ڳوٺ الهه بخش سولنگي هوسڙي ۾ ماءُ ۽ ٻار جو هفتو ملهايو ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڳوٺ الله بخش سولنگي هوسڙي ضلع حيدرآباد ۾ هيلٿ ڊپارٽمنٽ پاران
    ماءُ ۽ ٻار جو هفتو ملهايو ويو​

    هوسڙي شهر: رپورٽ عبدالغفور سمون: گُذريل ڇنڇر تي هوسڙي شهر جي ڳوٺ الله بخش سولنگي ۾ بيسڪ هيلٿ ڊپارٽمنٽ پاران ماءُ ۽ ٻار جو هفتو ملهايو ويو، جنهن ۾ ڳالهائيندي بيسڪ هيلٿ سينٽر شهر هوسڙي جي سپروائزر مسز نجمه شورو چيو ته معاشري ۾ ماءُ جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، ماءُ صحتمند هوندي ته ان جو ٻار يقينن صحتمند هوندو، بهراڙي جي عورت جيڪا ڏک ڏاکڙا ڪٽي پنهنجي اولاد جي پالنا ڪندي آهي، ان عورت جي عظمت کي سلام آهي. ان کان پوءَ ليڊي هيلٿ ورڪر محترمه سُبحانه نوناري بنيادي صحت جي فني نقطن تي ڳالهائيندي چيو ته جيستائين هڪ ماءُ پنهنجي صحت جو خيال نه رکندي تيستائين هو پنهنجي ٻار جي پالنا به صحيح نموني نه ڪري سگهندي، ان ڪري ماءُ کي کپي ته صحت جي اعلى اصولن جي پاسداري ڪري. انهي موقعي تي وڌيڪ ڳالهائيندي محترمه شاهده خاصخيلي چيو ته هن ڳوٺ جو عورتون هاڻي سُجاڳ ٿي چُڪيون آهن هو پنهنجي پوري خاندان سميت پنهنجي اولاد جي صحت جو خيال رکي ڄاڻن ٿيون. هنن کي خبر آهي ته جيءُ آهي ته جهان آهي.، ان موقعي تي ساري ڳوٺ جو عورتون ڪافي تعداد ۾ اُتي موجود هُيون

    پيش آهن اُن ملهايل هفتي جون ڪجهه تصويرون​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت پاران فلمبند ڪيل ماءُ ۽ ٻار جي هفتي ۾ ڪيل ليڪچر جو وڊيو

    پيار سنڌ واسيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ساٿيو السلام عليڪم ۽ جيئي سنڌ
    گُذريل ڇنڇر 31 آڪٽوبر 2009 تي ڳوٺ الهه بخش سولنگي هوسڙي ضلع حيدرآباد ۾ ماءُ ۽ ٻار جو هفتو ملهايو ويو، ان هفتي ۾ اسان سنڌ سلامت جي ساٿين ، جنهن ۾ مان ۽ اسان جو دوست سائين ماستر عبدالغفور سمون کي خصوصي طور تي دعوت ڏني ويئي، پنهنجون سنڌ سلامت جي ڪارڪنن واريون ذميواريون سنڀاليندي اسان ان تقريب جي مڪمل ڪورنگ ڪئي ان هفتي جي ليڪچر پروگرام جي وڊيو ڪلپنگ ڀي ڪئي سين، پر مون دل من هنئي پئي ته هن وڊيو ڪلپ کي سنڌ سلامت جي ڪهڙي شعبي ۾ لڳايان ۽ ڇا لئه لڳايان، ايڊيٽنگ ته انهي ڏينهن اسان ڪري ڇڏي هئي ، پر سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪرڻ ۾ خبر ناهي ڇو سستي ڪري رهيو هئس، گُذريل هفتي جي دوران گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه موبائل ڪالون اهو هفتو منعقد ڪندڙ ڀينرن جون اچي چُڪيون آهن ته سنڌ سلامت تي اهي وڊيو ڪلپ ڇو ڪين آيا آهن اڃا، خبر اٿو ته ڳوٺ الهه بخش سولنگي ۾ ڪنهن به گهر ۾ ڪمپيوٽر يا انٽر نيٽ جو پري پري تائين وجود ڪونه آهي پر ڀيڻ سبحانه نوناري ۽ ڀيڻ شاهده خاصخيلي ٻنهي ذاتي طور تي ڪمپيوٽر ورتا ۽ ٻنهي ڀيڻن وي وائرليس پڻ ورتا ته جيئن سنڌ سلامت تان سندن ڪيل ليڪچر پروگرام جو وڊيو ڏسي سگهن ۽ رپورٽ تصويرن سميت ڏسي سگهن۔ بس انهي ڪري هي سندن ليڪچر پروگرام وارو وڊيو ڪلپ توهان سڀني سنڌ واسين سان ونڊ ڪري رهيو آهيان۔ خالص سنڌ سلامت جي ٽيم جي محنت آهي، خير پنهنجي سنڌ سلامت باقائده هاڻي ڳوٺن ۾ متعارف ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون، اهي مُبارڪون آئون بحيثيت سنڌ سلامت جي سرپرست اعلى جي سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي ڏيان ٿو خاص ڪري ادا عبدالرشيد سمون، سائين نثار ابڙو، محترم عباس مگسي، محترم وحيد ڦلپوٽو، محترم علي علي، محترم عبدالوهاب قمبراڻي الغرض، ادو وحيد سمون، ادو ڄامشورائي ، سائين زاهد سومرو، ادو ٻروچ، پيارو دوست ادو رنجيت، ادو ابو زين، ادو ابو واصف، ادو عظيم، ادو عامر ضيا چارڻ، ڪهڙن ڪهڙن مٺن دوستن جا نالا ڳنهان سڀني جي سنڌ سلامت لاءِ ڀرپور ڪوشش اصل ساراهه جوڳي آهي. توهان جا لک لائق
    پيش آهي سنڌ سلامت جي نيوز شعبي جي پهرين ڪاوش ڳوٺ الهه بخش سولنگي هوسڙي ۾ بيسڪ هيلٿ پاران ملهايل ماءُ ۽ ٻار جو هفتو ۾ ليڪچر جيڪي ٻن سنڌي ڀينرن سرانجام ڏنو​


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو