تاجل بيوس جي يادمحمد سليمان وساڻ سنڌ جي سونهن تي ته ڪيترن ئي شاعرن لکيو آهي پر اتر جو هوندي به سڀني لهجن ۾ لکندڙ ۽ سنڌ جا گيت ڳائيندڙن ۾ تاجل بيوس به اوچ ڪوٽي جي شاعرن ۾ شامل آهي. نرالي انداز ۾ شاعري ڪندڙ تاجل بيوس خيرپور ضلعي جي سوڀيديري تعلقي سان تعلق رکندڙ ڪچي جي ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون 22 سيپٽمبر 1938ع ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي نينگر اڳتي هلي پنهنجي لکيل امر گيت سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيء مٿان ڇا لکي ڇا لکان جي ذريعي سنڌ جي سڃاڻ بڻجي ويندو. هن جو تعلق مڊل ڪلاس گهراڻي هو ۽ سندس والد مرحوم محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي ۽ تخليقڪار لڪل هو، جيڪو گيت ۽ شاعري سرجيندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد سمون اڳتي هلي ادب جي دنيا جو تاجل بيوس بڻيو. هن بيشمار شاعري ڪئي آهي ۽ گهڻو ڪري سندس شاعريء جو محور سنڌ. سنڌ جا کيت. سنڌ واهڻ ۽ وستيون، سنڌ جون موسمون، سنڌ جا جهر جهنگ ۽ سنڌ ئي سڀ ڪجهه اٿس. سندس سنڌ لاء ڳايل شاعري جيڪا سنڌ جي تراني طور ڳائي ويندي آهي. . سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيء مٿان ڇا لکي ڇا لکان هڪ قلم هڪڙو مان ڪيئن پورو پوان ڇا لکي ڇا لکان يا وري جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ٿي ته هن لکيو : تون ته ملندو رهندين خوابن ۾ ڪو ڪيئن ٿو چوي ڪو ڪيئن ٿو چوي ۽ منهنجي لاء مارو هو رنا ڪيئن نه هوندا، پَلوَ پاند تن جا ، دامن تنين جا يار ڀنا ڪيئن نه هوندا تاجل بيوس جي وڏي ڳالهه اها آهي ته هن سنڌ جي وستين ، واهڻن ، ڪوهستان ، ٿر، بر، ڪاڇي، اتر ، سري ، وچولي ، ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم کي وهايو. هو ڪراچي ۾ ڊگهو عرصو رهيو ۽ ڪراچي ۾ رهندي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جا سور ۽ شهرن ۾ ايندڙ ڌارين جي لوڌ کي ڏسي اندران ئي اندران پچندي پنهنجي قلم ذريعي اهي احساس لکندو رهيو. ڪراچي او ماء سونهن اسان جي سنڌ جي ڪهڙو وريو واء جو ماڳ نه موٽيا مورڙا سنڌ جي سونهن کي ڳائڻ جو سندس انداز سندس ڪلام “جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا، اتان منهنجا مارو، ميارون مڪن ٿا ” مان چٽو پيو نظر اچي. تاجل بيوس جيتوڻيڪ تمام وڏن سرڪاري عهدن رجسٽرار آف ڪمپنيز ۽ ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جهڙن اهم عهدن تي به رهيو، پر پوءِ به اهي نوڪريون کيس ”بيوروڪريٽڪ ڪلچر“ جو حصو بڻائي نه سگهيون ۽ سندس سڄي زندگي شاعراڻي سادگيءَ ۾ گذري. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو هڪ سال تائين صلاحڪار پڻ رهيو. معيشت جي ماهر هجڻ ڪري تاجل بيوس هڪ اسٽاڪ ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو به رهي چڪو، پر ان باوجود هن سنڌي ادب، خاص ڪري شاعري ڪرڻ، ڪتاب ڇپرائڻ، پروگرامن ۾ وڃڻ واري ڪرت جاري رکي. تاجل بيوس سنڌيء سان گڏ اردو اديبن ۽ شاعرن جي حلقن ۾ به گهڻو مشهور ۽ مقبول هيو. تاجل بيوس جا ڇپيل ڪتاب (1) جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري) 1982ع، (2) انبن جهليو ٻور (شاعري) 1983ع، (3) سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري) 1985ع، (4) سنڌ منهنجي امان (شاعري) 1989ع، (5) ڪاڇي مٿان ڪونج (شاعري) 1990ع، (6) ڪنڌيءَ ڪونئر ترن (شاعري) 1991ع، (7) ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري) 1992ع، (8) ڏور به اوڏا سپرين (هند جو سفرنامو) 1992ع، (9) سرخ گلابون ڪئ موسم مين (اردو شاعري) 1994ع، (10) صحرا ستر جن (شاعري) 1995ع، (11) تنهنجا نيڻ غزل (شاعري) 1996ع، (12) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز سان گڏ شاعري) 1997ع، (13) انداز بيان اور (اردو شاعري) 1997ع، (14) ڏوريان ڏوريان مَ لهان (شاعري: 9 مجموعا گڏ) 1997ع، (15) آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) 1997ع، (16) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو! (هند جو سفرنامو)2002ع، (17) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو پهريون) 2003ع، (18) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٻيو) 2003ع، (19) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٽيون) 2003ع، (20) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (شاعري) 2003ع، (21) جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون) 2007ع، (22) سج چنڊ تارا ڪتيون (شخصيتن جا خاڪا) 2004ع، (23) سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي بيتن جي واين ۾ تبديلي) 2003ع، (24) انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ 2004ع، (25) پکي ساڳي پار جا (شاعري) 2004ع، (26) سون سريکا چار سين (شخصيات) 2004ع، (27) گل ڇنو گرنار جو (ڪافيون) 2006ع، (28) تاجل بيوس جو رسالو (شاعري) 2006ع، (29) ملير جي مارئي (شهيد بينظير ڀٽو کي منظوم خراج) 2008ع تاجل بيوس سنڌ جو اهو سينيئر شاعر هيو جيڪي هر نئين شاعر ۽ نوجوانن جي پٺڀرائي ۽ رهبري ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪندو هو. ڪراچي ۾ ٿيندڙ سڀني ادبي پروگرامن ۾ هڪ ننڍي سڏ تي به اچي پهچندو هيو. ڪڏهن سچل ڳو ٺ جي چوڪ تي چاٽ ته ڪڏهن ڪمند جي رس پي دوستن سان خوش ٿي گذاريندو هو. تاجل سنڌ سان گڏ هند ۾ به گهڻو مشهور ۽ مقبول هيو. کيس 1996ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل مليو. سنڌي ادبي سڀا پاران کيس فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل کانسواءِ 29 سيپٽمبر 2001ع ۾ کيس ڀارت ۾ مارئي ايوارڊ دهلي پڻ ڏنو ويو. تاجل بيوس لڳ ڀڳ 12 اهم ايوارڊ، گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ايتري قدر جو کيس سهيوگ فائونڊيشن ممبئي وارن 1999ع ٻيو ڀيرو نارائڻ شيام ايوارڊ ڏنو۔ تاجل گهڻو ڪري شاعريء جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي جن ۾ سندس گهڻو ڪم وائي ۽ ڪافي وارو آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور، ٿريلي عورت، مينهوڳيء جي مند کان وٺي هن هر موضوع تي بيت ، گيت ، غزل ۽ نثري نظم ، چئو سٽا ، ٽه سٽا ۽ طويل نظم گهڻو مشهور آهن. نثري نظم ۾ سندس ڪتب انبن جهليو ٻور تمام گهڻي مڃتا ماڻي. سندس بيتن ۽ شاعريء مان ڪجهه چونڊ ڇڻندا سڱر سوڪ، ڇڻ، ڇڻ ڪري ڇڻ تي مارُن وٽان موڪ، صبح اينديون سوکڙيون * ڪنڌيءَ ڪنايو، آيا سانوڻ ڏينهڙا اِجهو ڪو آيو، کڻي ڪرس ڪٺار تي * چار ڏهاڙا حسن جواني، تون ڀي فاني، مان ڀي فاني، توکان مونکان پوء او جاني ! ڪوبه نه لنوندو لات مسافر تاجل بيوس پنهنجي تخليق ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پوئلڳ رهيو ۽ سچل جي شاعريء جو تسلسل رهيو آهي. هن به پنهنجي ڪتابن ۽ شاعريء ۾ لطيف جي ڳايل سُرن تي الڳ بيت لکيا آهن. سندس اهڙي شاعري سندس ڪتاب “تاجل جو رسالو” ۾ موجود آهي. تاجل شاعريء سان گڏ نثر ۾ به پاڻ ملهايو آهي. هو موسيقيء جو به وڏو ڄاڻو هيو. ڪراچي ۾ نصير سومري جي ڪتاب “جل تي ڪنول جيئن ” جي مهورتي تقريب 4 ڊسمبر 2008 تي اڪيڊمي آف ادبيات ڪراچيء جي آفيس ۾ ٿي رهي هئي جنهن جي صدارت تاجل بيوس ڪري رهيو هو. شام جو ساڍي چئين بجي جڏهن تاجل بيوس کي صدارتي تقرير لاء ڪوٺ ڏني وئي ته تاجل ڊائيس تي اچي پنهنجي کيسي مان لکيل ڪاغذ ڪڍي جيئن ئي شروعات ڪئي ته ان وقت بجلي هلي وئي ۽ دوستن جي موبائل واري ٽارچ ذريعي تاجل تقرير پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو پاڻ جهلي نه سگهيو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ کان به قاصر رهيو. هن کي مٿي ۾ سخت سور پئجي ويو ۽ هو اتي ئي بيهوش ٿي ويو. جتان کيس گاڏي ذريعي جناح اسپتال آندو ويو ٻن ڏينهن کانپوء ٻڌايو ويو ته کيس فالج جو حملو ٿيو آهي پوء کيس اتان لياقت اسپتال منتقل ڪيو ويو پر تاجل ٻيهر ڪڏهن به هوش ۾ ڪونه آيو ۽ نه ئي ڪنهن سان ڳالهائي سگهيو. 13 ڊسمبر تي پاڻ سنڌ کان موڪلائي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي ويو. کيس چوڪنڊيءَ جي ان تاريخي قبرستان ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو، جنهن ۾ دفن ٿيڻ جي به هن پاڻ وصيت ڪئي هئي . هائو مان هڪ شاعر آهيان پنهنجي سيني ۾بانسريءَ وارا سّل ڪڍي مون اوهان لاءِسندر گيت سرجيا آهن، اوهان لاءِ مون هڪ سونهن جو سنسار به تخليق ڪيو آهي جتي جيئڻ_رس جا وٽا ڀري مان، اوهانجو انتظار ڪري رهيو آهيان
وَهي وئي وهي، پاڻي وانگي ٻُڪَ مان لڳو سُرو لاٽڻ کي، اِجها جا ڊهي ويندا لُڙ لهي، ما! پڄاڻان موت جي تاجل بيوس