ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران سيمينار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊومحمد خان پاران سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ جي موضع تي هڪ مذاڪرو ، مذاڪري ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردياڻين پاران ٽيبلوز ، ٽنڊو محمد شهر جي راڳين پاران راڳ رنگ جي محفل، ان کان علاوه شهر ٽنڊو محمد خان جي هر دلعزيز شخصيت ٻارهن ڪتابن جو ليکڪ محترم ڊاڪٽر انور علي عالماڻي جو خطاب.​

    اکين ڏٺو احوال:​

    ٻه ڏينهن پهرين هڪ ننڍڙي ڇوڪري مونکي هڪڙو لفافو ڏنو جنهن ۾ منهنجو نالو لکيل هو، لفافو کولي ڏٺم ته ان ۾ محترم شبانه امتياز چانڊيو جيڪا ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي روح روان آهي، جي صحيح سان هڪ دعوت نامون هو. جنهن جو عنوان هو“ سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ” ڏٺم ته ان دعوت نامي ۾ 15 نومبر 2009 آچر ڏينهن لکيل هو، دعوت جو ٽائيم ڏينهن جو هڪ وڳي لکيل هو، مزي جي ڳالهه اها هُئي ته اهو مذاڪرو مُنهنجي پاڙي ۾ مُنهنجي گهر کان تقريبن ٻٽن فرلانگن تي هو. واقعي جڏهن انهي پاسي مُنهنجو گذر ٿيندو هو “ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي آفيس واري بورڊ تي مُنهنجي نظر ضرور پوندي هُئي....... باقي انهي آرگنائزيشن جي مول متن يا انهن جي ڪنهن تقريب جي مونکي ڪا خبر ڪانه هُئي. هن دفعي سوچيم ته خبر ناهي ڪنهن الله جي بندي منهنجو نالو انهيءَ آرگنائيزيشن جي دعوت ۾ شرڪت واسطي ڏئي ڇڏيو...... خير پنهنجي روز مره واري ڊائريءَ ۾ انهي دعوت ۾ ضرور شرڪت ڪرڻ جو لکي ڇڏيم ..... جيئن ته اڄ 15 نومبر 2009 ع تي شهر ۾ شاديءَ جي تقريبات جا چار سڏ هُئا. سڀ جا سڀ شاديءَ وارا سڏ اٽينڊ ڪيم، جڏهن پنهنجي موبائل جي گهڙيءَ ۾ ڏٺم ته ٻنپهرن جا ساڍي ٽي ٿي چُڪا هُئا........ اڙي ...... ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان وارن جو پروگرام شروع ٿي ختم ٿي ويو هوندو. ان هوندي به گهران پنهنجي ڪئمرا کنيم، سوچيم ته الله ڪري ايترو ٽائيم ملي جو سنڌ سلامت لاءِ انهي مذاڪري جا ڪجهه نه ڪجهه فوٽو حاصل ڪري وٺان پر مُنهنجي خوشيءَ جي انتها تڏهن ٿي جڏهن انهي پروگرام جا آرگنائزر اڃان ڪرسيون سيٽ ڪري رهيا هُئا ، چيم يا الله تنهنجا شڪر هاڻي هن پروگرام کي سمورو ڪور ڪري وٺندس...... جيئن ته پروگرام شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه دير هُئي، في الحال اُتي ڪو اهڙو چهرو نظر ڪونه پي آيو جو مونکي سُڃاڻي سگهي، ايتري ۾ پويان شهر ٽنڊو محمد خان جي اسٽيج جي بهترين هدايتڪار ۽ فنڪار اوچتو ڀاڪرن ۾ ڀري چيو ته سائين نثار ڀلي ڪري آيا، مون کيس چيو ته صوفي سلام تون.......... صوفي سلام چيو ته هن پروگرام جا ڪافي ٽيبلا مُنهنجي ڊائريڪشن ۾ ٿي رهيا آهن. ايتري ۾ ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊومحمد خان جي صدر محترمه شبانه امتياز چانڊيو جو گُذر ٿيو، صوفي سلام کيس سڏ ڪري مُنهنجو تعارف ڪرايو ته هي سائين نثار ناز آهي، وڌيڪ مون پنهنجو تعارف ڪرايو ته مان سنڌ سلامت جو ڪارڪن آهيان، اهو مُنهنجي ذمي آهي ته توهان جي پروگرام جو ٽوٽل اکين ڏٺو احوال تصويرن سميت ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪريان،، پاڻ ڏاڍي خوش ٿي بلڪل اڳئين سيٽ تي ويهڻ جي آفر ڪري پاڻ مذاڪري ۾ شرڪت ڪندڙن جي آڌر ڀاءُ ۾ لڳي ويئي، آهستي آهستي سمورو پنڊال عورتن ۽ مردن سميت ڀرجڻ لڳو، ايتري ۾ ڏٺم ته شهر ٽنڊو محمد خان جي هر دلعزيز شخصيت ڊاڪٽر محمد انور عالماڻي جنهن پنهنجا ٻارهن ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جنهن ٽنڊو محمد خان جي سڀ کان بهترين اسڪول دارالعلوم هائي اسڪول جو بنياد وڌو اهو مُنهنجي طرف اچي رهيو هو. جيئن ته ڊاڪٽر صاحب سان نياز مندي رهي آهي، دعا سلام کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب مُنهنجي پاسي ۾ صوفي واري سيٽ تي ويهي رهيو. ايتري ۾ محترمه شبانه امتياز چانڊيو پاڻ اچي ڊاڪٽر انور عالماڻيءَ جو آڌر ڀاءُ ڪيو...... ڏٺم ته سامهون اسٽيج تي صوفي سلام ظاهر ٿيو، جنهن اچي چيو ته توهان جي انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ واريون آهن، ان هڪڙي اسڪول جي نياڻي دُعا جو نالو ورتو جنهن قرآن پاڪ پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي،ان کان پوءِ نعت مقبول حضور اڪرم ﷺ پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪڙي معصوم سنڌي نياڻي شفا آئي. تنهن نياڻي تمام خوبصورت انداز سان نعت رسول مقبول ﷺ ٻُڌائي ماڻهن کي سُبحان الله چوڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هڪڙو ٽيبلو، ته نياڻيون تعليم حاصل ضرور حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون پر معاشري جا ڪئين ڪردار کين پڙهائي کان روڪين ٿا......... جنهن ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي معصوم سنڌي نياڻين نهايت ئي خوبصورتيءَ سان پنهنجا پنهنجا ڪردار ادا ڪيا، جڏهن هڪ نياڻي اهو چيو ته اي منهنجي جيجل امان مان پڙهڻ ٿي چاهيان ، منهنجو ڪتاب نه ڦريو مونکان، مان اسڪول وڃڻ ٿي چاهيان، منهنجو قلم نه ڦريو مونکان، او بابا مونکي اسڪول وڃڻ کان نه روڪيو، هن مذاڪري ۾ شريڪ هر عورت توڻي مرد دل کولي تاڙي وڄائي ان سنڌي نياڻي کي داد ڏني ۽ شاباس ڏني. ان کان پوءِ محترمه شبانه امتياز چانڊيو صاحبه پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ چيو ته عورت هر دور ۾ ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار رهي آهي، عورت هر دور ۾ هڪ پُتلي جيان يا وري روبوٽ جيان هلندي رهي آهي، ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن سنڌ جي انهي نماڻي عورتن جي حقن جي ترجماني ڪرڻ آئي آهي... هي آرگنائيزيشن ڪا سياسي جماعت ڪونهي....هن آرگنائيزيشن جو مقصد صرف هي آهي، ته عورتن جي ذهني ، فني ۽ فڪري تربيت ڪئي وڃي انهيءَ سلسلي ۾ ناري آرگنائزيشن وارن مختلفن ڪيٽيگرين ۾ تعليمي مرڪز، سلائي ڪڙهائي جا فني مرڪز، ۽ بوتيڪ ٽائپ جا مرڪز ٽنڊو محمد خان ۾ شروع ڪيا آهن، جنهن ۾ هن شهر جون غريب عورتون حصو وٺي بُري ۽ ڀلي جي تميز ڪري سگهن ٿيون.... ان سلسلي ۾ هُن شهر جي مردن ۽ عورتن کان برابري جي بنياد تي انهي ڪار خير ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي....... ان کان پوءِ سڏ ڪيو ويو جناب غفار ملڪ چئيرمين سنڌ ڊولپمنٽ کي جيڪو نوابشاهه کان هن مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مهمان خاص جي حيثيت ۾ اتي آيو هو، ان پنهنجي فڪر انگيز تقرير ڪندي چيو ته دنيا جون ٻيون قومون پنهنجي ترقيءَ جي آخري سيڙهي به پار ڪري رهيون آهن پر اسان جي قوم خاص ڪري اسان جي سنڌي قوم اڃان تائين ڍڳو پير پيران واري ڳالهه تي عمل پيرا آهي...... مين پڙين ، گهٽڪن ،، گارگند، پنهنجي عورتن کي مارڪٽ واري مڪروهه ۽ گندي عمل کان پاڻ کي بچائي ڪونه سگهي آهي......هُن چيو ته اهي گندگي ڦهيلائڻ وارا ٿورا آهن پر انهن جي باز پُرسي ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي......... جنهن قوم ۾ پنهنجي پاڻ ۾ بدلجڻ جي طاقت ڪانه هوندي آهي ته قدرت به انهن تي مهربان ڪانه ٿيندي....... ان کانپوءِ هن تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ هڪ خاتون جنهن جو نالو شايد محترمه سيما منصور خاصخيلي هو . ان کي تقرير ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايو ويو....... جنهن پنهنجي نهايت ئي جذباتي تقرير ۾ چيو ته پاڪستان ساري دنيا ۾ بُري نظر سان ڏٺو ٿو وڃي صرف ان ڪري جو هتي جو هرڪو ماڻهو چپٽي وڄائي امير بڻجڻ جا خواب ٿو ڏسي، هتي جي عورت پنهنجي پاڻ کي بدلڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ٿي ڪري.... اسان کي عهد ڪرڻو پوندو ته پنهنجي هن صدين جي ستايل معاشري کي پنهنجي هڙان وڙان سُڌارينداسين، سنڌ جي هر گهٽي کي گلاب جي گُلن سان ڀري ڇڏينداسين. ڊاڪٽر محترم انور علي عالماڻي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته بظاهر عورت نظر ايندڙ محترمه شبانه امتياز چانڊيو هي زبردست فنڪشن ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته هن بدڪردار معاشري ۾ وڏي دل ڪري هلي سگهجي ٿو..... مردن جي شانه بشانه هلي ڪري پنهنجي جدوجهد کي برقرار ۽ جاري رکي سگهجي ٿو. هن هر طرح سان ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊومحمدخان سان سهڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو....... ان کان پوءِ مختلف قسم جا راڳ رنگ هلندا رهيا، عورتن ۽ مردن دل کولي سڀني فنڪارن کي تاڙيون وڄائي داد ڏنو آخر ۾ سڀني مهمانن جو ريفريشمينٽ سان خاطر تواضع ڪئي وئي... باقي پيش آهن انهي خوبصورت پروگرام جون کوڙ ساريون تصويرون. توهان کي اهو ٻُڌائيندو هلان ته اسان جو دوست عبدالغفور سمون جنهن وٽ پنهنجي هينڊي ڪئم آهي سو اچي نه سگهيو ڇاڪاڻ ته پاڻ هڪ شاديءَ جي تقريب ۾ ڪراچي ويل هو. نه ته سنڌ سلامت اسٽوڊيو تان هن دلڪش ۽ رنگا رنگي تقريب جا ڪافي سارا وڊيو توهان کي ڏسڻ لاءِ ضرور ملن ها. ان هوندي به هن جهوني يعني نثار ناز جيڪا سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ واسطي فوٽو ڪڍڻ جي محنت ڪئي آهي ان بابت پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪجو.............. نوٽ هي شيئرنگ پروگرام جي ختم ٿيڻ جي ٺيڪ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ پوسٽ ڪري رهيو آهيان
    توهان جو دعاڳو
    نثاراحمدناز

    ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊومحمدخان جو بينر​


    [​IMG]

    محترمه شبانه امتياز چانڊيو آجياڻي تقرير ڪري رهي آهي​


    [​IMG]



    محترم غفار ملڪ چئرمين سنڌ ڊولپمينٽ تقرير ڪري رهيو آهي​


    [​IMG]

    محترمه سيما منصور خاصخيلي تقرير ڪري رهي آهي​


    [​IMG]

    محترم ڊاڪٽر انور علي عالماڻي تقرير ڪري رهيو آهي​


    [​IMG]

    محمد اسحاق سولنگي هڪ اين جو اوز جو نمائندو

    [​IMG]

    هڪ سنڌي نياڻي نعت شريف پڙهي رهي آهي


    [​IMG]

    مذاڪري ۾ شريڪ ٿيندڙ هڪ ناري خوشيءَ مان جهومي رهي آهي​


    [​IMG]

    هڪ ٻي ناري پڻ پنهنجي خوشي جو اضهار ڪري رهي آهي​


    [​IMG]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي مذاڪري ۾ شريڪ ٿيندڙن جون ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    محترمه شبانه امتياز چانڊيو ڊاڪٽر انور علي عالماڻي صاحب جن کي اجرڪ جو تحفو پارائي رهي آهي​


    [​IMG]

    هڪ آرگنائيزر محترم غفار ملڪ کي اجرڪ جو تحفو پارائي رهيو آهي​


    [​IMG]

    اسان جي سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر ڌرتي ٽي وي جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر سيد غلام علي شاهه پنهنجي دوست سنڌ ٽي وي جي ڪئمرا مين جسڪاڻي سان هن مذاڪري ۾ پنهنجون پروفيشنل ذميواريون ادا ڪندي​


    [​IMG]

    ٽنڊو محمد خان شهر جو نوجوان اسٽيج آرٽسٽ مشتاق ابڙو پنهنجي ڪردار نڀائي رهيو آهي​


    [​IMG]

    مذاڪري ۾ شريڪ ٿيندڙ ناريون​


    [​IMG]

    سنڌي شاگردياڻيون ٽيبلو پيش ڪري رهيون آهن


    [​IMG]

    ڪجهه وڌيڪ سنڌي شاگرد نياڻين جون تصويرون​


    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ا

    ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان واري فنڪشن جو ڪجهه زياده تصويرون۔​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين تمام بهترين ونڊ آهي، سنڌ سلامت جي اڱڻ جي لاءِ روز توهان نيون تخليقون ڪيو پيا، مهرباني
     
  5. غلام علي شاهه

    غلام علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I m Cameraman in KTN News
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
  6. غلام علي شاهه

    غلام علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I m Cameraman in KTN News
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
    سائين توهان تمام بهترين لکيو آهي. پروگرام جي حوالي سان اسان ان پروگرام جي جيڪڏهن ته خبر ٺاهيون هئا. ته صرف اڌ صفحو لکون هئا. پر توهان پورو اکين ڏٺو احوالي لکيو آهي. تمام بهترين لکيو آهي. ۽ منهجو فوٽو اٽيچ ڪرڻ لا۽ وڏي مهرباني توهان جا لک لائق. ۽ رهيو سوال وڊيو جو ته اها انشاءٌالله اڄ رات تائين يا سڀاڻي تائين آئون پاڻ اپلوڊ ڪري ڇڏيندس. مهرباني
     
  7. غلام علي شاهه

    غلام علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I m Cameraman in KTN News
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
    سائين هڪڙي ٻي وضاحت ڪندو هلان ته آئون هاڻي ، ڌرتي ٽي وي جو رپورٽر نه رهيو آهيان. ۽ هيئنر آئون صرف ڪي ٽي اين نيوز جو ڪيمرامين آهيان.
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا ڄامشورائي:

    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
    ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا​
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم سائين

    سائين توهان جي شيئرنگ هيمشه اهڙي ئي جاندار رهي آهي اهڙي بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

    سدائين گڏ
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني پُٽ غلام علي شاه: شال جُڙيو هُجين۔ شڪر الحمد الله هڪڙي نوجوان سو به ڪي ٽي اين نيوز جي ڪيمرا مين هن جهوني جي غريباڻي اکين ڏٺي احوال کي بهترين چيو۔۔۔۔۔۔۔۔مٺا جيڪڏهن تو نه انهي خوبصورت پروگرام جو وڊيو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان دنيا جي سموري سنڌين سان ونڊ ڪيو، آئون سمجهندس ته سيد غلام علي شاهه سنڌ سلامت جي ميمبر هُئڻ جو حق نهايت ئي پيار سان ادا ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ها تو پنهنجي اڳوڻي ڪنهن پوسٽ ۾ خود تحرير ڪيو هو ته تون ڌرتي ٽي وي جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيو آهين۔۔۔۔۔۔ خير تُنهنجي وضاحت ته هاڻي تون پنهنجون ذميواريون ڪي ٽي اين نيوز جي ڪيمرا مين طور سرانجام ڏئي رهيو آهين به مُنهنجي پر اسان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن جي اکين تي۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا وحيد ڦلپوٽا۔ شال مهڪندو مسڪرائيندو رهين سنڌ جي گلابي گُلن وانگر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔دوست مون مسڪين جي شيئرنگ ڪڏهن به جاندار نه هُجي ها جيڪڏهن توهان جهڙا مٺا دوست شاندار نه هُجن ها۔۔۔۔۔ توهان جي همت افزائي سدائين منهنجي شامل حال رهي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڃا به توهان مٺن ماڻهن کان اها آس ۽ اُميد اٿم ته مون مسڪين تي اهڙيون ڪرم نوازيون ڪندا رهندا۔۔۔۔۔۔۔۔ شال خوش هُجين فقير ۔۔۔۔۔۔۔۔(آمين)
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اوهان جون ڪوششون ساراه جون مستحق آهن الله اوهان کي خوش ڪري لڳي ٿا اوهان اڃا پوڙها نه ٿيا آهيو
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ به سنڌ جي ڏورانهن حصن ۾ عورت کي اهو مقام جيڪو اسان جو مذهب، معاشرو ۽ اخلاقي روايتون ٻڌائين ٿيون حاصل نه آهي ۔۔۔۔ اڄ به عورت کي راڄوڻي فيصلن ۾ ڏنڊ ۾ ڏيڻ جهڙا ڪڌا فيصلا ٿي رهيا آهن۔۔۔ عورت سان زبردستي ۽ ڏاڍ جون وارداتون اڄ به ڪالهه وانگر جاري آهن۔۔۔۔
    اهڙي دور ۾ ناري ڊويلپمينٽ آرگنائزيشن ڪنهن چراغ جي روشني مثل آهي۔۔۔ پر ڇا اهڙيون جماعتون اڳتي وڌي سگهنديون ۔۔۔ ؟ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته لوڪل آرگنائيزيشن يا ته ڪجهه ڏينهن جي جزباتي احساسن کان پوءِ ختم ٿيو وڃن يا وري ڪو انهن کي پنهنجي مفاد طور استعمال ڪري اصل مقصد کان ڪافي ڏور ڪري ڇڏي۔۔۔۔
    اسان جي دعا آهي ته اها چڻنگ جاري رهي جنهن جي روشني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي۔۔۔ آمين
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي مذاڪري جون تصويرون اڃان به آهن

    ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جون ڪجهه ڪارڪن عورتون پنهنجا خاڪا پيش ڪندي​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ٻارڙا ته ساري پروگرام جِي سُونهن هُئا​

    [​IMG]

    ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊومحمد خان جي هن پروگرام ۾ وڌ کان وڌ شهر جون ناريون شريڪ آهن
    [​IMG]

    ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي سڏ تي اچي شهر جي مردن به شريڪ ٿي پنهنجو پاڻ ملهايو​


    [​IMG]

    محترم غفار ملڪ ۽ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي سڏ تي شريڪ ٿي ڪنهن اونهي ويچار ۾


    [​IMG]

    ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي سيمينار ۾ شريڪ ٿيل خواتين ۽ مردن جو پري کان ورتل مشترڪه تصوير​


    [​IMG]

    ٻه جاکوڙي ڪردار محترمه شبانه امتياز ۽ ادا فيض محمد سولنگي​


    [​IMG]

    سلسلو جاري آهي
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊومحمدخان جي سيمينار ۾ اسٽيج هدايتڪار ۽ اداڪار صوفي سلام پنهنجا جوڪ ٻُڌائي رهيو آهي[/CENTER]
    [CENTER[​IMG]][/CENTER]

    هڪ ٻيو اسٽيج اداڪار راجه امام الدين سيمينار ۾ گيت ڳائي رهيو آهي​


    [​IMG]

    شهر ٽنڊو محمد خان جو بهترين راڳي منظور ساگر بروهي ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي سڏ تي نغمه گو آهي

    [​IMG]

    آخر ۾ محترمه شبانه امتياز چانڊيو پاران سڀني مهمانن جي شڪريه ادائگي​

    [​IMG]
    ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جون سڀئي تصويرون توهان سان شيئر ڪيم مهرباني دوستو​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو