اڄوڪو ڏينهن 15 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 15 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    15 ڊسمبر 1910ع تي مشھور شاعر ۽ اديب ضياءَ الدين ضياءَ ايس بلبل ولد شمس الدين بلبل ميھڙ تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو.
    15 ڊسمبر 1922ع شاعر، سياستدان ۽ صحافي علي اڪبر شاهاڻي جي پيدائش ٿي.​
    15 ڊسمبر 1925ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر انور هالائي اصل نالو محمد شفيع ولد احمد خان ابڙو شيدا هالا ۾ ڄائو.
    15 ڊسمبر 1927ع شاعر فيض درياء کرل جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1928ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ ليکڪ ڪريم بخش خالد جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1935ع راڳي راڌيڪا واسواڻي (ڪراچي / دهلي) جي پيدائش ٿي.
    15 ڊسمبر 1936ع موسيقار جهامن داس شرما (سکر / الهاسنگر) جي پيدائش ٿي.
    15 ڊسمبر 1941ع سماج سڌارڪ محترم بخش علي لاکو جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1945ع شاعر بلاول اوٺي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1946ع لوڪ گلوڪاره امينه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1949ع ليکڪ گهنشيام ساگر جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1950ع سگهڙ پير بخش مڱريو جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1956ع شاعر مدهوش خاصخيلي جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1961ع ڪهاڻيڪار ۽ مقالا نگار بدر ڌامراهه جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1963ع شاعر شبير سقراط سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1965ع ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار امير ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1968ع سينيئر صحافي سترام مهيشوري جو ڇاڇري ۾ جنم ٿيو.
    15 ڊسمبر 1971ع صحافي سانول ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1972ع شاعر نذير سيال جو جنم ڏينهن آهي.
    15 ڊسمبر 1984ع تي شاعر ۽ ڪھاڻيڪار احساس ميرل اصل نالو مير محمد، نور محمد جي گهر ۾ جنم ورتو.

    وڇوڙو:

    15 ڊسمبر 1868ع گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ بزرگ نور محمد شاهه جيلاني جي وفات ٿي.
    15 ڊسمبر 1926ع مذهبي اسڪالر مولانا قاضي نذر محمد لاڏاڻو ڪري ويو.
    15 ڊسمبر 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ديوان هيرانند سنتوڪرام ديهانت ڪري ويو.
    15 ڊسمبر 1931ع تي عالم دين مولانا دين محمد بٺوي وفات ڪئي. مولانا دين محمد ذات جو چانڊيو هو ۽ هن جي جنم ڀومي تعلقو ميروخان آهي.
    15 ڊسمبر 1964ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله کڏهري جي وفات ٿي.
    15 ڊسمبر 1966ع تي والٽ ڊرني جو وڇوڙو ٿيو.
    15 ڊسمبر 1985ع ليکڪ مير کورواهي انتقال ڪري ويو.
    15 ڊسمبر 1986ع تي ممتاز اداڪاره سميتا پاٽل جو وڇوڙو ٿيو.
    15 ڊسمبر 1997ع مشهور اسڪالر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر اياز قادري وفات ڪري ويو.
    15 ڊسمبر 2001ع مشهور ٽي وي اداڪار فريد نواز بلوچ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو.


    اڄوڪي ڏينهن 15 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا


    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بهترين سلسلو
     
  4. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    ﺍﻣﻴﻨﻪ ‏( ﮔﻠﻮڪﺎﺭﻩ ‏) : ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﮔﻠﻮڪﺎﺭﻩ -
    ﺍﻣﻴﻨﻪ - ﻧﺎﺯ ﺟﻮ ﭘﻮﺭﻭ ﻧﺎﻟﻮ ﻏﻼﻡ ﺯﻳﻨﺐ ﺷﺎﻫﻪ
    ﺍﻟﻤﻌﺮﻭﻑ -ﺍﻣﻴﻨﻪ - ﮄﻱﺀَ ﻋﻠﻲ ﺑﺨﺶ ﺷﺎﻫﻪ ﺁﻫﻲ .
    ﻫﻦ 15 ڊﺳﻤﺒﺮ 1946ﻉ ﺗﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﺭﺗﻮ .
    ﻫﻦ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ - ﺗﻌﻠﻴﻢ - ﺳﻴﺪ - ﺑﺎﺯ - ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ
    ﺍﺳڪﻮﻝ ﻣﺎﻥ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ . 1967ﻉ ۾ ﻣﻴﺮﺍﻥ
    ﺍﺳڪﻮﻝ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﻣﺎﻥ ﻣﺌٽﺮڪ ﺟﻮ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ
    ڏﻧﺎﺋﻴﻦ . 1969ﻉ ۾ ﭘﻲ . ٽﻲ . ﺳﻲ ﺟﻲ ٽﺮﻳﻨﻨﮓ
    ڪﺮﻱ -ﺑﺌﺮﺍﺝ - ڪﺎﻟﻮﻧﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ
    ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺍﺳڪﻮﻝ ۾ ٽﻴﭽﺮ ﺑﮣﻲ ۽ ﭘﻮﺀِ ﻫﻴڊ
    ﻣﺴٽﺮﻳﺲ ﺟﻲ ﻋﻬﺪﻱ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻲ . ﻫﻦ ﮐﻲ ﻧﻨﮃﻱ
    ﻫﻮﻧﺪﻱ ﮐﺎﻥ ﮘﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﮭﮣﻮ ﺷﻮﻕ ﻫﻮ .
    ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﺤﻔﻠﻦ ۾ ﻣﺮﺛﻴﺎ ۽ ﻧﻮﺣﺎ ﭘڙﻫﻨﺪﻱ ﻫﺌﻲ .
    ٽﺮﻳﻨﻨﮓ ڪﺎﻟﻴﺞ ۾ - ﺗﻌﻠﻴﻢ - ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﮠ ﺩﻭﺭﺍﻥ
    ﺯﺭﻳﻨﻪ - ﺑﻠﻮﭺ - ﺳﻨﺪﺱ ﮔﮭﮣﻲ ﻫﻤﺖ ﺍﻓﺰﺍﺋﻲ ڪﺌﻲ ۽
    ﮐﻴﺲ ﺭﻳڊﻳﻮ - ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ - ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺗﻲ ﻭﭠﻲ ﺁﺋﻲ .
    ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ - ﺍﺳﺘﺎﺩ - ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ۽ - ﺍﺳﺘﺎﺩ
    ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻤﻦ - ﺟﻲ ﺳﺎﭢ ﺳﻨﺪﺱ ﻟﺌﻪ ڪﺎﺭﻱﺀَ ﮐﻲ
    ﭘﺨﺘﻮ ﺑﮣﺎﻳﻮ . ﺭﻳڊﻳﻮ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ
    ڪﺎﻓﻲ ﺣﺎﺟﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺭڪﺎﺭڊ ﭤﻲ . - ﺍﻥ -
    ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﻫﻦ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ڪﻼﻡ، ڪﺎﻓﻴﻮﻥ، ﺳﻬﺮﺍ ۽
    ﻟﻮڪ ﮔﻴﺖ ﮘﺎﺗﺎ . -ﺍﻣﻴﻨﻪ - ﺟڏﻫﻦ ﺭﻳڊﻳﻮ - ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ -
    ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ - ﺗﺎﻥ - ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻱ ﮘﺎﺋﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ﺗﻪ -
    ﺍﻥ - ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲﺀَ ﺟﻲ ﺍُﻓﻖ ﺗﻲ
    ﭼﻤڪﻨﺪڙ ﺳﺘﺎﺭﻥ ۾ ﺯﺭﻳﻨﻪ ۽ ﺭﻭﺑﻴﻨﻪ ﮔﮭﮣﻴﻮﻥ
    ﻣﺸﻬﻮﺭ ﭤﻲ ﭼڪﻴﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ . ﺍﻧڪﺮﻱ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ
    ﺧﻮﺍﺟﻪ ﺍﻣﺪﺍﺩ ﻋﻠﻲ ﻫﻦ ﻓﻨڪﺎﺭﺍ ﻻﺀِ ﺍﻧﻬﻦ
    ﻓﻨڪﺎﺭﺍﺋﻦ ﺟﻲ ﺗﺘﺒﻊ ﺗﻲ ” -ﺍﻣﻴﻨﻪ - “ ﻧﺎﻟﻮ ﺗﺠﻮﻳﺰ
    ڪﻴﻮ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ - ﺍﻥ - ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ﻫﻮﺀَ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺻﻠﻲ
    ﻧﺎﻟﻲ ﻏﻼﻡ ﺯﻳﻨﺐ ﺳﺎﻥ ﺳڏﺑﻲ ﻫﺌﻲ . ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ
    ﻫﻮﺀَ ﻏﻼﻡ ﺯﻳﻨﺐ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﺎﻥ - ﺍﻣﻴﻨﻪ - ﺑﮣﺠﻲ ﻭﺋﻲ . -
    ﺍﻣﻴﻨﻪ - ﺳﭵﻲﺀَ ﺳﻨﮅ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻦ ﺟﻮ ﻣﻈﺎﻫﺮﻭ
    ڪﻴﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ڪﻤﺎﻝ ﺟﻮ ﻣﻴﭡﺎﺝ ﺁﻫﻲ .
    ﺳﻨﺪﺱ ﮘﺎﺗﻞ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺳﻬﺮﺍ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﭤﻴﺎ . ﺟﻦ ۾ ﺟﮗ
    ﻣﺸﻬﻮﺭ ﮘﻴﭻ ”ﻫﭥﻴﻦ ﮔﻞ ﻣﻴﻨﺪﻱ، ﭘﻴﺮﻳﻦ ﮔﻞ
    ﻣﻴﻨﺪﻱ “ ﺑﻪ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻲ . ﺟﻴڪﻮ ڪﻤﭙﻮﺯ ﺑﻪ
    ﺳﻨﺪﺱ ﺋﻲ ﭤﻴﻞ ﻫﻮ . - ﺍﻣﻴﻨﻪ - ﺫﺍﺗﻲ ﻣﺼﺮﻭﻓﻴﺘﻦ
    ﺳﺒﺐ ﻫﺎﮢﻲ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲﺀَ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﮐﻲ ﺧﻴﺮﺑﺎﺩ
    ﭼﺌﻲ ﮔﮭﺮﻳﻠﻮ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو