ بنيادي فونٽ ”عوامي“ ۽ ”سارم سامي“ استعمال ڪيا ويا آهن۔
    هاڻي اوهان ڪنهن به ويب برائوزر ۾ فونٽ انسٽال ڪرڻ کان سواءِ سنڌي تحريرون بالڪل ٺيڪ طرح سان ڏسي سگهو ٿا۔

    نئون ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مهرباني سائين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
  7. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    132
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر دي سنڌ آنلائن
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
    ادا ھي مسئلو اچي ٿو ،
    ھن جو ڪو حل ڪڍو،
    موبائل مان بلاگر تي سنڌ سلامت جي ھر ٽيمپليٽ ۾ ھيٺيون مسئلو اچي ٿو،

    We were unable to save your template.
    Your template could not be parsed as it is not well-formed. Please make sure all XML elements are closed properly. XML error message:
    Content is not allowed in prolog.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا اوهان ٽيمپليٽ ۾ ڪا تبديلي ته نه ڪئي آهي؟
     
  9. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    132
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر دي سنڌ آنلائن
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
    ادا مسئلو حل ٿي ويو، سنڌ سلامت جي ٿورن
    اصل ۾ مسئلو فارميٽ جو ھو

    زپ مان ايڪس ايم ايل تي ٽيمپليٽ کي ڪنورٽ ڪرڻو ھو،
    ڳالھ سمجھ م اچي وئي،
    اميدون ٽيمپليٽ بلاگ تي لڳايو آھي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو