1356 اٽيچمينٽ ڏسو يعقوب زڪريا : سنڌ جوليجنڊ يعقوب ذڪريا جو اصل نالو بشير هو پاڻ 1943ع ۾ انڊيا جي ڪاٺياواڙ اوپليا ڳوٺ ۾ محمد ذڪريا جي غريب گهراڻي ۾ اک کولي، جڏهن ته پاڪستان آزاد ٿيڻ کانپوءِ مرحوم جو خاندان ڀارت مان هجرت ڪري پاڪستان لڏي حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. مرحوم جڏهن 14 سالن جي ڄمار جو هو ته گهڻو بيمار رهڻ لڳو جنهن تي سندس والده نالو مٽائي بشير مان يعقوب رکيو ۽ مرحوم ذات جو ڪاٺياواڙي هو. مرحوم کي 3 پٽ ۽ 3 ڌيئرن جو اولاد آهي، سيڪنڊري تائين تعليم حاصل ڪندڙ مرحوم يعقوب ذڪريا گهريلو ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پڙهي نه سگهيو، مرحوم حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي 1958ع ۾ آڊيشن ڏنو ان وقت حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي اداڪار مصطفيٰ قريشي ۽ مرحوم پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ، مرحوم اداڪار محمد علي به ريڊيو تي ايندا هئا. ريديو تي هن پهريون ڊرامو ”بهادر“ ڪيو. هن ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن تي تقريبن ٻن هزارن کان مٿي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. 1970ع ۾ پي ٽي وي تي مرحوم پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ کيس متعارف ڪرايو. عبدالڪريم بلوچ ”گنهگهار“ ڊرامي ۾ يعقوب ذڪريا کي ڪاسٽ ڪيو. ا ن کانپوءِ مرحوم پروڊيوسر هارون رند جي سنڌي سيريل ”راڻي جي ڪهاڻي“ ۾ جمعدار ڪوڙو خان جو ڪردار ڪيو جيڪو تمام مشهور ويو. ان ئي سيريل کي اردو زبان ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان جڏهن ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويو ته ڊرامي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي پذيرائي ملي. ان وقت جي صدر جنرل ضياءَ الحق ”ديوارين“ ٽيم کي ايوان صدر ۾ کيس ايوارڊز ۽ ٻين اعزازن سان نوازيو هو. جڏهن ته ڊرامي ”جهنگل“ ۾ هن پوپري جي پيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو. يعقوب ذڪريا اڍائي سئو کان وڌيڪ اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، ڊرامن ۾ نوري چام تماچي، عورت ڪهاڻي، جانگلوس، با ادب با ملاخظه هوشيار، نجات، روز زندان، ست رنگي، اين آئي سي ڊي، ڊيڊ لائن، فٽ پاٿ، ادهورا انسان، پس آئينه، يه جدائي، ساگر ڪا آنسو، ڪونج ۽ ٻيا شامل آهن. يعقوب ذڪريا فلمن ۾ به ڪم ڪيو فلمن ۾ گهونگهٽ، ڪنوار، محبوب مٺا، مٺڙا شال ملن، محب شيدي ۽ اردو ۾ استادون ڪي استاد، خطرناڪ حسينا شامل آهن. فلمن کان سواءِ مرحوم اسٽيج جي سوين ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو. اردو سيريل ”ڪاروان“ ۾ سکان جي پيءُ جي ڪردار کي حقيقي رنگ ڏيڻ لاءِ مرحوم يعقوب ذڪريا پنهنجا 32 ڏند ڪڍرائي ڪردار کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ کيس بهترين اداڪاري تي داد مليو، هي اهڙو ڪردار هو جيڪو پي ٽي وي پاران کيس بنا مقابلي جي ايوارڊ ڏنو وڃي ها پر سنڌي هئڻ جي ڪري کيس ايوارڊ کان محروم ڪيو ويو، هڪ اهڙو ڪردار مرحوم يعقوب ذڪريا ڪيو جيڪو ڊائريڪٽر جي ڊمانڊ به نه هئي جڏهن ته سنڌي فنڪارن ۾ هن هڪ تاريخي قرباني فن لاءِ ڏئي ڪري ڪردار کي امر ڪري ڇڏيو. يعقوب ذڪريا 65 ورهين جي ڄمار ۾ 8 ڊسمبر 2008ع ۾ دل جو دورو پوڻ سبب حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. _______ روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
يعقوب ذڪريا: فطري اداڪاري ڪندڙ سيد يار محمد شاهه سنڌ جي فن جي تاريخ ۾ يعقوب ذڪريا هڪ وڏو نالو ۽ وڏو فنڪار هو. هو غريب ڪلاس سان تعلق رکندڙ حيدرآباد ۾ فورسيٽر ۽ رڪشا هلائي پيٽ پالڻ وارو فنڪار هو. ريڊيو هجي، اسٽيج هجي، ٽي وي هجي يا سنڌي فلم هجي، نور محمد لاشاري کانپوءِ يعقوب ذڪريا اهو نيچرل فنڪار هو جنهن کان سنڌي پروڊيوسرن کان وڌيڪ اردو پروڊيوسر متاثر هوندا هئا. اردو پروڊيوسر اقبال انصاري جنهن کي آئون به پنهنجو استاد مڃيندو آهيان، ان جڏهن ڊراما سيريل ”ڪاروان” ۾ يعقوب ذڪريا کان سکان جي پيءُ جو ڪردار ڪرايو، جيڪو هن نيچرل طريقي سان ڪيو. هن غريب ٿريءَ جو ڪردار، گڏهه تي چڙهي، ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي دهل وڄائي پنڻ وارو ڪردار ايڏو نيچرل ڪيو جو سڄي ڊرامي ۾ اهو ئي ڪردار نيچرل ٿي لڳو. ان کان اڳ جرمنيءَ مان ايوارڊ ماڻيندڙ پروڊيوسر هارون رند مرحوم جي ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ کان وٺي، پنهنجي خوبصورت اداڪاريءَ سان محبت ڪرڻ واري شخصيت کي هر ڪنهن جي بڪنگ جو کيس اونو هوندو هو. نه صرف پنهنجي لاءِ پروڊيوسرن وٽ ويندو هو، پر جڏهن به محسوس ٿيندو هو ته فلاڻو اداڪار يا اداڪاره وٽ ڪم نه آهي ۽ ان جي معاشي حالت درست نه اٿس، ڪنهن سان اظهار به نٿو ڪري سگهي ته يعقوب ذڪريا اهو محسوس ڪرڻ کانپوءِ، ان جي لاءِ هر پروڊيوسر وٽ هلي وڃي ڪم حاصل ڪري، ان اداڪاره يا اداڪار کي فون ڪرائي ڏاڍو خوش ۽ مطمئن ٿي ويندو هو. مون سان سندس بي انتها ويجهڙائپ هوندي هئي. ڪراچيءَ هجان، ٽنڊو آدم هجان يا مٽياريءَ، موقعو ڪڍي ضرور ايندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فن ۽ فنڪارن تي ڪچهريون ڪرڻ کانپوءِ هو سڀني بيرزوگار فنڪارن جي ڪم ڏيڻ يا ڏيارڻ جي ڳالهه ڪري ويندو هو. منهنجي ٽي وي لاءِ لکيل ڪافي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين ۽ منهنجي سنڌي اسٽيج پلي ”اڄ ته خبر پوي“ جيڪو مون ٽنڊو آدم ۾ ”لطيف گولڊ ميڊل“ جي تقريب دوران پيش ڪيو هو، ان ۾ هڪ ڪاٺياواڙي سيٺ جو ڪردار ڪيائين. اهڙيءَ طرح منهنجي سنڌي فلم ”علي گوهر“ ۾ هيروئن جي پيءَ ۽ هڪ مظلوم هاريءَ جو ڪردار ڪيائين. اهڙيءَ طرح منهنجي سنڌي فلم ”محب شيدي“ ۾ محب جي پيءَ جو يادگار ڪردار ڪيائين ۽ جڏهن هو مرحومه ميڊم روشن عطا سان گڏ، مظلوم ڪردار ڪندو هو ته اها اداڪاري نه بلڪ حقيقت محسوس ٿيندي هئي. بلڪ هو اسانکي پنهنجي اداڪاريءَ سان روئاڙيندو هو. خوبصورت ۽ پر مزاح گفتگو سان کلائيندو به هو. مون سان گڏ هن محمد بخش سميجو صاحب جي ڪيترن ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. بھرحال يعقوب ذڪريا نيچرل سنڌي اداڪار هو. حالانڪ هو ڪاٺياواڙي ميمڻ هو پر ڪڏهن به ڪنهن محسوس نه ڪيو ته هو نج سنڌي نه آهي. بلڪ هو اسانکان وڌيڪ نج سنڌي لهجي ۾ ڳالهائيندو هو. هڪ دفعو اقبال انصاري چيو ته؛ ”شاهه صاحب! يعقوب ذڪريا اگر هندوستان ۾ هوتا تو وهان کي بڙي بڙي فنڪارون کو اڙا ديتا“، خاص ڪري سندس چوڻ هو ته هو ته گهڻن هندوستاني وڏن اداڪارن کان وڏو فنڪار آهي. ٻين اردو پروڊيوسرن ۾ ڪاظم پاشا کيس تمام گهڻي بڪنگ ڏيندو هو. هُن يعقوب ذڪريا ۽ ٻين سنڌي فنڪارن ۽ رائيٽرن جي باري ۾ هڪ ڏينهن مونکي چيو ته؛ سنڌي فنڪار ۽ رائيٽر قدرتي فنڪار آهن. ڪاش هي سڀ هالي ووڊ يا هندوستان ۾ هجن ها ته هي فنڪار بلندين جي عروج تي هجن ها، پر جيئن ته هو برگري پروڊيوسر آهي ۽ سنڌين جي ڪردار ۽ رويي کان محتاط رهندو آهي، ان ڪري صرف مون سان، شفيع محمد شاهه ۽ محمود صديقي سان ويجهڙائپ رکيائين پر اها به هڪ حد تائين. يعقوب ذڪريا لازوال فنڪار هو. انهن ڏينهن ۾ آئون، عراق ويل هوس. واپسيءَ تي خبر پئي ته همراهه وڃي مليو ماروئڙن سان. الله کيس جنت نصيب ڪري. ڪراچي ٽي وي يا پاڪستان ٽي وي وارا يا سنڌ جي ثقافت جي کاتي وارا کيس ٻين وانگر نه به کڻي ياد ڪن، پر هو سنڌي فن جي تاريخ ۾ هميشه نمايان ئي رهندو.