نَوَ ٽڻ راند...

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اسڪول جي ڏهاڙن ۾ گرمين جي موڪلن ۾ دوستن سان گڏ مون ”نَوَ ٽڻ“ راند ڏاڍي کيڏي. مارن جي واندڪائي جي وندر انتهائي هوشياري ۽ حاضر دماغي جي طالب هيءَ راند سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ اڪثر ڪري زمين تي ليڪا پائي کيڏي ويندي آهي. ڪاٺين يا ڀترن کي سارين (Pieces) طور استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ڪري ڪنهن به خرچ يا سامان جي ضرورت نه پوندي آهي.
    [​IMG]

    نَوَ ٽڻ کي ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو هجي جنهن جي مونکي ايتري ڄاڻ نه آهي پر انگريزي ۾ هن راند کي Nine Mens Morris، MILL, Merills وغيره سان سڏيو وڃي ٿو. هن راند جي موجودگي جا آثار مصر جي عجائبات مان پڻ مليا آهن جنهن مان هن راند جي قديم هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    راند جو بنيادي مقصد هوندو آهي ”ٽڻ“ ٺاهڻ يعني قطار ۾ پنهنجون ٽي ساريون (عمودي يا افقي) طور تي رکڻ. جي ڪڏهن ڪو رانديگر ٽڻ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو مخالف جي سارين ۾ ڪا به ساري راند مان ڪڍي سگهي ٿو بشرطيڪ اها ساري (Piece) مخالف جي ٺهيل ٽڻ جو حصو نه هجي. جڏهن ڪنهن هڪ رانديگر جون صرف ٻه ساريون باقي وڃي بچن يا انهي رانديگر جون سڀ ساريون بند ٿي وڃن ڪنهن به پاسي واري خاني ۾ نه چُري سگهن ته انهي رانديگر کي شڪست اچي ويندي آهي.

    [​IMG]

    راند جي پهرين مرحلي ۾ پنهنجون ساريون رکڻيون هونديون آهن هر رانديگر هڪ هڪ ڪري پنهنجون 9 ئي ساريون واري واري سان رکندو ويندو آهي، هن مرحلي ۾ انتهائي هوشياري کان ڪم وٺڻو پوندو آهي هن ئي مرحلي ۾ رانديگر پنهنجي پوري راند جي حڪمت عملي ٺاهي ڇڏي ٿو.
    ان کان پوء جڏهن هر رانديگر پنهنجون سموريون ساريون رکي ڇڏي ٿو ته راند جو ٻيو مرحلو شروع ٿئي ٿو جنهن سارين کي ڀرسان واري خالي خانن ۾ سارين کي واري واري سان چوري راند ۾ اڳڀرائي ڪئي وڃي ٿي هر رانديگر جي ڪوشش هوندي آهي ته ”ٽڻ“ ٺاهي مخالف جون ساريون ختم ڪجن يا مخالف کي ”ٽڻ“ ٺاهڻ کان روکي سگهجي.
    دوستو هي ته هئا راند جا معياري اصول، ٿي سگهي ٿو ٻين جڳهين تي ڪجهه مختلف اصول هجن. اوهان مان جن جن دوستن هي راند کيڏي آهي پنهنجو تجربو ضرور ونڊين. اهو پڻ ٻڌائن ته اوهان هن راند کي ڪهڙي نالي سان سڏيندا آهيو؟ نَوَ ٽِڻ يا ڪنهن ٻئي نالي سان؟ راءِ جو انتظار رهندو ؛)

    ۽ ها جيڪڏهن ڪو دوست هي راند انٽرنيٽ تي آنلائن کيڏڻ چاهي ٿو ته هتي ڪلڪ ڪري کيڏي سگهي ٿو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار اسان به ڪنهن وقت ۾ هيء راند تمام گهڻي کيڏي هئي۔

    ڪيون ٿا ٻيهر ڪوشش
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ننڍپڻ ۾ مون کي هن راند جو هيرو سڏيندڙ منهنجا دوست ۔۔۔ اڄ به جڏهن عيدن تي روزگار جي هنڌن کان موٽندا آهن ته راند جو ميڙاڪو مچائڻ لاءِ اصل آتا هوندا آهن۔۔۔
    ڇا ته ياد ڏياري ڇڏيوَ۔۔۔ دوستن سان رانديون۔۔۔ وري جهيڙا جهڳڙا۔۔۔ وري رسڻ پرچڻ۔۔۔ وري شرطون رکي رانديون کٽيندي اسٽاپ تي ملوڪ جي هوٽل جي چانهن پيئڻ ۔۔ اصل پريشاني جي ڳالهه ته ويجهو ئي نه هوندي هئي۔۔۔
    اڄ جڏهن ڪافي وقت لنگهڻ کان پوءِ واپس موٽي ڳوٺن ۾ ايندا آهيون ۔۔۔ ته نه نوَ ٽڻ نظر اچن ۽ نه وري اهي دوستين جا رنگ۔۔۔
    هن دفعي موڪل دوران جڏهن مسلسل ڪمپيوٽر تي ويهڻ کان روڪيندي ٻارن کي ٻنين تي گهمڻ لاءِ وٺي ويس ته سر سبزي تي ويهي کين هي راند سمجهائڻ لڳم۔۔۔ شهزاد ته هن راند ڪو عجوبو سمجهڻ لڳو جڏهن ته شيراز جا راند کيڏندي ڪن به ڳاڙها ۽ گرم ٿي ويا۔۔۔
    بحرحال ان کان اڳ جو ٻروچ اچي پاڻ کي هاڻي هيرو ثابت ڪري ۔۔۔ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي ڪمپيوٽر کي شڪست ڏئي ورتي ۔۔۔ ظاهر آهي ڪمپيوٽر کي شڪست ڏيڻ ته ايترو ڏکيو به ناهي۔۔۔ ;)

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ها سائين۔۔واه جا ملهه ماري۔۔۔ ايزي موڊ ۾ کيڏي اسڪرين شاٽ وٺي اسان جهڙن کي زير ڪري ورتو۔۔
    مذاق پئي ڪيو۔۔ جڏهن دوست توهان کي هيرو سڏيندا آهن ته توهان جي هيرو هجڻ تي شڪ اسان کي به ڪونهي۔۔
    خير۔۔ توهان جي ونڊ تي دل خوش ٿي وئي، ڀلي ڪمپيوٽر تي راند کيڏي پر مٽي جي خوشبو پئي محسوس ڪئي۔۔
    مهرباني سائين جن جي۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    مٽيءَ جي ماڻهن جي راند
    نو۔۔۔۔۔ ٽڻ
    ٻاروتڻ ۾ گهر ٻاهران مکي واري کوهه جي پاسي ۾ ٽالهيءُ جي وڻ هيٺان يا ٻيڙي گهير تي نو۔۔۔۔ٽڻ کيڏندي ڏسندو هوس، من ۾ اڇل هئي ته سکان ۽ ايئن سکي ويس۔پوءِ جڏهن به اسڪول کان واپسي تي يا موڪلن ۾ گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي تي حجامن جي پاڙي ۾ يا نور واهه جي ڪپ تي جيڏن سان هي راند کيڏندو هوس، پٽ تي ويهي مٽي ۾ ئي ليڪا ڪڍي کجور جي ڪڪڙين يا ماچيس جي تيلين جا داڻا طريقي وار جوڙي پڙ تي ميلو مچائبو هو،جواني ۾ ته هاڻي اها راند نظر ئي نه ٿي اچي ڇاڪاڻ ته اسان ڪمرشلائيزڊ جو ٿي ويا آهيون۔
    منهنجي من ۾ اڄ به هوراکورا آهي ته ڪو هجي جنهن سان هيءَ راند رهجي پر نيڻ نهار تائين کيڏاڙي ئي نظر نه ٿو اچي۔نئين نسل کي ته هن کيڏ جي ڀانپ ئي ناهي۔باقي هڪ ڳالهه آهي ته هيءَ راند ذهن جي آزمائش آهي ڀل شطرنج راجائن جي راند هجي پر مٽيءَ جي ماڻهن جي راند ته نو۔۔۔۔۔۔ٽڻ آهي
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 فيبروري 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    سجاد ۽ ذيشان ! اوهان منهنجي اظهار جي اپٽار کي سمجهيو ان لاءِ مهرباني
     
  7. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هاڻي وري مان اڪثر پنهنجي گهر واري سان واندڪائي ۾ هي راند کيڏندو آهيان۔ هڪ بورڊ به ٺاهيو آهي، توڙي جو ويچاريءَ کي رڳو راند جي اصولن جي خبر آهي باقي راند جي رمزن ۽ اٽڪلن کان نا واقف آهي۔

    ڪمپيوٽر ۾ حال ڪونهي مان هڪ راند ڪمپيوٽر کي هارائي بيزار ٿي پيس۔ ڇا نه سٺو ٿئي جو شطرنج وانگر نو ٽڻ جي ٽورنامينٽ به منعقد ٿئي ته اسان به ٻيگهيون مچائي ڪا ٽرافي وافي کٽيون۔۔۔ ههههه
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ها اهو ته آهي، هاڻي ڪير کيڏڻ وارو ئي ڪونهي.
    مسيح مگسي، ادا ڇا خيال آهي؟ ٿي وڃي ڪو پاڻ ٻنهي جو مقابلو ڪٿي!؟ ههههه
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    خبر هيم ته ٻروچ ايندو ۔۔۔ سياسي ڳالهه ڪندي۔۔ ڪچي ڪري ويندو۔۔۔ :)
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اصل راند کي جي ايترو ئي پسند ڪيو پيو وڃي ته پوءِ ڪا ٻي سائيٽ ڇو۔۔۔ پنهنجي ڌرتي پنهنجي مٽي ۽ پنهنجي۔۔۔ سنڌ سلامت جو آ ۔۔ پوءِ ٿي وڃي هڪ مقابلو۔۔۔

    [swf]games.mochimedia.com/c/g/nine-mens-morris/vs_nmm[/swf]​
     
  11. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    ٿي وڃي پر ترس اسڪول جي وئڪيشن ٿئي
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us
    ڪمپيوٽر کي هارائڻ لڳي ٿو سولو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو