سيد رکيل شاه قادري جي سوانح حيات سيد مظهر شاه سيوهاڻي

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ مظهر شاه طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2012۔

  1. مظهر شاه

    مظهر شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سيد رکيل شاه قادري جي سوانح حيات

    عرب ۾ خلافت جي دور کان پوءِ جيڪي حالتون پيدا ٿيون انهيءَ جي نتيجي ۾ عرب ۾ ڪافي سيد قبيلا مختلف طرفن ڏانهن نڪري ويا .انهن سادات قبيلن مان مڪران جي رستي برصغير جي مختلف علائقن ۾ اچي آباد ٿيا سيد رکيل شاه جا بزرگ به انهيءَ نقل مڪاني واري مڪي شريف مان اچي بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيا
    جنم
    سائين جن جي ولادت 17ربيع الاول 1262 سن هه ۾ سيد نور محمد شاه جي گهر ۾ ظهور فرمايائون پاڻ ڄمندي ئي ڄام هئا انهيءَ حقيقت جا آثار فتح پور جي شهرن ڏٺا
    تعليم
    سائين جن جيئن ئي اٺن سالن جا ٿيا والد صاهب کيس ڳوٺ جي مولوي اٽ قران پاڪ پڙهڻ لاءِ موڪليو سائين جن نور قراني سان روشن ٿي باقي تعليمات کي خير باد چئي، ڇو ته عشق الاهي جو ثمر سامان اڳهئي سليل هئو دينوي علم جي کين ڪا ضرورت ڪان هئي
    دنوي ڪاروبار۽ لنو لپاٽ
    جڏهن پاڻ 14 سالن جا ٿيا ته دنيا جي ڪاربوار ۾ مصروف ٿي ويا کين جرگي جي رڪنت به ملي ان ڪري امير امرا سان نشست وبر خواست به رهي سائين جن وٽ هڪ ڀلي گوڙي هوندي هئي اها گهوڙي کين سواري ۾ ڪم ايندي هئي
    شوق شڪار
    هڪ دفعي سائين جن شهر کان اچي رهيا هئا ته اوچتو سندن نظر بهگڙ ناهر تي پئجي وئي سائين جن وٽ هٿيار موجوده هئا پر ذوق اهو ٿين ته هن کي ڊوڙائي مارجي گهوڙي ان جي پيان ڊوِڙايائون نيٺ ان کي ٿڪائي ماريائون شوق پورو ڪيائون

    ميان عبدل نبي وٽ حاضري
    سائين جن جي شڪار جي خبر سندن ڀاءُ ميان عبد النبي وٽ پهتي معمول مطابق جيئن ساين جن ڪچهري ۾ حاضر ۾ ٿيا ته سندن ڀاءُ فرمايو ته ان بهگڙ ڪهڙو ڏوه ڪيو هئو اوهانجو جو ان کي لتاڙي ماري آيا آهيو .پهرين پنهنجي اندر واري فاسق بهگڙ کي ته ماريو هن جانور ڪهڙو ڏوه ڪيو اوهانجو.
    عشق الاهي جو رنگ
    جڏهن رکيل شاه پنهنجي ڀاءُ کان اهرا درد انگيز نصيحت آموز قول ٻڌا ته سندن دل ۾ خوف الاهي ويهجي ويو سڄي جسم ۾ گويا بجلي جي رو گهمي وئي ان ڏيهن کان دنيا جي ڌنڌن کي ڇڏي حق جي تلاش ۾ نڪتا . پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ۾ لڳي ويا اچتو سندن ڀاءُ بيمار ٿي پيو ۽ سائين رکيل شاه پنهنجي ڀاءُ عبد النبي جي تمام گهڻي خدمت ڪئي
    تلقين جي مڪان لاءِ واضع حڪم
    ميان عبد النبي سائين رکيل شاه مان تمام گهڻو متاثر ٿيا ۽ سائين رکيل شاه کي فرمايائون اسان کي تلقين ڪرن جو حڪم ڪونهي پنهنجي امانت حاصل ڪرڻ لاءِ شاه عنايت شهيد جي جهوڪ ڏي وڃ پنهنجي امانت حاصل ڪر جيڪو تنهنجي زندگي جو مقصود آهي اهي لفظ چئي پنهنجو فرض پورو ڪري ۽ پاڻ هن دنيا مان برقعو مٽائي ويا. سائين جن کي تمام گهڻو صدمو رسيو ٽن ڏيهن جي رسم پوري ڪري ڀاءُ جي مليل حڪم موجب سفر جي تياري ڪرڻ لڳا
    سفر عشق
    سائين جن کي تڏهن پيسي جي تمام گهڻي تنگي هئي پر حصرت عشق آرام ڪرڻ نه ڏنو نيٺ پنهجن ٻچن پنهنجي سوٽ ميان حليم شاه وٽ ڇڏڻ جو مڪمل فيصلو ڪيو. پنهنجيا ٻچا پنهنجي سوٽ وٽ امانت ڪري ڇڏيا ۽ پاڻ سفر تي راهي ٿيا. جڏهن وڃي رهيا هئا بيبي سائڻ کان موڪلائي رهايا هئا ته ان وق بيبي کي ڪجهه ماني پچائڻ لاءِ چيو بيبي اهي لفظ ٻڌندي ئي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا ۽ عرض ڪيو فتح پور کان وٺي ستن جي داڻن کان سواءِ ڪجه ڪونهي ٻارن کي سڄي واٽ انهن ستن جي داڻن جي سهاري وٺي آئي آهيان اهو ٻڌي سائين جن غم جي درياءُ ۾ ٻڏي ويا ۽ سفر تي نڪري پيا


    تڪليفن جي ابتدا
    سائين رکيل شاه جڏهن جهان الله شاه جي درگاه پهچي ان وقت جي سجاده نشين ميان علي اڪبر وٽ پهتا ته انهن سائين جن ڏي ڪو به ڌيان نه ڏنو نه وري ڪو حال احوال ورتو .ان ڪري واقفيت ڪونه ٿي سگهي، ڪچهري ختم ٿيڻ کان پوءِ خليفي سائين کانحقيقت پڇي سائين جن فرمايو ته منجنجو ڀاءُ هن گادي کان تلقين ورتل هئو وڏو ڪامل درويش هئو انهن جي وفات کان پوءِ جاءِ خالي ٿي پئي آهي جهوڪ شريف جو طالب ٿيڻ لاءِ وڃان پيو. خليفي اهو ٻڌي کلي ڏنو چئائين شيهنڻي جي کير پيئڻ لاءِ ان جا بچا گهرجن توهان وڃي پني کائو سائين جن کي ڏک ٿيو ۽ نا اميد ٿي اتان اٿيا ۽ وار مبارڪ جي ڪرڻ ويا ان کان پوءِ سيوهڻ قلند شهباز جي زيارت تي ويا اتن پوءِ ڏک ڏاکڻا ڪٽيندا واپس جهوڪ شريف پهتا
    بعيت
    سائين جن هڪ کٻڙ جي هيٺيان ويٺا هئا هڪ پير مرده سائين جن کان هال احوال ورتو ۽ ساين نوراني کي سايئ جن جي ذات ۽ مقصد کان آگاهه ڪيو پوءِ ساين جن جي ڪچهري ۾ ايندا رهيا پر سائين جن ٻن ڏيهن تائين ڪو توجه ڪونه ڏنو آخر ٽئين ڏيهن ساين جن کي سڏائي پاڻ اٿي بيٺا ڀاڪر پائي مليا ۽ محفل ۾ ٻڌائڻ ۾ لڳا ته اسان سوا ڪسيري ورا بزرگ سوا ڪسيرو ورهائيندا آهيو ۽ هي ان جو اولاد آهي پوءِ سڄي رات ڪچهري ڪئي
    وطن واپسي
    سائين عبدالستار رکيل شاه کي 12 دفعه صوره مزمل هڪ ممبر تي ويهي پڙهڻ لاءِ چيو چند ڌيهن کان پوءِ ساين جن کي اجازت ڏني ته هاڻي توهان وطن واپس وڃي سگهو ٿا سائين جن پنهنجي وطن پنهنجي ڀاءَ وٽ نوشهرو پهتا ۽ پٽ جي شادي لا3 تيار ٿيا پر پٽ اچانڪ بيمار ٿي پيو مهندي لڳل ئي هن فاني دنايا مان برقو مٽائي ويا سائين جن ان کي سوا ڪسيري وارن بزرگن جي ڀر ۾ جاءِ ڏني مرشد جي اڪير ۽ جهوڪ جو سانباهو
    سائين رکيل ساه پنهنجي فرزن جي وفات کان پوءِ چار پنج مهينه فتح پور ۾ رهيا مرشد جي اڪير کان مجبور ٿي واپس جهو شريف موٽي آيا سندن مرشد واپس فتح پور وڃي سلسله رشد وهدايت جاري رکن جو ڪم ڏنو ساين جن ٻ ٽي ڏيهن جهوڪ ۾ رهي واپس متي ايا پاڻ دنيا سان لاڳاپا ترڪ ڪري مجذوبي جي حالت ۾ ڏيهن گهارن لڳا
    مرقبه ۾ الاهي اسرار پسڻ
    هڪ ڏيهن ڀاڳ جي شهر ڀرسان قبرستان م غلام محمد وڻ ڄاري جري قبر ڀرسان حافظ وڻجاري جي قبر مراقبي ۾ هيا ته اوچتو سفيد ريش بزرگ هٿ ۾ اسا جهليو نظر آين ان اساه جي مٿا هڪ ڙوپي تاج نمان رکيل هئي ٻئي هٿ ۾ هڪ پيالو جنهن ۾ ان جا دانا پيل هئا انهيءَ بزرگ فرمايو هن امن جيڪو اوهان کڻو سائين جن هٿ وڌائي پيالو ورتو بزرگ اڳتي وڌي چيو جيڪا مڏي تاج ۾ آهي اه اوهان نه ورتي ۽ پاڻ غائب ٿيويا
    جهوڪ ۾ آمد خواب جي تعبير
    ٿور ڏيه کان پوءِ سائين جهوڪ آيا ۽ مراسد جي زيارت ڪيائون انهن خواب جي تعبير ڪندي فرمايو ته چڱو اوهان پيالو ورتو جيڪو ابدي لذت ۽ سڪون جو ذريعو آهي .باقي تاج شهشاهي هئو جيڪو چند روز فاني هئو هاڻي وڃي فتح پور نگر بٺي جو ڪن انشاءِ الله مشڪلڪشائي پيالو قيامت تاين رهندو
    جهوڪ ۾ رسائي خلعت جو تحفو
    سائين رکيل شاه ٻن سالن کان پوءِ جهوڪ مو ٽيا مرشد جي زيارت ڪيائون مرشد سڏي سائين کي ڀر ۾ ويهاريو ۽ خليفي کي گودڙي کڻي اچڻ لاءِ چيو ۽ سائين رکيل شاه کي پهرا؟ڻ جو حڪم ڏنو سائين جن گودڙي کي چميو مرشد فرمايو اها گودڙي اسان فڪيرن جو ڏاج آهي هاڻِ اسان جا پويان پساه اٿي اسان جي پوين جي پارت اٿو سائين جن پنهنجي زندگي گزاري رهيا اها ته مرشد جي وفات جي خبر ملين واويلا مچي وئي سائين جن کي غم و انڌيرو گهيري ويو ٽن ڏيهن تائين دستور موجب تعزيت ۾ رهيا جهوڪ شريف اچي مرشد جي وڏي پٽ جي دستار بندي ڪئي واپس فتح پور موٽي ويا
    سائين چيزل شاه جي بعيت جو امر آخري ميڙي جي حاضري
    سائين رکيل شاه وٽ جيڪو طالب آيو ٿي ان کي سائين چيزل شاه جي بعيت جو امر ڪندا هئا سائين چيزل شاه سائين رکيل شاه جو آخري پٽ هئو جنهن بابت فقيرن فرمايو هئو ته هي شهزادو وڏي ڏيا برڪت وارو مجدد امام ٿيندو اهڙي طرح سائين رکيل شاه پنهنجي بعيت جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو چيزل شاه چاليه ڏيهن رياضت ۾ رهڻ کان پوءِ هميشه سائين رکيل شاه وٽ موجود هوندا
    وفات
    هئا آخر ڪار 7 ربيع الاول موڪلائڻ جي تياري ڪرڻ لڳا سجاده نشين ساين چيزل شاه کي فرمايائون ابا هاڻي اسان جا پويان پساه آهن دنيا جي تڪليفن کي مڙس ٿي منهن ڏجان جهوڪ ميرانپور کان ڀيرو نه ڀڄجاءِ ايتو چئي 1369هه جي مطابق 17 اپريل 1939 جمي رات رحلت فرمايائون
    اناالله و انا اليه راجعون

    مددي ڪتاب بحرالعشق

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سهڻو مضمون ۔۔۔ سنڌ جي ڪافي جي وڏي شاعر ۽ فلسفي جي باري ۾ اوهان مضمون ونڊ ڪيو۔

    لک ٿورا سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو