وسري ويل ڳوٺ

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    حڪومت کان وسريل ڳوٺ حڪيم سنديلو
    [​IMG]
    سمير سنديلو
    گذريل ڪيئي سالن کان حڪومت ۽ هتان جي ايم پي اي، ايم اين اي طرفان نظر انداز ڪيل ڳوٺ حڪيم سنديلو جيڪو هينئر بنيادي سهولتن کان به محروم رهجي ويو آهي ۽ لاتعداد مسئلن جي ور چڙهي ويوآهي، هن ڳوٺ ۾ تعمير ٿيل گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۽ گرلز اسڪول تي نظر وجهبي ته تقريبن گذريل ويهن 20 سالن کان اسڪولن جي مرمت نه ٿيڻ سبب اسڪول پراڻن کنڊرن جيان ڏيک ڏيئي رهيا آهن، ديوارن ۾ ڏار پئجي چڪا آهن ۽ ڇتين جا چاپر ڪري رهيا آهن. ٻنهي اسڪولن جا مين گيٽ ٽٽي چڪا آهن ۽ ٻئي پاسي اسڪول ۾ لڳل موٽر ۽ نلڪا ائين پٽيا ويا آهن جيئن ٿر يا ڪنهن ٻئي وارياسي علائقي ۾ نلڪا پاڻي نه ڏيڻ ڪري اتان کان پٽيا ويندا آهن. اسڪولن ۾ ٺاهيل باٿ روم هاڻي ڊرڀن ۽ ٻوڙن جي ور چڙهي جنن جي حويلين جيان نظر اچي رهيا آهن، اسڪولن ۾ پوکيل بيد جا وڻ ۽ گل ٻوٽا ائين وڍرايا ويا جيئن هو هڪ خواب هجن ۽ اکيون کُلڻ سان اهو خواب ختم ٿي چڪو هجي ايڏي ويڌن هوندي به ڪڏهن ڪو سپروائيزر يا ڪو ايم اين اي، ايم پي اي سار سنڀال لهڻ ڪونهي آيو. اسڪولن لاءِ ايندڙ فنڊ ويهن سالن کان ظاهر ئي ناهن نه ئي ڪڏهن ڪنهن ڪاموري اها جاچ ڪئي آهي ته اهي فنڊ ڪنهن جي هٿن سان ڦريا ويا ۽ اسڪولن ۾ پوکيل سرڪاري وڻ ڪنهن پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي وڍرايا ۽ انهن وڻن، نلڪن، موٽرن ۽ سالانه ايندڙ فنڊن جا پئسه ڪيڏانهن ويا. ان صورتحال مان ٻه تاثر پيدا ٿين ٿا هڪ يا ته حڪيم سنديلو جي اسڪولن جا سالانه فنڊ مٿان کان نه پيا اچن ۽ ٻيو اگر مٿان کان فنڊ اچن پيا ته هيٺيان ڪجهه ڪامورا ملي ڀڳت ڪري اهي فنڊ پاڻ ۾ ورهائي کائن پيا جنهن سبب هن محل تائين نه فنڊن جي جاچ ڪئي ويئي آهي ۽ نه ئي نلڪن، موٽرن ۽ وڻن جي جاچ ڪئي وئي آهي. هاڻ ٿوري نظر اسڪولن جي پڙهائي طرف ڏينداسين ته 1990ع واري ڏهاڪي ۾ انهن ئي اسڪولن ۾ وڻ، ٻوٽا، راندين جا ميدان، نلڪا، موٽر استعمال لاءِ سُٺا باٿ روم هوندا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ هيڊ ماستر ۽ پنچ استاد هوندا هئا بهتر ۽ معياري تعليم هجڻ سان گڏوگڏ پنج ئي ڪلاس روزانو بهتر نموني هلندا هئا ۽ هاڻوڪي دور ۾ جتي ٽيڪنالاجي ترقي ڪري چڪي آهي دنيا جا سڀ ملڪ تعليم طرف وڌ کان وڌ ڌيان ڏيئي رهيا آهن ان حساب سان هتان جي اسڪولن ۾ به گهڻي تبديلي اچڻ گهرجي ها پر حڪومت ۽ حڪومتي ڪامورن جي مهربانيءَ سان بوائز اسڪول ۾ هڪ هيڊ ماستر ۽ هڪ ٽيچر آهن ۽ هڪ ئي ڪلاس ۾ پهرين کان پنجين درجي تائين ٻارن کي تعليم ڏني پئي وڃي ۽ گرلز اسڪول ۾ به ساڳي صورتحال آهي اتي به هڪ هيڊماسترياڻي ۽ هڪ ماسترياڻي پراڻن تباهه حال کنڊرن ۾ ٻه ڪلاس هلائي رهيون آهن. هڪ اسڪولن جا ويهن 20 سالن کان وٺي فنڊ کاڌا ويا، ٻيو اسڪولن جي ويهن 20 سالن کان مرمت نه ٿي آهي، ٽيون اسڪولن جا وڻ ذاتي ملڪيت سمجهي پيئسن تي وڪرو ڪياويا، چوٿون اسڪولن جا موٽر، نلڪا پٽي وڪرو ڪيا ويا، پنجون هٿ سان ڳوٺاڻن جي تعليم تباهه ڪري نئين نسل کي پٺتي دڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه اين جي اوز طرفان ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ ٺاهيل جڳاڙي اسڪولن جي ڳالهه ڪندو هلندس ته اين جي اوز وارا هڪ طرف پاڻ کي رهبر پيا سمجهن ته ٻئي پاسي ڪرپشن ڪري رهيا آهن، حڪيم سنديلو جي اسڪولن جي پهريائين تعليم تباهه ٿي چڪي آهي مٿان وري اين جي اوز جي نون اسڪولن نئين نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي هن وقت ڳوٺ جي ٻارن کي معياري تعليم جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڳوٺ ۾ معياري تعليم جو پري پري تائين نالو نشان ئي ظاهر ڪونهي اتي وري اين جي اوز وارا ذاتي مفادن ۽ ڪرپشن ڪري چوڏهن کان ارڙهن سالن جي ڇوڪرين جي نگراني ۾ ٻارن کي تعليم ڏيئي رهيا آهن جن ڇوڪرين اڃان پنهنجي ئي تعليم سٺي نموني سان مڪمل نه ڪئي آهي. چوڏهن کان ارڙهن سالن جون ڇوڪريون معصوم ٻارن کي ڪهڙي معياري تعليم ڏيئي سگهن ٿيون، الف کان ي تائين ۽ A کان Z تائين الفابيٽ اچڻ سان اگر ڪو سٺو ٽيچر ٿي سگهي ٿو ته پوءِ بي اي ۽ ايم اي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت ۽ سرڪاري اسڪولن جي ڪهڙي ضرورت پوءِ ته هر ڪو پنهنجي ٻارن کي گهر ويٺي پنهنجي نگراني ۾ پڙهائي سگهي ٿو. اين جي اوز وارن کي ان طرف ٿورو ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ذاتي مفادن ڪري ٻارن جي بنيادي تعليم اگر تباهه ٿي ويندي ته پوءِ ٻار اڳتي هلي ڇا پڙهندا کالي اسڪول کولڻ ۽ ٻار ڪٺي ڪرڻ سان پنهنجا مفاد پورا نه ڪيو ڪجهه انهن معصومن جي فيوچر جو به سوچيو جيڪي چوڏهن کان ارڙهن سالن جي ٽيچرز جي نگراني هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن. ڇا توهان جو اهڙو عمل ٻارن جي فيوچر ۾ مددگار ثابت ٿيندو؟ مان اين جي اوز وارن کي گذارش ڪندس ته پهريان توهان ڳوٺن جي سروي ڪيو ٽيچرز کان انٽروويو ڪيو اگر ڪو ٽيچنگ لائق آهي ته ان کي نوڪري ڏيو باقي ڪرپشن ڪري پنهنجو بينڪ بئلنس ٺاهي معصوم ٻارڙن جي زندگين سان ويساهه گهاتيون ڪرڻ بند ڪيو. ايتري ڦرمار هجڻ باوجود به ڪو سرڪاري ڪامورو سروي ڪرڻ لاءِ اچڻ جي زحمت نه پيو ڪري اها ڳوٺ حڪيم سنديلو سان ناانصافي ناهي ته ٻيو ڇا آهي...!
    هاڻي ٿوري نظر ڳوٺ جي گندي پاڻيءَ جي نيڪالي لاءِ تعمير ڪيل ڊرينيج سسٽم تي وجهبي ته ان جو ڏيک اسڪولن کان به وڌيڪ تباهه حال نظر ايندو، مشينري ڪافي سالن کان خراب هجڻ ڪري زنگجي چڪي آهي، ڳوٺ جو گندو پاڻي ٻاهر خارج نه ٿيڻ ۽ کوهه ۾ بيهڻ سبب پائيپ ڳري ٽٽي چڪا آهن ڊرينيج مشينري جي چئوديواري آهستي آهستي ٽٽي هاڻي صرف مين گيٽ وڃي رهيو آهي باقي چئوديواري آهي ئي ڪو نه، ڊرينيج سسٽم جا فنڊ به ذاتي عياشين ۾ پورا ڪيا ويا جنهن سبب ڳوٺ جو گندو پاڻي ڳوٺ جي لڳ کڏ ۾ وهڪرو ڪرڻ سبب ڳوٺ ۾ مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن ۽ ان جي جاچ لاءِ به ڪوئي ڪامورو ڪڏهن لڙي ڪونهي آيو اگر ڪنهن منهن ڏيکاريو آهي ته ان پنهنجو منهن مهانگو ڪري ڇڏيو ۽ ٻيهر ڳوٺ طرف اچڻ جي زحمت ئي نه ڪئي اٿئين.
    هاڻي وري نظر وجهبي ڳوٺ جي مين رستن تي ته مين رستا به بلڪل تباهه ٿي چڪا آهن ۽ جيئن مون مٿي ڄاڻايو ته ويهن سالن کان وٺي ڳوٺ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي جنهن سبب اسان جي ڳوٺ جا مين رستا به بلڪل ٽٽي ويا آهن، بس ۽ ڪار ته رهي پري پر هنن رستن تان موٽر سائيڪل ڪراس ڪرڻ ۾ به ڳوٺاڻن کي تڪليف ٿي رهي آهي جيئن پراڻي وقت ۾ هڪ طرف کان ٻئي طرف وڃڻ لاءِ وچ ۾ ڪنهن ٿڏي يا ڪاٺيءَ جي ٻنڌ رکي رستو ٺاهيو ويندو هيو ۽ سائيڪل وغيره هٿ ۾ پڪڙي ڪراس ڪئي ويندي هئي هاڻي اهو ساڳيو ئي دور حڪيم سنديلو واسين لاءِ وري موٽ کائي رهيو آهي ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت جڏهن ڪا وڏي گاڏي مين رستي تي ڦاسي پوندي آهي ته ان کي ڪڍڻ لاءِ ڪوڏريون کنيون وينديون آهن رستي تي مٽي اڇلائي گاڏيءَ جو لنگهه ٺاهي گاڏي ڪراس ڪئي ويندي آهي پر تڏهن به ڪنهن ايم پي اي، ايم اين اي ان طرف ڌيان ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي آهي.
    هاڻي وري ٿوري نظر ڳوٺ حڪيم سنديلو جي ڀر ۾ وهندڙ دادو ڪئنال تي وجهبي ته بيلدارن جي ڪرپشن سبب دادو ڪئنال تي لڳل وڻ ته پئسن تي وڪرو ڪيا ويا پر ڪيترن ئي سالن کان دادو ڪئنال جي ڪپرن جي مرمت نه ٿيڻ سبب دادو ڪئنال جون ڪپرون پوري طرح کاڄي تباهه ٿي چڪيون آهن ۽ جڏهن پاڻي چاڙهه ڪندو آهي ته ڪپرن مٿان ڪراس ڪري مين رستن تي وهڪرو ڪندو آهي ۽ بيلدار مٿان پئسه وٺي هڙپ ڪري ڪپرن کي عارضي طور وڻن جا ٿڏا ڏئي ٿوري مٽي هاري ننڍي ٻنڌ ڏيندا آهن جنهن سبب هاڻي دادو ڪئنال جي صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي چڪي آهي ڪهڙي وقت به کنڊ لڳي سگهي ٿو ۽ ڳوٺاڻن جي جان، مال، ملڪيت کي 24 ڪلاڪ خطرو آهي.
    ويهن سالن ۾ ڪيتريون ئي حڪومتون آيون اسان جي ڳوٺ مان ووٽ وٺي ويون پر انهن ويهن سالن ۾ ووٽ وٺڻ ۽ اقتدار ملڻ کان پوءِ ڪير به هن ڳوٺ جي مسئلن کي حل نه ڪري سگهيو آهي. اگر آهستي آهستي هر ٻئي سال به اسان جا مسئلا حل ڪيا وڃن ها ته هن وقت تائين ڪافي اسان جا مسئلا حل ٿي چڪا هجن ها ۽ هينئر حڪيم سنديلو جي اهڙي صورتحال نه ٿئي ها.! ڇا حڪمران صرف ووٽن لاءِ همدرد آهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نه؟
    هن ڀيري ڏسڻو اهيو آهي ته هڪ طرف پيپلز پارٽي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي آهي ۽ ٻئي پاسي اليڪشن به ويجهي آهي ڇا هن ڀيري ويهن سالن کان نظر انداز ڪيل ڳوٺ حڪيم سنديلو جي سار ڪو جمهوري حڪومت جو ڪامورو لهڻ اچي ٿو يا نه! ڳوٺاڻن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪو ايم اين اي، ايم پي اي اليڪشن کان اڳ لڙي اچي ٿو يا نه.!؟
    اسڪولن لاءِ ايندڙ سالانه فنڊ، ڊرينيج سسٽم جا فنڊ ۽ ٻين ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ فنڊ ۽ اسڪولن مان وڻ، نلڪا، موٽر، دادو ڪئنال جي وڍيل وڻن جي ڪو جاچ ڪري ٿو يا نه ۽ انهن هٿن تي سرڪار سڳوري قانون مطابق هٿڪڙيون هڻي سزا ڏيندي يا نه جن هٿن ويهن سالن کان وٺي حڪيم سنديلو جي ترقياتي ڪمن جا فنڊ ۽ قانون جي لتاڙ ڪري اسڪولن جا سرڪاري وڻ،نلڪا، موٽر وڍرائي ذاتي عياشين ۾ پئسا لٽايا ۽ ڳوٺاڻن سان ويساهه گهاتي ڪئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو