اسان جهڙيون توکي وفائون نه ملنديون
اسان مان ڪڏنهن به جفائون نه ملنديون
فراقن ۾ فٽجي ٿا ڪيڏارو ڳايون
سريليون ڪي اهڙيون صدائون نه ملنديون
حُسن وارا دنيا سڄي ۾ رهن ٿا
توبِن هي ڪنهن سان نگاهون نه ملنديون
ڀلي وڃ تون دنيا سڄي هي گهُمي ڏس
اسان جهڙيون ڪنهن ۾ ادائون نه ملنديون
سدا سينڌ تنهنجي سلامت رهي
ڪڏنهن توکي اهڙيون دعائون نه ملنديون