سنڌي ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ اسيمبلي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    ڪٿي مون پڙهيو هو ته سٺي ۽ ڪارائتي عمل جي حمايت نه ڪرڻ به غلط ۽ بي ڪار ڪم کي وڌاءُ ڏيڻ جي برابر هوندو آهي ...

    ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل سنڌ جي وزير اعلا سنڌي ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جو ڪو هڪ ڏينهن مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اهو عمل سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي ان ڏينهن کي قانوني حيثيت ڏني ويندي ...

    سنڌ اسيمبليءَ جو اهو عمل ائين ٿيندو جيئن بي هوش ماڻهونءَ جي منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻجن..

    سنڌ اسيمبلي گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مفاد ۾ ڪو خاص ڪم ڪري ناهي سگهي، سنڌ جا حڪمران سنڌ کي بک بدحالي، لاقانونيت ۽ انڌا اونڌا ويڄ ڪري سنڌي قوم کي ڏکائيندا رهيا آهن ۽ مرض وڌائيندا رهيا آهن ...

    آءُ سنڌ اسيمبليءَ پاران منظور ٿيل سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي مقرر ڪيل تاريخ جي آجيان ڪندس، ڇاڪاڻ اهو سٺو عمل هوندو.

    جڏهن ته اهو ڪم سڀني قومي تنظمين ۽ حب الوطن دوستن کي گڏجي سڏجي ڪرڻو هيو پر افسوس جو ڪيترن سڄاڻ دوستن جي واويلا جي باوجود ڪا به تنظيم ان ڏس ۾ اڳتي وڌي نه سگهي ۽ وري به شابس هجي سنڌي ميڊيا وارن کي جن سنڌي ثقافتي ڏڻ ملهائي پاڻ سرخرو ڪيو آهي.

    سنڌي ثقافت ڏڻ ملهائڻ سان سنڌ جي ثقافت اڻ ڳڻيا فائدا پون ٿا.

    1. سنڌ جي ثقافت ڏيهان ڏيهه مشهور ٿئي ٿي.
    2. سنڌ جي ثقافت جي ڏينهن ملهائڻ سبب حب الوطنيءَ ۾ واڌارو ٿئي ٿو.
    3. سنڌ جي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سبب اسانجي اولاد کي قوم جي لئه ڪجهه ڪرڻ جو جذبو پئدا ٿئي ٿو.
    4. سنڌ جي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سبب سنڌ جي ثقافت جا اهڃاڻ، جيئن ٽوپي، اجرڪ، ڪاشي، جنڊي ۽ ٻيون شيون عام جام ٿين ٿيون ۽ اها صنعت ترقي ڪري ٿي. جنهن سبب ڪيترا ئي سنڌي ماڻهون روزگار سان لڳن ٿا ...
    5. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌ دوستن کي گڏجڻ جو موقعو عطا ٿئي ٿو ۽ سنڌي ٽوپي اجرڪ سان سنورجڻ جو ڏينهن ملي ٿو.
    6. سنڌي قومي شاعري ۽ قومي گيتن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿئي ٿي.
    وغيره وغيره وغيره
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام خوشي جي خبر آهي جيڪڏهن اهڙي قرارداد منظور ڪئي وڃي ٿي ته مان سمجهندس ته سنڌ جي انهن حڪمرانن سنڌ ڌرتي جو ٿڃ نڀايو آهي، هونئن ته سنڌ کي انهن سدائين سورن ۾ وڌو آهي پر شل هي ڪم ڪيون وڃن ته ڄڻ پنهنجي لڄ بچائي ويا نه ته سنڌ ڪڏهن به کين معاف نه ڪري ها، ۽ اهوڪم اڳ ئي ٿيڻ گهرجي ها بقول اوهان جي ته اسان جي سڄاڻ ڌرين کي گڏيل اجلاس ڪوٺائي هڪ ئي ڏينهن مقرر ڪيو وڃي ها پر افسوس جي ائين نه ٿي سگهيو آهي پر هاڻ به وقت ويو ڪونهي اڃان شروعات آهي بس هي ئي مهل آهي ته هڪ خاص ڏينهن مقرر ڪيو وڃي ته جئين اسان جي ايندڙ نسل کي اهو ڏينهن ذهن ۾ نقش ٿي وڃي، جئين ته موجوده جيڪي به ڏينهن ملهائجي رهيا هئا صرف ڪاوش يا ڪي ٽي اين وارن طرفان اعلان جي اوسيئڙي ۾ رهندا هئا سين ته ڪڏهن اعلان ڪيو ويندو ۽ اهو ڏينهن ملهائبو پر جڏهن ته هاڻ هر هڪ سنڌي ڏيهه توڙي پرڏيهه ان ڏينهن کي عيد جو ڏينهن سمجهي انتظار ڪري ٿو ته ان لا هڪ ڏينهن مخصوص ڪيو وڃي ته هر هڪ پنهنجي وس آهر تياري جلد مڪمل ڪري سگهندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته جيڪي اسان جا سنڌي ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا اهي به ان تاريخ تي موڪلون ڪرائي اچن ۽ پنهنجي گهر ڀاتين سان پنهنجي ماڳ ۾ هي ڏهاڙو ملهائن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو