داستان عمر مارئي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2012۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    عمر منهنجون اباڻن ۾ ادا پل پل پچارون ڏس،​
    روئن سرتيون ڀريو سڏڪا، کنيو هٿڙا ويچاريون ڏس۔​
    (1) ​
    لُلر لوڻڪ چِڀڙ ڇاهيون، گزارو جن جو کاهڙ ۾،​
    پٽيو کائن پڪا پيرو، ڪيو سلهٽ سنگهاريون ڏس۔​
    (2) ​
    پلنگ پينگهن کٽولن کي، ڇڏن سانگي منهنجا ساڙي،​
    پکيڙيل پن پڌر تي تون پهوارن جون پاٿاريون ڏس۔​
    (3) ​
    صبح ساجهر منهنجا مارون، وڃن ٿا مال سان پهريو،​
    وچين وارنِ وٿاڻن تي ڌنارن جون جهونگارون ڏس۔​
    (4) ​
    وسن ميهڙا ولهارن تي، خوشي ۾ خاصخيلي هُتِ،​
    ٿين سانگي سَرَهَا صادق، هلي ڀٽن بهارون ڏس۔​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    (محمد صادق خاصخيلي)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت شاعري ۔۔۔۔ سهڻي شيئرنگ
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    وسن ميهڙا ولهارن تي، خوشي ۾ خاصخيلي هُتِ،​
    ٿين سانگي سَرَهَا صادق، هلي ڀٽن بهارون ڏس۔​
    هن بيت مان سندس نالو ظاهر ٿئي ٿو ۔۔۔ تمام سهڻا بيت ۔۔۔ سر مارئي آهي ئي حب الوطني جو اهڃاڻ ۔۔۔ مهرباني منهنجي ننڍڙي ڀيڻ ۔۔۔​
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    گلن وانگر هر دم مسڪرائيندڙ پياري،ننڍڙي ڀيڻ محترم شيرين اسلام عليڪم۔ شاه سائين جي رسالي جي هڪ تمام اهم سرمارئي مان بيت چونڍ ڪري هت ونڍ ڪرڻ لاء اوهانجون مهربانيون۔
    ”سرمارئي“ جو پس منظر عمر مارئي جو قصو آهي جيڪو وطن جي حب ۽ محبت جي داستان آهي:اهو سنڌ جي هڪ ڳوٺاڻي نياڻيء جي ست سيل ۽ سنڌ جي هڪ عادل بادشاه جي صبر ۽ انصاف جو داستان آهي۔ هن ۾ جهوپڙي ۾ رهندڙ جهانگين جي ڏکي مگر آجي ۽ محبت ڀري رهڻي ڪهڻي کي،ماڙين محلن ۾ رهندڙن جي سک ۽ عيش آرام وري پابند زندگيء تي فوقيت ڏنل آهي۔هي سنڌ جي غريبن جي اشرافت ۽ خودداري جو داستان آهي،بلڪ سنڌ جي اعلئ سماجي قدرن جو آئينو آهي،جنهن ڪري صدين کان وٺي سنڌ ۾ هنڌين ماڳين مشهوررهيو آهي۔
    ”وطن جي حب“ هن سر جو مرڪزي موضوع آهي، ۽ مارئي جو ڪردار انهيء حب ۽ پيار جو علمبردار آهي ،پر حقيقي پيار صرف ملڪ يا ملڪ جي ماڻهن ۽ مائٽن جي ڪري نه آهي،پر سندن اعلئ اخلاقي خوبين ۽ زندگي جي اعلئ قدرن ۽ ڳڻن ڳالهين جي ڪري آهي،جن کي شاه صاحب هن سر جي بيتين ۽ داستان ۾ ڀرپور نموني سان ساراهيو آهي۔
    هن سر ۾ سمايل شاه سائين جن جي اعلئ آفاقي فڪر جي ڪنجي آهي۔جنهن جا خاص طور تي ٽري رخ روشن ڪيل آهن۔
    (1) سڀ کان مٿانهين الله پاڪ ۾ ايمان ۽ توحيد جي تقويت ۽ طاقت سان ٻاهرين جبر ۽ استبداد جو مقابلو ڪرڻ ۽ ان کان بي نياز ٿيڻ:
    اول نام الله جو مڙنئون مٿاهون
    ڪئن ڪري قبوليان عمر کي آئون!
    (2) وطن جي حب ايمان جو جزو آهي،پر انسان جي هن دنيوي وطن جي واکاڻ ۽ سرهاڻ وطن وارن جي ڳڻن ڳالهين ۾ آهي۔وطن جي حب توڙي وطن وارن سان محبت جو مدار به انهن ڳڻن لڇڻن تي آهي، مارئي به پنهنجن ماروئڙن کي سندن ڳڻن ڳالهين جي ڪري ياد ڪري ٿي: ” وئا ڳڻن ساڻ،ماروئڙا ٿر اڪري“
    (3) ازلي حقيقت جي لحاظ سان،انسان جو هي دنيوي وطن عارضي آهي:انسان کي آخر پنهنجهي ان اصلي وطن ڏانهن ورڻو آهي جيڪو سندس تخليق جو سرچشمو آهي۔ اعلئ عرفاني فڪرجي اعتبار سان ،روحن پنهنجي خالق کي پنهنجو رب ڪري مڃيو ۽ ڏانهس موٽڻ جو وعدو ڪيو۔ روح هن دنيا ۾ ذي حيات جي قا لبن ۾ بند آهن، ۽ دنيا جا سڀ ذي حيات هن ڪائنات جي قالب ۾ بند آهن۔ انسان کي توڙي ڪائنات جي ٻي هرشيء کي آزاد ٿي پنهنجي اصلي خالق مالڪ سان ملڻو آهي۔ ”ڪل شِيء يرجع الئ اصله“

    هي هنڌ ماڙيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهين ري
    ”ڪل شيء يرجع الئ اصله“، ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ
    ڀري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو۔


    نه ڪا خبر خواب،نه ڪوئي اوٺي آئيو
    هتي جن هتي اچي ڏنو ڪونه جواب
    هميرن حساب، ڪه ڄاڻان ڪيئن ٿيو!


    عمر جي انصاف جو،پئس ڪن پڙاء
    ويٺي چوء الله، مون تي مٽر نه موٽئا۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سجاد حسين ساقي

    سجاد حسين ساقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Teacher
    ماڳ:
    ٽنڊوالهيار
    توهان تمام سٺي ونڊ ڪئي آھي جيڪا اسان جي دل وٽان آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو