ابراهيم شاهه واڙي وارو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو
    (ٻاروتڻ کان هاڪ ٻڌندو هئس.نئين آباد (کڏي)مان منهنجا مائٽ لاري ڀري ويندا هئا ۽ پوءِ شاهه بندر وٽان ٻيڙين تي ڇڙهي مراد/سکا ڏئي موٽي ايندا هئا.ٻاروتڻ ۾ هڪ ڀيرو مان پنهنجي ماءُ سان ويو هئس پوءِ سال گذري ويا نه وڃي سگهيس،هن جي هاڪ جيڪا منهنجي من تي ڇانيل هئي، اها اڄ ڏينهن تائين واسو ڪري ويٺل آهي.هڪ لڱا مان ۽ منهنجو يار جيدي سنڀري نڪتاسين، اتي پهچي سمونڊ سان سنگت ويتر پڪي ۽ پختي ٿي وئي.ايئن هاڻي هر سال مان ۽ منهنجو يار جيدي هتي ويندا آهيون..مون کي هن تي لکڻ جو ڏاڍو اشتياق هو ۽ آهي ٺوس کوجنا به ڪئي پر مان چاهيان ٿو ته هن تي رزميه انداز ۾ نه پر نيوز فيچر اسٽائيل ۾ لکان.جيستائين منهنجي اها ڪاوش ڪوشش ۾ تبديل ٿئي تنهن کان اڳ مان چاهيان ٿو ته هن بابت جيڪا ڄاڻ سنڌيانا انسائيڪلو پيڊيا وارن ڏني آهي،اها توهان سان ونڊ ڪيان ؛معصوم)
    سنڌ جي ڊيلٽا ۾ اوڀر طرف سير کاريءَ جي ويجهو هڪ ٻيٽاريءَ تي هر سال هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي. ٻيٽ تي جنهن بزرگ جي مزار آهي، تنهن کي ’ابراهيم شاهه واڙيءَ واري‘ جي نالي سان شهرت حاصل آهي. هن ميلي ۾ سنڌ، ڪڇ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنڌين ۽ کارين تي رهندڙ مهاڻا لازمي طور شريڪ ٿيندا آهن. هيءُ سامونڊي مهاڻن جو وڏي ۾ وڏو ميلو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن جاري رهندو آهي. هن موقعي تي هوڙهن جا مالڪ پنهنجن پنهنجن پتڻن ۽ بندرگاهن تان ٻيڙا ڪاهي، ابراهيم شاهه واڙيءَ واري جي سلامي ڀرڻ ويندا آهن. ٻيڙا رنگارنگي جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريا ويندا آهن ۽ عورتون، ٻار، جوان ۽ پوڙها دهلن دمامن سان ٻيڙين تي سوار ٿيندا آهن. ڪي باسون باسڻ لاءِ نڪرندا ته ڪي مرادون پوريون ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ چادرون (پَڙُ) کڻي ايندا آهن. هيءُ ميلو هر سال مارچ اپريل ڌاري لڳندو آهي. مهاڻن جو عقيدو آهي ته جيڪو مهاڻو هن ميلي ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽’بادشاههابراهيم شاهه جي حاضري نه ڀريندو، اُهو ايندڙ سال مڇيءَ جي شڪار کان محروم ٿي ويندو، بيماريون ڏسندو يا جوکم ۾ پوندو. ابراهيم شاهه جي ميلي جي موقعي تي زيارتي، ابراهيم حيدري، لٽ بستي، ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ، جنگي سر، ڳاڙهي يا شاهه بندر وٽان ڪنهن به هوڙهي تي چڙهي وڃن ته ٻيڙياتا پنهنجي روايت موجب ڀاڙو نه وٺندا آهن. سخي ابراهيم تائين اوٽ موٽ ٻه ڏينهن لڳي ويندا آهن.
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Lutif Jokhio

    Lutif Jokhio
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2014
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪانسل ٽيبل سنڌ پوليس
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو
    الله توهان كي توفيق دي ادا معصوم منهنجي كوشش اهي ته مان به زيارت كريان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا معصوم سنڌي ابراهيم شاھ واڙي واري رحمت الله عليه جو مختصر تعارف اگر ممڪن هجي ته ڪرائيندا ته ڪهڙي صدي عيسوي جو بزرگ آهي ۽ ڪنهنجو پوئلڳ هيو ، خلافت ڪنهن بزرگ کان حاصل ڪيائين وغيره يعني مختصر سوانح حيات لکندا ، جزاڪم الله خير
     
  4. mahfozranjhani

    mahfozranjhani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2015
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمنت نوڪري
    ماڳ:
    موسميات ڪراجي
    ادا هاڻي هوڙهي وارا ڪرايو وٽندا آهن .اتي جو مجاور صرف ايترو بداءي ٿو ت جڊهن شاهبندر آباد شهر کان ابراهيم شاه تاءين بازار هوندي هءي ان م 250 رڳو کير ماوي جا دڪان هوندا هءا .شاهبندر کان 4 ڪلاڪ هوڙهو وٽندو آهي 100 رپيا ڪرايو هو 2015 ماي جيڪو 19 دسمبر کان 24 دسمبر تاھين ميلو هو هتي جت قوم جا مريد کھڻا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو