ڇا توهان فيس بوڪ تي وڌيڪ ويهڻ کي وقت وڃائڻ ٿا سمجهو.. ته هيڏانهن اچو..

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    فيس بوڪ دوستن ۽ عزيزن سان رابطي جو هڪ مؤثر ذريعو آهي ۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته فيس بوڪ جي خوبصورت رنگينن ۾ گم ٿيندي توهان پنهنجو قيمتي وقت ضايع پيا ڪريو۔۔۔ ۽ فيس بوڪ تان تڪڙو اٿڻ مشڪل ٿو لڳي ته گوگل ڪروم جو نيني ايڪسٽينشن استعمال ڪريو۔۔۔

    [​IMG]
    هي ايڪسٽينشن نه صرف فيس بوڪ پر انٽرنيٽ تي توهان جي گذرندڙ وقت کي سنڀالي سيٽ ڪرڻ ۾ بهترين مددگار ثابت ٿيندو۔۔ مان به عام رڪنن وانگر وانگر برائوزرس جا گهٽ ايڪسٽينشن استعمال ڪندو آهيان پر هن ايڪسٽينشن جي گهڻين خصوصيتن مون کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو۔۔۔ ڇو ته توهان چاهيو ته فيس بوڪ سميت ڪنهن به ويب سائيٽ لاء توهان هن ايڪسٽينشن ذريعي روزانو وقت سيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ جيئن مون ڪجهه هن طرح سيٽ ڪيو آهي۔۔۔
    ياهو پرسنل اي ميل : 10 منٽ روزانو
    سنڌ سلامت آفيشل اي ميل : 15 منٽ روزانو
    پرسنل جي ميل : 5 منٽ روزانو
    زين فورو سپورٽ : 15 منٽ روزانو
    فيس بوڪ : 30 منٽ روزانو

    جيئن ئي مقرر وقت پورو ٿيندو توهان جي مطلوبا سائيٽ توهان لاءِ بلاڪ ٿي ويندي۔۔ جي توهان بار بار کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته برائوزر طرفان توهان کي دڙڪا ڏنل لفظ ظاهر ٿيندا۔۔ ۽ توهان کي نصيحت ڪئي ويندي ته ڪجهه وقت گهر ۾ موجود فيملي کي ڏيو۔۔


    جيڪي دوست گوگل جو ڪروم برائوزر استعمال ڪري رهيا آهن اهي ايڪسٽينشن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪن۔۔
    جيڪي دوست فائرفاڪس استعمال ڪري رهيا آهن اهي به مايوس نه ٿين جو انهن لاءِ لڳ ڀڳ ساڳي قسم جو حاضر آهي ليچ بلاڪ ايڪسٽينشن۔۔۔
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا اها ته واهه جي ٻڌايؤ۔ اڳي ئي نثارابڙو جن جو چوڻ آهي ته ڪمپيوٽر ۽ سوشل نيٽ ورڪ جا ويب پيج گهر ۾ پهاڄون ٿيو پون۔ هاڻي انهن پهاڄن جي موجودگي اوهان مخصوص مدت لاءِ ڪري ڇڏي۔​
    پر اوهان جو 15 منٽ زين فورو کي ڏيندؤ ته برائوزر جا دڙڪا الڳ ته ميمبرس جا الڳ هوندا ته انتظاميه کي اٿارڻ لاءِ مڱڻهارن جو ٽولو گهُرايون۔ پر لڳي ٿو ذيشان رشيد برائوزر ۽ ميمبرس جا دڙڪا سهڻ لاءِ تيار آهي پر ”هُن“ جا نه جنهن جي ڪري اهي وقت جا پهرا لڳايا اٿس۔​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀلو ڪيو اٿو ۔۔۔۔۔۔ پر يار پاڻ کان اهو ڪونه پڄندو ۔۔۔۔۔

    اسان جو شيڊيول پنهنجي حساب ڪتاب سان پيو هلي۔ جڏهن دل چيو ته ويٺاسين، دل چيو ته اٿياسين ۽ دوستن سان ڪچهري يا گهر روانا ٿياسين۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 جون 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ٽائيم جي پابندي ٿئي ڪونه ٿي يار...........................
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو