لاش پويان ڊوڙندڙ منهنجي سنڌ

'راءِ شماري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    لاشن پويان ڊوڙندڙ منهنجي سنڌ
    معصوم سنڌي
    گهڻا سال اڳ جڏهن آئون سانڀر ۾ نه هئس، تڏهن سياست جي کيتر ۾ رڻ گجيو راڙو ٿيو هو.منهنجي ديس جي اتهاس مون کي ٻڌائي ٿي ته تڏهن شعور کي ٻه ٽنگو ٻڌو ويو.قلم کي قيد ۽ سنڌ سان سنيهه ڪندڙ سنگهرن ۾ سوگها ڪيا ويا.
    هي 70 ۽ 78 وارو عرصو هو، منهنجو ديس روئي رهيو هو ۽ ان کي پرچائڻ وارا پنهوار پرانهين پنڌ تي هئا تڏهن تبديليءَ جي تيلي ٻاريندڙن جا هٿ ڪڙولن ۾ قابو هئا
    ۽ پوءِ هڪ لڱا منهنجي ديس کي روز ماريندڙ پاڻ سازشن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو ۽ هڪ صبح جو منهنجي ڪنين اهو اطلاع پيو ته ”ڦاسي جي جهولي تي هن کي ننڊ اچي وئي“
    رات پيٽ ۾ هو هيرو ٿي ويو، تڏهن سنڌيت مون کي مرگهي ورتل محسوس نه ٿي هئي ڇاڪاڻ ته مان اڃا شعور جي ماٿريءَ تي نه پڳو هئس پر مون پنهنجي ماءٌ جي واتان ئي ٻاروتڻ ۾ ٻڌو هو ته ”هو سنڌ ۽ سنڌيت جو سڄڻ نه پر ڀڄڻ آهي“
    پوءِ جڏهن شعور پختو ٿيو، حقيقتن سان شناسائي ٿي ۽ آگاهي ملڻ دوران اها بصيرتي بشارت به ملي ته ”هو اسان مان نه هو ۽ نه آهي“
    تڏهن ڌرتيءَ جي شاعر اياز منهنجي رهنمائي ڪئي ته:
    ”جو ڪو نه ڪٺو، سو نه اسان جي ڪڙم مان“
    وقت واپاري آهي، جيڪو سڀني جي ڦند ڦير کي ڀلي ڀت ڄاڻي سڃاڻي ٿو، جن کي زماني جي ماڻهن سورمو ڪري سامهون آندو، ان نه سنڌ جي آندولن ۾ حصو ورتو هو ۽ نه وري سنڌيت جو مان مٿانهون رکيو هو، هو ته اهو ئي هو جنهن منهنجي ٻاٻاڻي ٻوليءَ کي پنجن صوبن (تڏهوڪي بنگال سوڌو )مان تڙي سنڌ تائين ڪننڊائتو ڪري ڇڏيو هو.
    سنڌ جي اتهاس جو اهو ڪرب ڪيڏو نه ايذائيندڙ آهي، جنهن ساعت منهنجي ديس جي پنهوارن کان ٻاٻاڻي ٻولي کسي وئي
    اتهاس گواهي ڏي ٿي ته:جنرل ٽڪا خان جو موڀي پٽ سنڌي سبجيڪٽ ۾ ناپاس ٿيو تڏهن ٽڪا خان هُج ڪندي ”هن“ کي چيو ”هي ڪهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ منهنجو پٽ ناپاس ٿيو آهي، نه کپي اهڙي ٻولي“
    ٽڪا خان جي هڪ پٽ جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ منهنجي ديس جي ڪروڙين سنڌين جو آئيندو هڪ ساعت جي سٽ ۾ ”هن“ اونداهو ڪري ڇڏيو.
    فيض جي هڪ نظم جي اها سٽ ”هم جو تاريک راهون مين ماري گئي“ بنهه ان قهري لقاءَ کي ڀانءِ عيان ڪري ٿي.
    هاڻ منهنجي سنڌي ٻولي ڪٿي آهي، اها ته نه جمشيد نسروانجي ۽ حسين هارون جي شهر ۾ آهي ۽ نه وري اتي جتي هوشو مدفون آهي.
    قومن ۽ قبيلن جي مزاج توڙي نفسيات جو اڀياس ڪرڻ بعد مان ان نتيجي تي پهتس ته هي جيڪي سهسين ماڻهو آهن اهي هڙئي هن کي ”هيرو“ ڇو ٿا سمجهن
    هڪ لڱا شام جو نيٽي جيٽي پل وٽان سمونڊ ۾ اکا وجهڻ واري رسم پُنائي گهر ايندي گس تي مون.اهو سوال پنهنجي ماءُ کان پڇيو. جنهن جي جواب مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو، اهو ئي جواب جيڪو مون قومن ۽ قبيلن جي مزاج توڙي نفسيات کي پڙهڻ بعد ذهن ۾ ئي اخذ ڪيو هو.
    ماءُ چيو :
    ٻڌ! اپ-کنڊ جو مزاج ئي نرالو آهي،هتان جو لوڪ ظالم کي به سرخ سلامي ڏي ٿو، اهو ايئن جيئن پرو چانڊيو ڌاڙيل هو، هو ڀل هيٺين طبقي جو هجي پر هن جا ڪرم ڪٺورتا جوڳا آهن، اهي نندڻ جيها آهن، ڌاڙيل يا لوڙائو سڌن لفظن ۾ لٽيرو آهي ۽ لٽيرو پنهنجي جوهر ۾ ظالم سفاڪ ۽ رهزن ٿئي ٿو. پرو جنهن کي سنڌي سماج هڪ طرف ڌاڙيل به ڪوٺي ٿو ساڳئي وقت هن کي اهميت جي حامل به سمجهي ٿو، سو ڇو؟ اهو ئي نقص آهي هن ننڍي کنڊ جي مزاج ۾.پرو چانڊيي ماڻهو اغوا ڪيا، ماڻهو ماريا، انهن مان ٿورا ڪي وڏيرا هجن پر گهڻائي غريبن ۽ ٿوري ٿڪي سڀري طبقي جي هئي، مڙس هجي يا پٽ، پيءُ هجي يا محبوب، اهي آهن ته پنهنجي پنهنجي مائرن جا لال، هاڻ جيڪو مائرن جي گود اجاڙي اهو ڪيئن ٿو چئجي ته هيرو آهي؟ پر معاملو مزاج جو آهي، جڙيل نفسيات جو آهي، اهو مزاج ۽ اها نفسيات، جيڪا لاڳيتي غلام داري واري سماج ۾ اسري جوان ٿي آهي.ايئن ئي هڪ طرف پرو چانڊيو ماڻهو ماريندو وتي ٻئي طرف هن جي ويڙهه جو محور وڏيرن سان، رياست جي گولي جو نشانو بڻيو وڙهندي وڙهندي مارجي ويو. ان ساڳئي پرو چانڊيي جنهن مائرن جي گود اجاڙي ان جي لاش تي ٻاونجاهه هزار اجرڪ پيا، اهي ٻاونجاهه هزار اجرڪ ظاهر آهي ايترن ماڻهن ئي وڌا هوندا بنهه ان ئي تناظر ۾ توهان ”هن“ کي به ڀيٽيو، ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي.اڃا به ”بابو ڊڪيٽ“ کي سامهون رکي راءِ ٺاهيو.
    منهنجي ماءُ چٽو ڪندي چئي ڏنو ته هتي جڏهن ظالم مظلوم بڻجي ويندو آهي ۽ اهو ڏاڍي اڳيان جڏهن آڻ ناهي مڃيندو تڏهن موت کي مهڻو به ناهي سمجهندو ۽ قبولي وٺندو آهي موت، ڏاڍي آڏو آڻ نه مڃڻ ۽ مرڪي موت قبولڻ انهن کي امرتا بخشي ٿي، امرتا جنتا بخشي ٿي، جنتا جنهن کي اسان سادو لوڪ ئي چئون.
    نيٺ:
    مون وٽ نتيجو آڏو هو
    مثال:جنرل ضياءُ الحق آڏو پ پ جي باني چيئرمين آڻ نه مڃي، ڦاهي چڙهي ويو پر گڏوگڏ هيرو ٿي ويو
    ساڳئي وقت سنڌين کان سڀ ڪجهه وسري ويو، اهي گهاو، اها تذليل، اهي عقوبتون، صعوبتون، اهي جاڙ ۽ جبر، جيڪي 70 ۽ 78 ع جي وچ ۾ هنن سان ٿيا، سڀ وساري اهي ”هن“ جي لاش پويان ڊوڙڻ لڳا اها ڊوڙ اڃا تائين هلي پئي.
    . ...
    ....
    .....
    هاڻ هن سال جي آخري ڏينهن ۾ مون ڏٺو ته منهنجو رت ٽهڪي پيو مون ڏٺو منهنجي ديس جي انيڪ ڳوٺن ۾ اڃا تائين بجلي جي فراهمي شروع ناهي ٿي پر ڳڙهي خدا بخش واري درگاهه ۾ 17 بجلي جا ٿنڀا لڳائي سڄي علائقي کي روشن ڪيو ويو.
    مون ڏٺو منهنجي ديس ۾ هن ئي حڪومت ۾ ويٺل هڪ شخص پنهنجي زرعي فارم، فئڪٽرين ۽ هڪ فوجي ڇانوڻي کي بچائڻ لاءِ
    غوث پور ڀرسان ٽوڙي بند کي هٿ سان کنڊ هڻائي سنڌو جو رخ وسندڙ ويڙهن ۽ شهرن ڏانهن ڪري ڇڏيو، ان ٻوڏ جي تباهه ڪاري جا اثر اڄ تائين آهن، ان علائقي ۾ اڃا تائين بحالي وارو ڪم ناهي ٿيو
    پر ڳڙهي خدا بخش واري درگاهه تي 27 ڊسمبر واري ”سياسي شو“ لاءِ رنگ روغن ، مرمتي ڪم، ڀتين جي اڏاوت تي 45 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا.
    منهنجي ديس جي مائرن جا ٻچڙا بک پيا مرن، هزارين گهرن ۾ اٽي جي لپ ناهي پر ڳڙهي خدا بخش جي درگاهه تي 70 لک رپين جي طعام جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو.
    اهو سڀ ڪجهه ڏسي منهنجو روح رت ۾ رتول ٿيو وڃي ٿو
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
    (نوٽ: توهان سڀ پنهنجي راءِ ضرور ونڊ ڪجو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو